مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شاعري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جو گيت
وسيع الدين جوڻيجو
منھنجا مارو مٺا، تن جي ٻولي مٺي،
منھنجي جيجل مٺي، تنھن جي لولي مٺي.
صوفي ساڌن سان ڀريل منھنجي سنڌ آ،
جن سان ھر دم جڙيل منھنجي جند آ.
جنھن جي ساگر ۾ ڇلڪي ٿي ڇولي مٺي،
منھنجي جيجل مٺي، تنھن جي لولي مٺي.
جنھن جي واھڻ ۽ وسندين ۾ محبت ملي،
جنھن جي برپٽ ۽ جھنگلن ۾ خوشبو ملي.
جنھن جي باغن ۾ رنگن جي ھولي مٺي،
منھنجي جيجل مٺي، تنھن جي لولي مٺي.
سنڌ واسي سٺا لوڪ ساري ڏٺا،
مکڻ ماکيءَ مثل، نرم دل دلربا.
شل ستابي ھجي سنڌ منھنجي مٺي،
منھنجي جيجل مٺي، تنھن جي لولي مٺي.
***
ساگر سميجو
گولي گھائي مَ روپلو،
بيٺل نيم ڪي نيچي،
ھائي پرين ھيڪلو
ڀِٽَ تي مور نچي،
لامون لُڏن لُڪَ ۾،
چوڏس واري وسي.
ڀٽون اگھاڙيون، ڏھر سڪل،
واٽن تي واري،
ڄام سڙي جيل ۾،
موھن ڀڳت ڏي ٻوھاري.
نه مينھن وسي نه گاہه ڦٽي،
پريت پوءِ به توسان لاڳي،
آواز کي اڌ رنگ لڳو،
گنگھر گھاري مائي ڀاڳي.
“ڪانگڙو ٿو اڏي،
ڍولڻ ھندوري ۾ لڏي”
آواز اُڏري اُڀ ڏانھن،
مراد فقير کوہه ۾ ٻڏي.
ڪِرڙَ پاڙون پاتال ۾
بَرَ ۾ بوند اُٺي،
سانگو ڪھڙو ساہه جو،
ھائي گونچَ پُسي.
تو ته ڪڏھن نه ڪيا
مونسان وچن ڪچا،
واھوندو وڍَ وجھي،
ھاڻ ته پيرون به اچي پڪا.
***
غزل
جلال شيخ
بيمار ٿو رهان مان دل سان دعا ڪري وڃ
آھيان مريض سائين محبت عطا ڪري وڃ
مان لاعلاج آهيان منهنجو علاج تو وٽ
دردن جو يار هاڻي دارون دوا ڪري وڃ
منهنجو بچڻ آ مشڪل مونکي ڳلي لڳايو
پوري ته يار منهنجي هڪڙي سدا ڪري وڃ
ديدار سان به دلڙي خوش يار آھي ٿيندي
بيمار دل کي هاڻي خوش تون مٺا ڪري وڃ
ناهي سڄڻ حياتي تي ڪو به ڀـروسو ڪو
ديــدار جي تون دلبر موتي سخا ڪري وڃ
ڪنهن ڀي مريض کان جي پڇجي ثواب ٿيندو
ڪم تون ثواب جو ئي ھاڻي ڀلا ڪري وڃ
تڪليف آ وڏي منهنجي سـاھ کي لڳي جو
سڪرات ڄڻ لڳي آ جلدي پڇا ڪري وڃ
جاني “جلال” توکي هي التجا ڪيان ٿو
جيئري سڄڻ نه مون سان اهڙي جفا ڪري وڃ.
***
غزل
عبدالله آس هنڱورجو
مينھن وسڻ جا ڏينهن ته آھن.
ديس اچڻ جا ڏينهن ته آھن.
بارش ڀون ڀڄائي ناھي،
ھي برسڻ جا ڏينهن ته آھن.
ٿر کي آھي گھرج گھڻيري،
گاج گجڻ جا ڏينهن ته آھن.
روپا تنھنجي ديس مٿان اڄ،
رنڱ رچڻ جا ڏينهن ته آھن.
سانوڻ رت ۾ ھاءِ ھٺيلا،
ڪونه رسڻ جا ڏينهن ته آھن.
لابارن تان او لاھيارڻ،
ڏيھ ورڻ جا ڏينهن ته آھن.
ٻگھار واري تار ترائي،
منجھ ترڻ جا ڏينھن ته آھن.
ھيل نه برسين ڀورا بادل،
ڏيل ڏرڻ جا ڏينهن ته آھن.
ڦوھ جواني منجھ او جانان،
ڪجھ ڪرڻ جا ڏينھن ته آھن.
وقت ڏُکئي ۾ پنهنجي ڌرتي،
ڪونه ڇڏڻ جا ڏينهن ته آھن.
ڌرتيءَ سائي ساڙهي اوڍي،
چاڳ چرڻ جا ڏينهن ته آھن.
***
ورهاست
وفا گل محمد جمالي
آئون پنهنجي ايندڙ نسلن کي
ڪو وڏو بنگلو يا زمينون ته نه ڏئي سگهندس،
پر انهن کي اهو سچ ضرور ٻڌائيندس
ته جڏهن پيٽ خالي هوندو آهي،
ته سامهون بيٺل هر دلاسي واري ديوار
هڪ وڏو، ٻوڙو ۽ بي رحم حڪمران نظر ايندي آهي.
***
غزل
ممتاز علي ٿر واسي
گلابي گيت ڳائي ٿي هوا لالاڻ باقي آ
چِتائي چنڊ چپن جي چمڪ کي چانڊاڻ باقي آ
ڪري ڀيرا پرين پوپٽ اڏاڻا هِن اداسي جا
اکيون تون آزمائي ڏس اڃان آلاڻ باقي آ
ڊگھيري واٽ پنڌ هلندي مسافر ٿو پُڇي راهون
وٺو آ مينهن اڀ تي تيرڳي ڪاراڻ باقي آ
سُتو ماٺ ۾ ٻَچو ٻاڪار ٻاڦي خواب جي کٽ تي
مري مسڪين ماءُ وئي مگر مانڌاڻ باقي آ
حجابن سان ھُري تنهنجو حويلي تي حوالو ٿو
ڪري ڪمرو وئين خالي سڄڻ سرهاڻ باقي آ
جواني جي جدائي جي ڪهاڻي آ ڪلهوڪي
ڄڻ ھنئي تو سا ھئين تي ٻاڻ باقي آ.
***
غزل
سلام اڄڻ
ڇو ٿا روئو رڳو نيڻ آلا ڪري،
وقت ويو ڪين آ پيو ٿو واڪا ڪري.
ٻيٽ ويا، کيت ويا چاهتون چيٽ ويا.
ٿا نه جاڳو اڃان، هو ٿو حملا ڪري.
وقت ويهڻ سندو ڪين آ دوستو،
سنڌ ڪيڏا وڏا ٿي پئي سڏڙا ڪري.
جوش سان هوش سان ولولي ووڪ سان،
ظالمن جا وجهو تخت الٽا ڪري.
ڏور منزل نه آ ڏور مقصد نه آ،
ٿو اسان جي ڀٽائي به آجيان ڪري.
ساٿيو، سنڌيو، ساھ پو سڀ کڻو،
سنڌ تان، جند تان ساھَ صدقا ڪري.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو