مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

11 آڪٽوبر ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن: ڪنوار بڻجڻ کان اڳ، کيس نياڻي رهڻ ڏيو!

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

11 آڪٽوبر (ڪالهه) نياڻين جي عالمي ڏينهن تي، اسان کي هڪ سادي، پر اڪثر نظرانداز ٿيندڙ سچائي ياد اچي ٿي: نياڻين جي حقن کي سندن ننڍپڻ جي حق کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. هن سال جو موضوع، “ننڍپڻ جي شاديءَ جو خاتمو ڪريو، نياڻين جي حقن ۾ سيڙپڪاري ڪريو”، اسان کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري ٿو ته اسان رڳو حاصل ڪيل اڳڀرائيءَ تي خوش نه ٿيون، پر انهن خامين ۽ محرومين جو به مقابلو ڪريون جيڪي اڃان تائين لکين نياڻين جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيون آهن. ان جو انجام اسڪول مان ڪڍڻ، تمام ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ يا 18 سالن کان اڳ ماءُ بڻجڻ تي ٿئي ٿو. اسان اڪثر نياڻين کي چوندا آهيون ته هو جيڪي چاهين بڻجي سگهن ٿيون، پر انهن نياڻين جو ڇا ٿيندو جن کي ڪڏهن ڪجهه بڻجڻ جو خواب ڏسڻ جي جاءِ ئي ناهي ڏني ويندي؟ ان کان اڳ جو اسان اهو پڇون ته هڪ نياڻي ڇا بڻجي سگهي ٿي، اسان کي پهريان اهو سوال ڪرڻو پوندو ته ڇا کيس پنهنجي مستقبل بابت سوچڻ ۽ خيال ڪرڻ جي آزادي ڏني وئي آهي؟
يونيسيف جي انگن اکرن موجب، پوري دنيا ۾ لڳ ڀڳ 65 ڪروڙ نياڻيون 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي ٿيڻ جي نقصانن سان زندگي گذاري رهيون آهن. جڏهن ته رڳو پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ 90 لک اهڙيون عورتون آهن جن جي شادي ننڍپڻ ۾ ٿي هئي. ننڍپڻ جي شادي اڃان تائين نابرابريءَ جي سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ شڪلين مان هڪ آهي. پاڪستان جي ٻهراڙين ۽ قبائلي علائقن ۾ شاديءَ کي اڃان تائين نياڻيءَ جي زندگيءَ جو آخري مقصد سمجهيو ويندو آهي، ڄڻ ته هوءَ پيدا ئي صرف ڪنهن جي زال بڻجڻ لاءِ ٿي هجي. غربت، تعليم تائين محدود پهچ، نياڻين جي تحفظ جا خدشا، سماجي دٻاءُ ۽ اهو وهم ته نياڻيءَ جي ڀيٽ ۾ پٽ جي مستقبل تي سيڙپڪاري ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي، اهي سڀئي سبب گهراڻن کي ننڍي عمر جي شاديءَ ڏانهن ڌڪين ٿا.
هي بنيادي طور تي حقن جو سوال آهي. جڏهن ڪنهن نياڻيءَ جي ان کان اڳ شادي ڪرائي ويندي آهي، جڏهن هوءَ تيار هجي ته سماج رڳو سندس شاديءَ جي حيثيت تبديل نٿو ڪري؛ پر هو ان جي سڄي ننڍپڻ جو رخ مٽائي ڇڏيندو آهي. جڏهن مٿس زبردستي وڏي عمر جي ذميواري مڙهي وڃي ٿي ته سندس تعليم، صحت، تحفظ، سماجي حصيداري ۽ معاشي موقعن واري حق تي عمل ڪرڻ اڃان به وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويندو آهي.
تعليم اڪثر انهن پهرين حقن مان هڪ آهي، جيڪو ڪنهن نياڻيءَ کي قربان ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جڏهن ڪو گهراڻو مالي طور تي مشڪلاتن جو شڪار هوندو آهي ته خاندان اڪثر پٽ جي ڀيٽ ۾ نياڻيءَ جي تعليم تي سمجهوتو ڪندا آهن. هڪ ڇوڪري ننڍي عمر ۾ ئي اهو سکي ويندي آهي ته سندس خوابن کي هڪ “خرچ” سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ڀاءُ جو مستقبل هڪ “سيڙپڪاري” طور ڏٺو ويندو آهي. سماجي دٻاءُ پوءِ کيس ننڍي عمر جي شاديءَ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو، جنهن سان سندس تعليم اڌ ۾ رهجي وڃي ٿي ۽ آمدني ڪمائڻ جا موقعا محدود ٿي وڃن ٿا. تنهنڪري ننڍپڻ جي شادي هڪ ئي وقت ڪيترا ئي دروازا بند ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جي ڪري سندس لاءِ ان ساڳي غربت مان نڪرڻ اڃان به وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويندو آهي، جنهن غربت کي ڪنهن وقت کيس پرڻائڻ جو سبب بڻايو ويو هو.
تنهن هوندي به ننڍي عمر جي حمل جي ڪري هيءَ صورتحال نوجوان مائرن لاءِ سخت طبي خطرن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. يونيسيف پاڪستان (UNICEF-PK) جي انگن اکرن موجب، 20 کان 24 سالن جي عمر وارين 18.3 سيڪڙو عورتن جي شادي 18 سالن جي ٿيڻ کان اڳ ٿي هئي. جڏهن ته 3.6 سيڪڙو عورتن جي شادي 15 سالن کان به گهٽ عمر ۾ ڪرائي وئي هئي. عالمي صحت جي اداري جي رپورٽن مطابق، 16 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين کي 20 سالن کان مٿي عمر جي عورتن جي ڀيٽ ۾ ٻار ڄڻڻ دوران موت جو خطرو چار ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي. تنهنڪري ننڍپڻ جي شادي رڳو هڪ سماجي ۽ تعليمي مسئلو ناهي، پر صحت جو هڪ گهڻو وڏو معاملو پڻ آهي، جيڪو نياڻين ۽ ايندڙ نسل ٻنهي کي متاثر ڪري ٿو.
اهي نتيجا عورتن ۽ مڙسن جي وچ ۾ موجود وڏي تفاوت سان پڻ جڙيل آهن. ورلڊ اقتصادي فورم جي “گلوبل جينڊر گيپ رپورٽ 2026” موجب، دنيا جي 145 ملڪن ۾ پاڪستان جو نمبر 143 هون آهي، جنهن پنهنجي مجموعي صنفي تفاوت جو 59.5 سيڪڙو حصو ختم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان 2025 جي 148هين نمبر تان پنج درجا مٿي چڙهيو آهي، پر پوءِ به اهو دنيا جي سڀ کان گهٽ درجا بندين وارن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي. نمايان ڳالهه اها آهي ته تعليمي برابري 91.7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. جڏهن ته معاشي سرگرمين ۾ عورتن جي حصيداري صرف 36.4 سيڪڙو آهي. اهو فرق بلڪل واضح آهي، نياڻين کي تعليم ڏيارڻ صنفي تفاوت ختم ڪرڻ جو رڳو هڪ حصو آهي، پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته اها تعليم معاشي خود مختياري ۽ فيصلا ڪرڻ جي طاقت ۾ تبديل ٿئي، اهو اڃان تائين هڪ تمام وڏو چئلينج آهي.
نياڻين جي حقن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو مطلب آهي ته کين صحت جي سهولتن تائين پهچ ڏيارجي، سندن حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ کين ڪمائڻ، سماجي حصيداري ڪرڻ ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. جڏهن اسان هڪ نياڻيءَ تي سيڙپڪاري ڪريون ٿا ته اسان رڳو کيس بهتر مستقبل لاءِ تيار نٿا ڪريون، پر اسان کيس اهي وسيلا ۽ اوزار ڏيون ٿا ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ مطابق پنهنجي زندگي جوڙي ۽ گذاري سگهي.
ننڍپڻ جي شاديءَ جو خاتمو ان سوچ کي بدلائڻ سان شروع ٿئي ٿو، جنهن کي اسان نياڻين لاءِ هڪ عام رواج طور قبول ڪري چڪا آهيون. ڪنهن به نياڻيءَ کي اهو ثابت ڪرڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي ته سندس تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻ فائديمند آهي يا سندس خواب پڻ سندس ڀاءُ جي خوابن جيتري اهميت رکن ٿا. مقصد رڳو شاديءَ کي دير ڪرڻ ناهي، پر هر نياڻيءَ کي اهو وقت، آزادي ۽ اختيار ڏيڻ آهي ته هوءَ پاڻ فيصلو ڪري سگهي ته کيس زندگيءَ ۾ ڇا بڻجڻو آهي.
موضوع:Before she becomes a bride, let her be a girl
تحرير: مھڪ انور.
حوالو: ايڪسپريس ٽرائبيون

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو