مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

2026 تائين سنڌ سميت ملڪ مان پوليو ختم نه ٿي سگهيو

Advocate Salah Memon

ڪالم نگار، صحافي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سرڪاري انگن اکرن مطابق هن سال 2026 ۾ پاڪستان ۾ پوليو جا 6 آڪٽوبر 2026ع تائين 6 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان 5 ڪيس خيبر پختونخواهه جا آھن، جتي 3 بنون ضلعي مان، 1 اتر وزيرستان، 1 خيبر ضلعي (جمروت) مان آھي. خيبر ۾ هي 2019ع کانپوءِ پهريون ڪيس آهي. هڪ ڪيس سنڌ جي سجاول ضلعي مان رپورٽ ٿيل آھي، گذريل سال 2025ع ۾ 31 ڪيس هئا جن مان 20 ڪي پي ڪي، 9 سنڌ، هڪ پنجاب، هڪ گلگت ۾ ھو، جڏھن ته 2024 ۾ 74 ڪيس ظاهر ٿيا هئا.
پوليو وائرس اڃان تائين گندي پاڻيءَ جي نمونن ۾ ملي رهيو آهي. خاص طور تي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ موجود آھي، ان جو مطلب آهي ته وائرس اڃان ماحول ۾ گردش ڪري رهيو آهي، ختم نه ٿيو آھي. 32 سالن کان پوليو خلاف قومي مهمون ھلڻ باوجود پوليو جي بيماري جا ڪجھه اھم سبب آھن. جھڙوڪ: پوليو خلاف آگاھي مھمون ڪمزور رھيون آھن، ماڻھو اڃان تائين بيماري جي خطرن کان آگاهه نه آھن، پوليو خلاف مھمن ۾ شامل ٽيمن کي ڪرپشن سبب مڪمل سيڪورٽي، ٻيون سھولتون ۽ مناسب معاوضا نٿا ڏنا وڃن. 2012ع کان وٺي ھن وقت تائين لڳ ڀڳ 150 پوليو ورڪر ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن. بنون ۾ ٽيمن کي اغوا ڪرڻ ۽ مهم روڪڻ جا به واقعا ٿين ٿا، ويڪسين کان انڪار ۽ افواھ به سبب رھيا آھن، ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ سان مردن جي جنسي صلاحيت تي برا اثر پون ٿا ۽ عورتون ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿين ٿيون يا اھا اولھه جي ملڪن جي سازش آهي. ماضي جي هڪ مهم ۾ رپورٽن مطابق 53 هزار خاندانن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو ۽ 10 لک ٻار ٻين غفلتن سبب پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا، جيڪو پوليو جي ختم نه ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب ٿئي ٿو. پوليو جي بيماري جو وائرس انھن ٻارن کي متاثر ڪري ٿو جن تائين ڪنھن سبب جي ڪري ويڪسين نٿي پھچي. گندي پاڻيءَ جو نيڪال، گٽرن جو نظام بھتر نه هجڻ ۽ سرڪاري انگن اکرن ۾ هيراڦيري، خانا پوري واري ڪم سبب به پوليو جو وائرس ٻارن کي متاثر ڪري ٿو. پاڪ افغان سرحد تي آبادي جي لڏپلاڻ سبب وائرس هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿو.
دنيا ۾ صرف 2 ملڪ باقي آهن، جتي پوليو جو جهنگلي وائرس (WPV1) اڃان موجود آهي. انھن ملڪن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان شامل آھن. ٻين ٻن قسمن جو وائرس ٽائيپ 2 ۽ ٽائيپ 3، دنيا مان مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي. پوليو جو خاتمو ايئن ممڪن آھي جو هر مهم ۾ هر ٻار تائين ويڪسين پهچي، خاص طور تي بنون، وزيرستان ۽ ڪراچي ۾، مقامي عالمن، خطيبن، ليڊي هيلٿ ورڪرن، استادن ۽ تنظيمن ذريعي ماڻھن جي پوليو جي ويڪسين بابت غلط سوچ ختم ڪري انھن جي اعتماد کي بحال ڪجي. افواهن کي روڪڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي اثرائتي آگاهي مھم ھلائجي، ھر مھم دوران ڪوشش ڪجي ته ڪوبه ٻار ويڪسين کان رھجي نه وڃي، روٽين جي پوليو ويڪسين جو ڪم بھتر ڪجي. صاف پاڻي ۽ صفائي جو نظام بهتر ڪجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو