مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي تاريخ رڳو حڪمرانن، سياسي تحريڪن ۽ جنگين جي تاريخ ناهي، پر اها انهن ماڻهن جي ڪهاڻي پڻ آهي، جن پنهنجي ذاتي زندگي، دولت، صلاحيتن ۽ وقت کي ڌرتيءَ جي ٻولي، ثقافت، فن ۽ روايتن جي خدمت لاءِ وقف ڪيو. اهڙين شخصيتن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو نالو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. تعلقي ماتلي، ضلعي بدين جي هن شخص نه رڳو پنهنجي دور ۾ موسيقي، ادب، فلم ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏني، پر پنهنجي اوطاق کي به اهڙي ثقافتي مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جتي سنڌ جا ناميارا اديب، دانشور، راڳي ۽ فنڪار گڏ ٿيندا هئا. جي. ايم سيد پاران کيس “باباءِ ثقافت” جو لقب ملڻ سندس ثقافتي خدمتن جو وڏو اعتراف هو، جيڪو سندس زندگيءَ جي فڪري ۽ ثقافتي سفر کي سمجهڻ لاءِ اهم حوالو بڻجي ٿو.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1909ع ۾ ماتلي، ضلعي بدين ۾ غلام محمد خان نظاماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ماتليءَ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪيائين ۽ انگريزيءَ جا چار درجا پڙهي واپس پنهنجي اباڻي علائقي ۾ آيو. خانداني زمينداري سندس معاشي زندگيءَ جو حصو بڻي، پر سندس دلچسپي رڳو زمينن ۽ جاگيرداري معاملن تائين محدود نه رهي. نوجوانيءَ کان ئي موسيقي، راڳ، فن ۽ ثقافت سان سندس گهرو لڳاءُ هو. هن پنهنجي زندگيءَ کي رڳو ذاتي خوشحاليءَ بدران انهن شعبن سان وابسته ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪي سنڌ جي اجتماعي سڃاڻپ سان جڙيل هئا.
1928ع ۾ هو ممبئيءَ جي فلمي دنيا سان وابسته ٿيو، جتي ان وقت هندستاني سينيما هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي هئي. آواز واريون فلمون اڃان شروعاتي مرحلي ۾ هيون ۽ فلمسازي هڪ وڏو تجربو سمجهي ويندي هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ معمولي پگهار تي ڪم ڪرڻ باوجود پنهنجي خواب کي زنده رکيو ۽ مسلسل جدوجهد کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي فلم “ايڪتا” تيار ڪئي. هن فلم ۾ پاڻ هيرو جو ڪردار پڻ ادا ڪيو. فلم جو موضوع هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد ۽ گڏيل سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل هو، جيڪا ان دور جي حالتن ۾ هڪ اهم فڪري پيغام هئي. “ايڪتا” ڪراچيءَ جي تاج محل سئنيما ۾ نمائش لاءِ پيش ٿي ۽ ان کانپوءِ هن ممبئيءَ ۾ “سنڌ ساگر موويٽون” نالي فلم ڪمپني قائم ڪئي. سندس فلمي سفر پنهنجي عروج ڏانهن وڌي رهيو هو ته 1947ع جو ورهاڱو اچي ويو. وڳوڙن دوران سندس لکين رپين جو سرمايو، ٻڏي ويو، پر پنهنجي شوق کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان اچڻ کانپوءِ ماتليءَ ۾ هن پنهنجي ثقافتي زندگيءَ کي نئين سر منظم ڪيو. ڦليليءَ جي ڪناري تي سر شاهنواز ڀٽي جي ممبئيءَ واري بنگلي کان متاثر ٿي “مائي نيسٽ” نالي هڪ خوبصورت بنگلو تعمير ڪرايائين. ان جي ڀرسان “پڪچر نيسٽ” نالي سئنيما به قائم ڪيائين، جيڪا 1952ع ۾ شروع ٿي، پر “مائي نيسٽ” جي اصل سڃاڻپ ان جي عمارت نه، پر اتي ٿيندڙ علمي، ادبي ۽ موسيقيءَ جون محفلون هيون. هي جاءِ وقت سان گڏ لاڙ جي هڪ اهم ثقافتي اوطاق بڻجي وئي، جتي جي. ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙيون علمي ۽ ادبي شخصيتون گڏ ٿينديون هيون. اهڙين گڏجاڻين ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب، سياست، ثقافت ۽ سماج بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو سندس موسيقيءَ سان محبت هئي. لاڙ جا مشهور راڳي حاجي محمد عثمان ۽ مٺو ڪڇي سندس اوطاق تي ايندا هئا ۽ ڪڏهن ڊگهو وقت ساڻس گڏ رهندا هئا. پاڻ به راڳ ۽ سازن جو شوقين هو ۽ هارمونيم، ڍولڪ، جهانجه ۽ ٻين سازن سان واقفيت رکندو هو. دڦليءَ جي تال تي رقص ڪرڻ ۽ ڳائڻ سندس لاءِ ڪنهن تماشي بدران ثقافتي اظهار جو حصو هو. هو پنهنجي اوطاق ۾ فنڪارن کي عزت ڏيندو ۽ انهن لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪندو هو، جتي فن کي روزگار يا شهرت کان وڌيڪ سنڌ جي ثقافتي ورثي طور ڏٺو ويندو هو. سندس اها ثقافتي روش ان دور ۾ خاص اهميت رکي پئي، جڏهن ڪيترن ئي مقامي فنڪارن ۽ راڳين کي مناسب سرپرستي حاصل نه هئي.
سندس اوطاق جي شهرت مهمان نوازيءَ ۽ سخاوت سبب پڻ هئي. ثقافتي ميلا ڪرائڻ، ميلن ۾ شريڪ ٿيڻ، دوستن ۽ فنڪارن جون دعوتون ڪرڻ سندس معمول جو حصو هو. لاڙ ۾ سمن سرڪار جي ميلي جي انعقاد ۽ واڌاري ۾ به سندس ڪردار بيان ڪيو وڃي ٿو. سندس سياسي وابستگي خاڪسار تحريڪ سان رهي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ به هن پنهنجي اصولن کي اهميت ڏني. کيس ٻين سياسي ڌرين طرفان وزارتن جون آڇون ملڻ باوجود پنهنجي سياسي وابستگي تبديل نه ڪرڻ جو ذڪر به سندس شخصيت جي هڪ اهم رخ طور ملي ٿو. چونڊن ۾ ڪاميابي يا ناڪاميءَ کان وڌيڪ هن اصول ۽ وفاداريءَ کي اهميت ڏني.
زندگيءَ جي آخري دور ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪهاڻي “ڪيئي ڪتاب” لکي، جيڪا سندس شخصيت ۽ دور کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم دستاويز آهي. هن ڪتاب جو پهريون جلد 1980ع ۽ ٻيو جلد 1988ع ۾ شايع ٿيو. “ڪيئي ڪتاب” ۾ رڳو ذاتي زندگيءَ جا واقعا نه، پر سنڌ جي سماجي ماحول، ثقافتي سرگرمين، ميلن ملاکڙن، راڳين، فنڪارن ۽ انهن ڪيترن ئي ڪردارن جو ذڪر پڻ ملي ٿو، جيڪي وقت جي وهڪري ۾ وسري ويا. محمد ابراهيم جويي سندس شخصيت کي منافقت ۽ رياڪاريءَ خلاف هڪ مجسم احتجاج قرار ڏنو هو. اهڙي راءِ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي وقت جي روايتي سماجي روين کان الڳ هڪ آزاد مزاج ۽ بيباڪ شخص هو. پاڻ چار شادِيون ڪيون جنهن مان يارهن نياڻيون ۽ چار پُٽ علي رضا نظاماڻي، هاشم رضا نظاماڻي، قاسم رضا نظاماڻي، احسان الله نظاماڻي، پيدا ٿيا.
31 ڊسمبر 1982ع تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي وفات ڪئي. سندس وصيت موجب کيس “مائي نيسٽ” بنگلي جي سامهون دفن ڪيو ويو. ورثي ۾ سندس وفات سان هڪ اهڙو دور پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي ذاتي وسيلن کي سنڌ جي ثقافتي زندگيءَ لاءِ استعمال ڪيو. اڄ سندس اوطاق جي حالت، “مائي نيسٽ” جي زبون ٿيندڙ عمارت ۽ “پڪچر نيسٽ” سئنيما جو ختم ٿي وڃڻ هڪ وڏو ثقافتي سوال بڻجي سامهون اچي ٿو. جيڪڏهن اهڙيون جڳهيون ۽ انهن سان لاڳاپيل تاريخ محفوظ نه ڪنداسين ته ايندڙ نسلن کي سنڌ جي ثقافتي سفر جي ڪيترن ئي اهم بابن تائين پهچڻ ڏکيو ٿي ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو