مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌي ڊراما، جهالت ۽ ڪوانٽم فزڪس؟

Oshaq Ali Buledi ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

تعليم: بي.ايس.اِي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دنيا الائي ڪٿي وڃي پهتي آهي! اڄ جا عالمي ڊراما لکندڙ مصنوعي ذھانت (AI)، ڪوانٽم فزڪس، چنڊ تي وسندڙ انساني آبادين ۽ ڪائنات جي اسرارن تي شاهڪار تخليقون پيش ڪري رهيا آهن. ترڪي ۽ ڪوريا جا ليکڪ پنهنجي قديم تاريخ، شاندار فلسفي ۽ سائنس کي ملائي اهڙيون ته جاندار ۽ تخليقي ڪهاڻيون لکي رھيا آهن جو ڏسندڙ عقل جي نئين دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، پر هتان جڏهن اسان پنهنجي ٽي وي چئنلن جو ريموٽ کڻي اسڪرين ڏانهن نهاريندا آهيون ته ائين لڳندو آهي جيئن سائنس، فلسفو ۽ ادب اسان جي سرحد تان ئي يوٽرن وٺي واپس هليا ويا هجن! اسان جي سنڌي ڊرامي جو بنيادي فلسفو باقي دنيا کان صفا ابتو آهي. دنيا وارا پنهنجي تحقيقي ليبارٽرين، درٻارن ۽ خلا جي اڻانگين واٽن مان ڪهاڻيون ڳولهيندا آهن ۽ اسان وٽ؟ اسان وٽ شاهڪار تخليق ڪرڻ لاءِ سدا حيات پليٽ فارم آهي: “ڪارو ڪاري، جهالت، ننڍپڻ جي شادي، ذاتي جھگڙا ۽ جُنگ جبلن جا ڪارناما!”
جڏهن به ڪو نئون سنڌي ڊرامو شروع ٿيندو آهي ته هر باشعور ڏسندڙ جي دل ۾ هڪ اميد چمڪندي آهي ته شايد هن ڀيري ڪو ليکڪ پنهنجي قلم کي زنگ مان آزاد ڪرائي، ڪو سائنسدان، مفڪر يا گهٽ ۾ گهٽ ڪو باهمت پڙهيل لکيل استاد ڪردار طور پيش ڪندو، پر اسڪرين تي پهريون منظر ڇا ٿو کلي؟ ٻه موالي، ڳوٺ جي وڏيري جي اوطاق جي ٻاهران ڪاتي يا بندوق هٿ ۾ جھلي خوني نظرن سان بيٺا آهن. ڊرامي جو پهريون شاهڪار جملو ئي اهو هوندو: “اڄ ته مان هن کي ڪارو ڪري ماريندس!” بس! اهائي آهي اسان جي ڊرامي جي ڪل “تخليقيت!” اسان جي ڊراما نويسن جو وڏي ۾ وڏو فلسفو اهو آهي ته جيستائين هر قسط ۾ ٻن ننڍن ٻارن جي شاديءَ جو جھڳڙو نه ٺهي، تيستائين قسط جو وقت ئي پورو نٿو ٿئي. جيڪڏهن انهن جڳ جي دانائن کان پڇجي ته بابا! ٿورڙو آرٽ، ادب يا سائنسي سوچ بابت به لکو ته اهي بصيرت وارا حيران ٿي جواب ڏيندا: “ادا! سائنس ۽ ادب سان ٽيليويزن چئنل جي TRP ٿوري نه ملندي! TRP ته ان وقت ملندي جڏهن اوطاق مان چار پسٽل ۽ هڪ ديسي بم هلي!”
هڪ پاسي ناسا جا سائنسدان مريخ جي مٽيءَ مان آڪسيجن ٺاهڻ جا تجربا پيا ڪن ۽ ٻئي پاسي اسان جي سنڌي ڊرامي جو خان بهادر وڏيرو پنهنجي ئي ڀائٽي کي ڌمڪائي رهيو آهي: “جيڪڏهن تون ننڍي ڄائيءَ سان شادي نه ڪندين ته مان تنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار پٽائي ڇڏيندس!” هي آهي اسان جي ادبي سوچ جو معراج!
جيڪڏهن اڄ بوعلي سينا، علامه اقبال يا شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جا هي ڊراما ڏسن ته اهي به سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا ته جنهن ڌرتيءَ علم، عقل ۽ عالمگير لطافت جو درس ڏنو هو، ان جي ميڊيا تي “سائين وڏيرو” ئي جج بڻجي پنهنجو قانون به هلائيندو ۽ پنهنجو فلسفو به! اسان جي ڊرامن جا ڪردار به صفا اڻلڀ قسم جا آهن. هيرو اهو هوندو جنهن جي ڪلهي تي هميشه ڪلاشنڪوف لٽڪيل هوندي ۽ هيروئن اها هوندي جنهن جو پورو ڪم صرف هر قسط ۾ چار دفعا روئڻ ۽ پنهنجي ظالم گھر وارن جي دڙڪن تي خاموشيءَ سان مٿو جهڪائڻ هوندو. سائنسي گيجٽ ته پري جي ڳالهه آهي، اسان وٽ اهڙو مظاهرو به نٿو ٿئي جو ڪو ڪردار سمارٽ فون تي لکيل نياپو ئي پڙهي سگهي. اسان جي ڊرامي جي هيرو لاءِ سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي اها آهي ته هو کٽ جي پائي مان لڪايل پسٽل ڪيئن ٿو نئين انداز سان ٻاهر ڪڍي!
اچو ته هڪ لمحي لاءِ فرض ڪريون؛ جي اسان جو ڪو ليکڪ نئين سوچ جي لپيٽ ۾ اچي چنڊ تي وڃڻ بابت ڪو سائنسي ڊرامو لکي به وٺي ته ان سين جو نقشو ڇا هوندو؟ راڪيٽ خلا ڏانهن وڃي رهيو هوندو ۽ راڪيٽ جي اندر ويٺل سنڌي سائنسدان پنهنجي اسسٽنٽ کي چوندو: “سائين! جنهن چنڊ تي اسان وڃون پيا، اتي اسان جي ڏاڏي جي زمين تي قبضو ٿيل آهي، پهرين اتي هلي قبيلي جي پنچائت ويهارينداسين، پوءِ نئين ريسرچ شروع ڪنداسين!”
توهان ڏسندا ته قبائلي جھيڙا اسان جي قانون سان گڏ اسان جي رائٽرز جي مس ۾ به اهڙا رلي ملي ويا آهن جو اهي چنڊ تي به ويندا ته پنهنجو ذاتي جھيڙو پاڻ سان گڏ کڻي ويندا. تلخ سچائي اها آهي ته ميڊيا سماج جو آئينو هوندو آهي. سنڌ، جنهن جي مٽيءَ مان موهن جي دڙي جي شاندار شهري رٿابندي ۽ بين الاقوامي واپار جنم ورتو، ان جو برقي ميڊيا اڄ جهالت کي گليمرائز (Glamorize) ڪري ڏيکارڻ ۾ پورو آهي. اسان سماج جي برائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊرامو ناهيون ٺاهيندا، بلڪه انهن برائين کي ئي سينگاري پليٽ ۾ سجائي پيش ڪندا آهيون. وقت اچي ويو آهي ته اسان جا تخليقڪار پنهنجي سوچ جو زنگ لاهين. ڪارو ڪاري ۽ ذاتي جھيڙن جي هن دائمي قيد مان نڪري، سنڌي ڊرامي ۾ تخليقي، فلسفي، علم ۽ سائنس جون روشنيون آڻڻيون پونديون. اسان کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته سنڌ جو شعور سَنڍ ناهي ٿيو، پر ان کي صرف هڪ سٺي، جرئتمند ۽ باهمت ليکڪ جي قلم جي ضرورت آهي جو اسڪرين مان خوني منظر نه، پر علم ۽ آگاهيءَ جا موتي نظر اچن! ورنه دنيا اسان جي ڊرامن کي ڏسي مسڪرائيندي ايئن ئي چوندي: “سائين! توهان پنهنجي اوطاقن ۾ ويٺل رهو، دنيا ته چنڊ کان به اڳتي نڪري وئي آهي.”

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو