مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌو تهذيب جو قديم تاريخي ماڳ: ڍنڍي

Azam Bhatti

صحافي، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

صدين جا ساهه جن جي سُرن ۾ بند آهن، اهي قديم ماڳ رڳو سرن، پٿرن ۽ مٽيءَ جا ڍير نه آهن، پر اهي قومن جي سڃاڻپ ۽ ماضيءَ جي يادگيريءَ جا خزانا ھوندا آهن. اهي ماڳ تهذيب جي ڪتاب جا اهي ورق هوندا آهن، جن کي وقت جون هوائون لوڏي ته سگهن ٿيون، پر اڏائي نه سگهنديون آهن. قديم ماڳ تهذيب يافته قومن جو نالو ۽ نشان هوندا آهن. جڏهن اسان سنڌو تهذيب جي تاريخي، تهذيبي ثقافتي ورثي “ڍنڍي” ڏانهن نهاريون ٿا ته اسان کي پنهنجي ماضيءَ جي ساهه جي شاندار گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. قديم آثار اسان سان ڳالهائيندي، اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪيئن اسان صدين جو سفر طئي ڪيو آهي. انهن قديم آثارن جي هر ڀڳل سر هڪ ٽٽل وجود آهي، هر ڦٽل ٽڪر تاريخ جو هڪ باب آهي. اهي اسان جي معمارن، سنگتراشن ۽ ڪاريگرن جي عظمت جون نشانيون آهن. ڇو ته جيڪا قوم پنهنجو شاندار ماضي وساري ڇڏي ٿي، تاريخ به ان کي وساري ڇڏيندي آهي.
سنڌ جا اڪثر قديم شھر ڍنڍن، ڍورن يا دريائي شاخن تي آباد هئا. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته موجودہ ضلعي بدين ۾ هڪ “ڍنڍي” شھر هو، جيڪو درياءَ جي شاخ لڳ هوندو هو. “ڍنڍي” نالي هڪ ديهه تعلقي ميرپوربٺوري ۾ به موجود آهي. ان کانسواءِ سکر ۾ هڪ يونين ڪائونسل به “ڍنڍي” نالي سان آهي. ٽنڊي محمد خان ضلعي جي بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي يونين ڪائونسل ڏاڏون جي تپي ڍنڍي جي ديهه جاتي جي هن قديم تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ جا نشان اڄ به موجود آهن. سنڌو جو وهڪرو جيڪو نصرپور کان نڪري “سڌيرڻ جي ٺلهه” کان سعيدپور ٽڪر جي اوڀر دنگ تي گوپانگن جي ڳوٺن وٽان وهي “ڍنڍي” شھر جي اولهه مان گذرندو هو. ان جا نشان اڄ به موجود آهن. تاريخ ۾ اهو “ڍنڍي” شھر مذهبي حوالي سان اسماعيلي خواجن جي بزرگن جو آستان به رهيو آهي. صوفي بزرگ شيخ ممون به ان “ڍنڍي” شھر ۾ رهندو هو. جيڪو آڳاٽو پير ۽ سيد جميل شاهه گرناري جو مريد ۽ خليفو هو. سندس درگاهه “ڍنڍي” جي اوڀر اتر ۾ “درگاهه شيخ ممون” جي نالي سان موجود ۽ مشهور آهي. ان کانسواءِ شيخ ڪپور ۽ نظام الدين جون مزارون پڻ هن ئي علائقي سان لڳو لڳ آهن. سنڌ ۾ خواجن جي گهڻائي هنن بزرگن جي معتقد رهي آهي. ڪن تاريخي حوالن ۽ روايتن موجب “ڍنڍي” شھر سومرن جي دور کان آباد هو. سمن جي دور ۾ پڻ هي شھر تبليغي مرڪز طور سڃاتو ويندو ھو, ڇاڪاڻ جو “ڍنڍي” جو ناميارو صوفي بزرگ “شيخ ممون” جنهن شاهه جميل گرناري جو مريد ۽ خليفو هو.” ان شاهه جميل گرناري جنهن جو اصل نالو عبدالهادي هو، جيڪو امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جن جي اولاد مان هو. حديقة الاولياءَ موجب سندس ولادت 27 رمضان المبارڪ 580 هجري مطابق 1184ع ۾ مشهد ۾ ٿي. جڏهن ته سندس وفات 12 ربيع الاول 642 هجري مطابق 18 آگسٽ 1244ع تي ٿي. 1184ع کان 1244ع تائين سٺ سالن وارو اهو عرصو سنڌ ۾ سومرن جي دور حڪومت (1050ع کان 1351ع) وارو وقت آهي. سومرن جي دور ۾ مختلف فرقن جا مبلغ سنڌ ۾ آيا. جن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تبليغ ڪئي. تنهنڪري اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته توڙي جو شيخ ممون جي جنم ۽ وفات جي تاريخن بابت ڪا مستند معلومات موجود ناهي، پر شيخ ممون جي زندگيءَ وارو عرصو به اهوئي يعني سومرن جي دور وارو آهي ۽ ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته “ڍنڍي” جو تاريخي ماڳ سومرن جي دور ۾ به موجود هو. مير علي شير قانع هن ماڳ جو ذڪر شھر “محمد طور” جي نالي يا لڳ ڀڳ ان جي تشبيهه سان ڪيو آهي، پر ان تي محققن جا اختلاف به موجود آهن. هن ماڳ جي قديمي ۽ تاريخي هجڻ جو ثبوت دڙي کان اولھه طرف تپي ڍنڍي جي ديهه جاتي جي سروي نمبر 3 ۾ بيٺل ٽن قبن واري قديم تاريخي مسجد آهي. هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ٻن يا ٽن صفن (قطارن) جي گنجائش آهي. مسجد جو ڏکڻ وارو پاسو ڪجهه شھيد ٿي ويو هو. ان طرف مدرسو به هو، جنهن جي بنيادن جا نشان مسجد جي بنيادن جي برابر مٿانهين سطح تي ڏسجن ٿا. هن مسجد جي اندرين ايراضي 20×30 فوٽ ٿيندي. مسجد جي محراب واري قبي 50 فوٽ کن اوچي ٿيندي. هن مکيه وڏي قبي جي ٻنهين پاسي هڪ هڪ ننڍي قبي آهي. هوا لاءِ مسجد کي ٻه مکيه منگهه، هڪ ڏکڻ طرف کان ۽ هڪ اتر طرف کان آهن. هن مسجد جي اڱڻ واري ايراضي 50 فوٽ کن هم چورس آهي. هيءَ مسجد تعمير جو عمدو ۽ شاهڪار نمونو آهي. هن مسجد جي تعمير ۾ ونگن جي ڏانءُ کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪو ڪم مغليه فن تعمير جي بنيادي سڃاڻپ رهيو آهي. هن قديم تاريخي مسجد ۾ اهي ونگ ڏهن جي تعداد ۾ آهن. مغليه فن تعمير مان مراد، فن تعمير جو اهو انداز آهي، جيڪو منفرد نموني مغلن پنهنجي حڪمراني وارن علائقن ۾ ٺاهيو. خاص طور ننڍي کنڊ ​​۾ سترهين ۽ ارڙهين صدي، مغليه فن تعمير جي لحاظ کان شاهڪار سڏجي ٿي. بنيادي طور تي اسلامي، ايراني، ترڪي، بازنطيني ۽ هندستاني فن تعمير جو ميلاپ آهي. مغلن جي فن تعمير جا اهڙا مثال ننڍي کنڊ ۽ خاص طور موجوده هندستان، پاڪستان، افغانستان ۽ بنگلاديش ۾ ملن ٿا. ڍنڍي واري مسجد جي ديوارن ۾ ٻن پاسن کان هوا لاءِ ٽي ٽي دريون آهن ۽ انهن تي ننڍا قبا آهن. هن مسجد جي اوڀر طرف عيدگاهه ۽ مساڻ به هئا. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ لکيو آهي ته: “ڍنڍي شھر کي ڪتاب “حديقة الاولياء” جي سنڌي ترجمي ۾ “ڏندي” لکيو ويو آهي، جيڪو درست “ڍنڍي” ٿيندو. ڍنڍي سنڌ جو تمام پراڻو ماڳ ڪنهن زماني ۾ وڏي اوج تي هو ۽ منجهس صدر ٿاڻو به هو. ان جي ڀر ۾ اولهه طرف هڪ تمام پراڻي تاريخي مسجد اڄ به موجود آهي. ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياءَ مان هڪڙي ڇاڙ نڪري اچي ڍنڍي جي ڀر مان لنگهندي هُئي. ان جا نشان اڄ به ڦٽل صورت ۾ موجود آهن. ڍنڍيءَ جو پراڻو تاريخي ماڳ ٽنڊي محمد خان شهر کان بلڙي شاهه ڪريم ويندڙ رستي 25 ڪلو ميٽرن تي بس اسٽاپ ڍنڍي اڄ به موجود آهي.” هن “ڍنڍي” جو ذڪر ڊاڪٽر غلام عليٰ الانا “لاڙ جي ثقافتي ۽ ادبي تاريخ” ۾ به ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “شاهه جو رسالو” جلد 8 ۽ 9 ۾ “ڍنڍي” جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي ته: “لطيف سرڪار جڏهن ميين ڪريم جي درگاهه وارو ڪم ٿي ڪرايو ته ڪڏهن ڪڏهن اچي ڍنڍي جي شهر ۾ ڪريم پوٽي سيد محمد صلاح بن ابوبڪر وٽ رهندا هئا.”
بقول ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي ته “ڍنڍي” جي رهائشي مولانا الهڏني ملاح ۽ محمد حسن بروهي کيس هڪ ٽامي جي مهر ڏيکاري، جنهن تي هڪ پاسي 711 هه ۽ ٻئي پاسي قاضي عبدالصمد بن يعقوب لکيل هو. هڪ ٻيو سڪو پڻ هنن کي مليو جنهن تي 1877ع لکيل هو. هيءُ سڪو انگريزن جي دور جي نشاندهي ڪري ٿو. هن وقت “ڍنڍي” جو ماڳ وري به گهڻي قدر وسندڙ ڳوٺ نما آهي. هڪ وڏو مدرسو جيڪو مولانا الهڏنو ملاح هلائيندو هو، جيڪو اڃا به موجود آهي. ڍنڍي هاڻ شهر نه، پر ڳوٺڙو آهي. هن قديم ماڳ مان لڌل ڪن سڪن وسيلي “ڍنڍي” جي قدامت بابت ڄاڻ ملي ٿي. هي ماڳ تمام گهڻو پراڻو ۽ ڪنهن زماني ۾ اوج تي هو. لوڪ شاعريءَ ۾ پڻ هن شھر جو ذڪر ملي ٿو. مثال طور: ڍنڍي ۾ ڍورو، ڀالن هنيا ڀنڀرا، اجڙيا آري پوٽا.
سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ “ڍنڍي” شھر پرڳڻي طور استعمال ٿيندو هو. 1847ع کانپوءِ انگريزن سنڌ ۾ انتظامي جوڙ جڪ جي لحاظ کان ٽي ڪليڪٽوريٽ جوڙيون، جن مان حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ ٽنڊو محمد خان ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ يعني ضلعي طور شامل هو، جنهن جا ٻارهن (12) پرڳڻا يعني تعلقا هئا، جن ۾ “ڍنڍي” به پرڳڻي طور شامل هو. ضلعي ٽنڊي محمد خان جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن جونس هو. جنهن جي نالي سان ٽکڙ ۾ اڄ به “جونس واهه” جا آثار موجود آهن. جڏهن ته سنڌ گزيٽيئر موجب انگريز دور ۾ 1866ع جي انتظامي جوڙجڪ موجب “گوني” تعلقي ۾ “ڍنڍي” کي هڪ تپي طور شامل ڪيو ويو هو، جتي انگريز علمدار لاءِ بنگلو ۽ ڌرم شالا به موجود هئا. هي سموري معلومات اهو ثابت ڪري ٿي ته ڍنڍي جو قديم تاريخي ماڳ ڪنهن زماني ۾ نه رڳو هڪ آباد شهر هو، پر برطانوي دور ۾ ھڪ مڪمل پرڳڻي (تعلقي) جي حيثيت رکندڙ هو. انگريز دور کان ويندي 1940ع تائين هن شھر جي آباد رهڻ جو تذڪرو تاريخي ماخذن ۾ ملي ٿو، پر ورهاڱي کانپوءِ هي ماڳ ڄڻ ته بلڪل ختم ٿي ويو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ 1960ع ڌاري جڏهن هن علائقي مان پنڃاري، ڍنڍي ۽ بلڙي شاخون نڪتيون ۽ زمين آباد ٿي ته ڍنڍي ڄڻ ته نئين سر آباد ٿيو. هن وقت ڄاڻايل ماڳ ۾ شيخ، ميربحر (ملاح)، سومرا، کامڙيا، سٺيا، ماڇي، جماري، بروهي ۽ ڪجهه ٻين ذاتين وارا رهندڙ آهن. هتي رهندڙ سٺين کي “ڍانڍي سٺيا” چيو وڃي ٿو. ڍنڍيءَ ۾ رهندڙ مشھور شخصيت مولانا الھڏني ملاح هن ڳوٺ ۾ 1983ع ۾ پرائمري اسڪول به کولرايو.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو پنهنجي ڪتاب “ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون” ۾ هيٺين چوڻي کي لاڙ جي چوڻي ڪوٺيندي لکي ٿو ته “ڍنڍيءَ جو شيخ ته نه آهين؟” جنهن جي سمجهاڻي ۾ هو لکي ٿو ته ڍنڍي، ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾، هڪ ديھه جو نالو، اڳي ڍنڍيءَ واري جاءِ تي ڍنڍ هئي ۽ شھر پڻ آباد هو. مٿس ماڪوڙين ۽ منگهڻن جي مصيبت/آفت آئي ته ماڻھو لڏي ويا ۽ غير آباد ٿي ويو. ھاڻي وري ٻيھر آباد ٿي ويو آهي. منجهس رهندڙ شيخن لاءِ، سندن خاص وضع قطع سبب، ائين چيو ويندو آهي. مطلب ته پئسي وارو ماڻھو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ پڌرو ھوندو آھي. سنڌ جي هن تاريخي ماڳ جي قديم تاريخي مسجد، دڙي جي اولهه طرف هن ماڳ جي قديمي هجڻ جو وڏو ثبوت ۽ دليل آهي، جيڪا مغليه دور جو شاهڪار تسليم ڪئي وڃي ٿي، سا مڪمل طور زبون حالي جي ور چڙهي وئي هئي، ان مسجد جي مرمت لاءِ انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران سروي ڪرائي، ان جي مرمت جي منظوري ٽرسٽ جي بورڊ 29 مارچ 2013ع تي ڏني. 4.8 ملين جي لاڳت سان هن قديم تاريخي مسجد جي مڪمل مرمت ڪرائي وئي. جنهن جو تذڪرو انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي ويب سائيٽ ۽ ٻئي رڪارڊ تي هن ريت آهي ته “ڍنڍي مسجد هڪ مغليه شاهڪار آهي. مسجد جو نالو ويجهي ڍنڍي دڙي تان ورتو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اها مغل دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي. مسجد ۾ هڪ مستطيل نماز هال ۽ هڪ حجرو آهي، جيڪو قبلي سان عمودي ترتيب ڏنل آهي. نماز هال کي محرابن سان ٽن چيمبرن ۾ ورهايو ويو آهي. ماپ جو چورس منصوبو 4 فوٽ 10 انچ آهي ۽ ان تي هڪ وڏو گنبذ آهي ۽ ٻه ننڍا ٻٽا گنبذ آهن، جن کي ڇهن محرابن جو سهارو آهي. مسجد پنهنجي بناوت ۽ ڪيل سينگار لاءِ سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر آهي. بناوت جي سينگار ۾ گنبذن جي اٺ ڪنڊي ڊرم جي چوڌاري آرائشي مرلون ۽ گلي جي ٻٽي گنبذن جي اٺ ڪنڊي ڊرم کي سهارو ڏيندڙ بٽريس شامل آهن. لاڳو ٿيل سينگار ۾ گليءَ ۽ محراب جي اندروني حصي تي اسٽوڪو ڪم شامل آهي. 2015ع کان وٺي، ڍنڍي مسجد ۾ مکيه تحفظ جي خدشن مان هڪ نم جي وڌڻ جو وڏو مسئلو هو. جنهن عمارت جي ڀتين کي 10 فوٽ جي اوچائي تائين نقصان پهچايو هو. تنهنڪري مسجد جي چوڌاري هوائي نيڪال نصب ڪيا ويا. هڪ طريقو جيڪو زير زمين هوا ڏيڻ ۽ نمي کي زمين جي هيٺاهين سطح تي اچڻ جي تربيت ڏئي ٿو.” هاڻ ته ان مسجد تي به ڄڻ فرقي پرستيءَ ۽ ڪوڙن کاتن جي آڙ ۾ قبضو ڪيو ويو آهي. اها قديم تاريخي مسجد ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه، پر سنڌو تهذيب جو تهذيبي، ثقافتي، قديمي، تاريخي ورثو آهي. تهذيبون، ثقافتون، قديم تاريخي ماڳ ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت نٿا ٿي سگهن، پر اجتماعي سڃاڻپ جو ذريعو هوندا آهن!
سنڌ جي قديم ۽ تاريخي ماڳ “ڍنڍي” جو تذڪرو سنڌ جي ڪيترن ئي نامور تاريخ نويسن، محققن ۽ ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن ۾ ڪيو آهي. هن ماڳ کي خاص ڪري سومرن ۽ سمن جي دور، اسماعيلي تبليغي تاريخ ۽ سنڌو درياءَ جي قديم وهڪرن جي حوالي سان خاص اهميت حاصل رهي آهي. هن ماڳ جو ذڪر ڪندڙ ڪيترن ئي ليکڪن مان ڪجهه مکيه محقق ۽ ليکڪ هيٺيان آهن:
1. مير علي شير قانع ٺٽوي:
سنڌ جي هن عظيم مورخ پنهنجي مشهور فارسي ڪتاب “تحفته الڪرام” ۾ هن علائقي جي تاريخي حيثيت جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڍنڍي واري ماڳ کي سومرا دور جي مشهور گاديءَ جي هنڌ “محمد طور” سان پڻ تشبيهه ڏني آهي يا ان جي ويجهو ڄاڻايو آهي ۽ لکيو اٿس ته “شيخ براق جي انتقال کانپوءِ شيخ ممون مريدن جو مشهور مرڪز ۽ پير جي ڪمال شفقت سان معروف آهي.” مٿي ڄاڻائجي چڪو آهي ته “محمد طور” واري حوالي سان محققن ۾ اختلاف آهي.
2. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
سنڌ جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي تحقيقي مقالن ۽ سنڌ جي لوڪ ادب توڙي تاريخي جاگرافيءَ وارن ڪتابن ۾ ڍنڍي جو تفصيلي تذڪرو ڪيو آهي. هن خاص ڪري هتان جي بزرگن (جيئن شيخ ممون) ۽ اسماعيلي داعين جي مذهبي تاريخ کي ڍنڍي سان تاريخي طور تي ڳنڍيو آهي.
3. پير حسام الدين راشدي پنهنجي تحقيقي حاشين ۽ تاريخي مقالن ۾ مڪلي، ٺٽي ۽ ان جي پسگردائيءَ جي قديم ماڳن جو ذڪر ڪندي “ڍنڍي” جي تاريخي پسمنظر تي به روشني وڌي آهي.
4. ايم. ايڇ پنهور:
سنڌ جي تاريخي جاگرافي ۽ نقشن تي ڪم ڪندڙ ماهر ايم. ايڇ پنهور پنهنجي انگريزي تحقيقي مقالن (جهڙوڪ Chronological Dictionary of Sindh) ۾ سومرا دور جي جاگرافيائي تبديلين ۽ سنڌو نديءَ جي پراڻن وهڪرن جي حوالي سان “ڍنڍي” جي ماڳ جو علمي تذڪرو ڪيو آهي.
5. شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا ملفوظات، ڪتاب “بيان العارفين و تنبيه الغافلين”:
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا ملفوظات، ڪتاب “بيان العارفين و تنبيه الغافلين” ۾ صفحي نمبر 291 تي ڍنڍي جو ذڪر ملي ٿو.
6. مرزا قليچ بيگ:
مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب “قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو” ۾ ڍنڍي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “ڍنڍي ۾ شيخ ڪپور ۽ شيخ نظام الدين مشھور آھن.”
7. اي. ڊبليو. هيوز:
انگريز ليکڪ اي ڊبليو هيوز پنهنجي ڪتاب “سنڌ گزيٽيئر” ۾ “ڍنڍي” کي پرڳڻي (يعني تعلقي) کان وٺي تعلقي گوني جي تپي طور لکيو آهي.
8. عبدالحئي پليجو:
عبدالحئي پليجي، پنهنجي ڪتاب “واقعات عالم” جي مضمون “انگريزن طرفان سنڌ جي فتح” ۾ “ڍنڍي” کي انگريزي ماخذن جي توسط سان ٽنڊي ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو پرڳڻو ڄاڻايو آهي.
9. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار ادارو ۽ ثقافت کاتو سنڌ:
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران تيار ڪيل “انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا” ۽ ثقافت کاتي جي تحقيقي رپورٽن ۾ پڻ ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تاريخي ماڳن جي فهرست ۾ هن قديم تاريخي ماڳ کي “ڍنڍي دڙو” جي نالي سان شامل ڪري ان جي قدامت کي نروار ڪيو ويو آهي.
سنڌ جو هي قديم ماڳ ۽ ٻيا لاتعداد قديم تاريخي ماڳ ڪي هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهيا آهن، بلڪه انهن کي وجود ۾ اچڻ لاءِ به صديون لڳيون ته وري انهن جو وجود مٽجي يا ميسارجي وڃڻ کي به صدين جو عرصو گذري چڪو آهي. ڪي ماڳ هاڻ صرف نالي خاطر تاريخ جي ماخذن ۾ موجود آهن، ڪي پنهنجو وجود وڃائي ويٺل آهن، ڪي وري سڪوڙجي پنهنجي وجود واري جنگ وڙهي رهيا آهن. ان سموري صورتحال ۾ اسان تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته پنهنجي قديم تهذيبي، تاريخي، ثقافتي ماڳن جي نه رڳو سارسنڀال لهون، پر انهن جي تاريخ کي سهيڙي، پنهنجي ايندڙ نسلن جي آگاهيءَ لاءِ ڄاڻ جا ذريعا مضبوطيءَ سان محفوظ ڪري رکون، ان سوچ سان ته اسان جو قديم تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ماضي ڪيڏو نه شاندار هو. حال جا سمورا پور پچائيندي اسان کي پنهنجي روشن مستقبل لاءِ بنيادي ۽ شاندار راهون اتان ئي ڳولهڻيون آهن.
حوالا:
1. شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا ملفوظات “بيان العارفين و تنبيه الغافلين” تصنيف: محمد رضا بن عبدالواسع، تحقيق ۽ ترجمون ۽ تشريحي حوالا: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2007ع
2. ٺٽوي، سيد عبدالقادر ڪتاب “حديقته الاولياء” ترجمو: عبدالرسول قادري، تصحيح: پيرحسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2007ع
3. بيگ، مرزا قليچ ڪتاب “قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ستون 2014ع ص-69
4. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش “سنڌ جي تاريخ (تحقيقي مقالا)” سنڌيڪار: عنايت بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، ڄامشورو 2017ع
5. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش “شاهه جو رسالو” جلد 8 ۽ 9 مقدمو ص-13
6. پنهور، ايم. ايڇ انگريزي مقالو “ڪرنالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ” ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشورو
7. الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ڄامشورو ڇاپو ٻيو 2012ع
8. سنڌي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم “حديقته الاولياء جي سنڌي ترجمي ۾ غلطيون” ٽماهي مهراڻ-2 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع
9. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئينگئيج اٿارٽي حيدرآباد جلد پنجون
10. راهوڪڙو، عثمان ڪتاب “سنڌو ۽ هاڪڙو جا وهڪرا” پراڻ پبليڪيشن جهڏو ڇاپو پهريون 2019ع
11. سهتو، انجنيئر عبدالوهاب ڪتاب “ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون” ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر، جون 2016ع
12. انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي ويب سائيٽ/رڪارڊ
13. ٺٽوي، مير علي شير قانع ڪتاب “تحفته الڪرام” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇاپو ڇهون آگسٽ 2011ع
14. پليجو، عبدالحئي ڪتاب “واقعات عالم” مضمون “انگريزن طرفان سنڌ جي فتح” مومل پبليڪيشن ٻنون 2017ع
15. بادشاهه، حسين “سنڌ گزيٽيئر” (اي. ڊبليو. هيوز)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو پهريون 2017ع
16. ٺٽوي، مير علي شير قانع، ڪتاب معيار سالڪان طريقت مترجم: شيخ محمد حسن يحي’ القريشي ٿريچاڻوي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇاپو پهريون 2010ع

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو