مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خيرپور رياست جي آخري مير مراد علي ٽالپر کي شرڌانجلي

Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار

PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي رياست خيرپور جي آخري حڪمران هز هائينس مير جارج علي مراد خان ٽالپر ٻئي جو 5 آڪٽوبر 2026ع جي شام سکر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو، رڳو هڪ اڳوڻي حڪمران جي زندگيءَ جي پڄاڻي ناهي، پر سنڌ جي رياستي تاريخ سان ڳنڍيل آخري زنده ڪڙين مان هڪ جي موڪلاڻي پڻ آهي. سندس وڇوڙي سان اهو شخص اسان کان جدا ٿيو، جنهن پنهنجي اکين سان خيرپور کي هڪ نوابي رياست مان پاڪستان جو حصو بڻجندي ۽ پوءِ 1955ع ۾ پنهنجي الڳ سياسي سڃاڻپ وڃائيندي ڏٺو.
مير صاحب پنهنجي پٺيان ٻه پٽ، پرنس مير عباس رضا خان ٽالپر ۽ پرنس مير مهدي رضا خان ٽالپر ۽ نياڻي پرنسيس زهره ٽالپر سميت خاندان، مائٽ، دوست ۽ ڪيترائي چاهيندڙ ڇڏي ويو آهي. هو 29 جون 1933ع تي برائٽن، انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ سندس تعليم ننڍي کنڊ توڙي برطانيا جي تعليمي ماحول سان لاڳاپيل رهي. سندس زندگيءَ جا پويان ڏهاڪا خيرپور ۽ اتي موجود ٽالپر خاندان جي تاريخي ورثي، خاص ڪري فيض محل سان ڳنڍيل رهيا. خيرپور جي هن آخري مير کي سمجهڻ لاءِ ان رياست جي تاريخ ڏانهن موٽڻو پوندو، جنهن جو بنياد 1783ع ۾ مير سهراب خان ٽالپر وڌو. ٽالپرن جي سهراباڻي شاخ جي هن رياست تي ترتيبوار مير سهراب خان ٽالپر، مير رستم علي خان ٽالپر، مير علي مراد خان ٽالپر پهريون، مير فيض محمد خان ٽالپر پهريون، مير امام بخش خان ٽالپر، مير علي نواز خان ٽالپر “ناز”، مير فيض محمد خان ٽالپر ٻيو ۽ آخر ۾ مير جارج علي مراد خان ٽالپر ٻيو حڪمران رهيا. تاريخي ذريعا انهن اٺن حڪمرانن جي دورن جي ڪن شروعاتي تاريخن بابت ٿورو اختلاف رکن ٿا، پر حڪمرانن جو هي سلسلو مجموعي طور تسليم ٿيل آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ خيرپور جي حيثيت ان ڪري به منفرد رهي، جو 1843ع ۾ سنڌ جي وڏي حصي تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ به خيرپور پنهنجي نوابي رياست واري حيثيت برقرار رکي. برطانوي بالادستيءَ هيٺ هجڻ باوجود ان جو پنهنجو حڪمران، انتظامي ڍانچو ۽ مقامي ادارا موجود رهيا. رياست انتظامي طور مختلف تعلقن ۾ ورهايل هئي ۽ گمبٽ به خيرپور رياست جي انتظامي جوڙجڪ جو هڪ اهم تعلقو هو.
خيرپور جي ميرن جي حڪمرانيءَ کي رڳو محلن، شاهي درٻارن ۽ سياسي اختيار تائين محدود ڪري ڏسڻ ان دور جي اڌوري تصوير ٿيندي. سندن دور جو هڪ اهم پاسو تعليم جي سرپرستي هو. مير امام بخش خان جي زماني تائين رياست ۾ 98 کان وڌيڪ اسڪولن جو ذڪر ملي ٿو، جتي تعليم مفت هئي؛ شاگردن لاءِ کاڌي، رهائش ۽ بورڊنگ جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون هيون. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اهڙي ننڍڙي رياست لاءِ هي هڪ قابل ذڪر سماجي سيڙپڪاري هئي. تعليم کي رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ تائين محدود نه رکيو ويو. اسڪولن ۾ سائنس، ادب، اخلاقي تربيت ۽ جسماني سرگرمين تي به ڌيان ڏنو ويندو هو. ڪيترن تعليمي ادارن اڳيان باغ ۽ راندين جا ميدان رکيا ويا ۽ ڪن وٽ ڪرڪيٽ جا ميدان پڻ هئا. خيرپور رياست جا حڪمران عليڳڙهه سميت ننڍي کنڊ جي ٻين تعليمي تحريڪن ۽ ادارن جي مالي مدد ڪندا رهيا. تاريخي حوالن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته خيرپور جا مير مذهبي مدرسن سان گڏ سنڌي ۽ انگريزي تعليم کي به هٿي ڏيندا هئا. ان تعليمي ورثي جو هڪ نمايان نالو مير علي نواز خان ٽالپر “ناز” آهي، جيڪو 1921ع کان 1935ع تائين خيرپور جو حڪمران رهيو. هو پاڻ شاعر هو ۽ سندس شاعريءَ جا مجموعا پڻ ڇپيا. سندس نالي سان قائم ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي اهم تعليمي ادارن مان هڪ بڻيو. سندس شخصيت ۾ حڪمران، شاعر ۽ فن دوست سرپرست جا پاسا گڏ نظر اچن ٿا.
خيرپور جي درٻار ۾ شاعري، موسيقي، ادبي ڪچهرين ۽ فنون لطيفه کي به جوڳي جاءِ حاصل هئي. سنڌي سماج ۾ شاعري ۽ موسيقي هميشه محض وندر نه رهيون آهن؛ اهي تاريخ، عشق، تصوف، سماجي قدرن ۽ ماڻهن جي گڏيل احساسن جو اظهار رهيون آهن. مير علي نواز “ناز” جي شاعريءَ سان وابستگي انهيءَ روايت کي درٻاري سطح تي به هٿي ڏني. شاعرن، راڳين، سازندن ۽ ٻين اهلِ فن لاءِ سرپرستي اهڙي ماحول کي جنم ڏنو، جنهن ۾ فن ۽ ادب رياستي زندگيءَ جو حصو بڻيا. ٽالپر دور جو اڏاوتي ورثو به خيرپور جي سڃاڻپ جو اهم حصو آهي. فيض محل، ڪوٽڏيجي جو قلعو ۽ ٻيون تاريخي عمارتون ان دور جي فني ذوق، ڪاريگري ۽ طرزِ تعمير جون شاهديون ڏين ٿيون. فيض محل اڄ به خيرپور جي شاهي ماضيءَ جي سڀ کان نمايان نشانين مان هڪ آهي، پر ان جي اهميت رڳو هڪ محل هجڻ ۾ ناهي؛ اهو ان سماجي ۽ ثقافتي دنيا جو شاهد پڻ آهي، جيڪا ڪڏهن خيرپور رياست جي چوڌاري آباد هئي.
خيرپور جي معيشت جو بنياد زراعت ۽ پاڻي هو. سنڌو درياءَ، مقامي آبپاشي، کوهه ۽ پوءِ جديد واهن جي نظام هن علائقي جي زرعي معيشت کي مضبوط ڪيو. رياست جي وڏي آباديءَ جو گذر سفر زراعت تي هو، جڏهن ته کجور، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ٻيون زرعي پيداوارون مقامي معيشت جو اهم حصو هيون. 1931ع جي انگن اکرن موجب رياست جي لڳ ڀڳ ٻه ڀاڱي ٽين آبادي زراعت سان وابسته هئي.
حڪمرانيءَ جي معيار کي ڏسندي عوامي ڀلائي، تعليم، معاشي ترقي ۽ انصاف کي به خيرپور جي ٽالپر دور بابت ٿيندڙ تحقيق ۾ نمايان ڪيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان لاڳاپيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ خاص طور مير علي نواز “ناز” جي دور بابت سماجي ۽ معاشي ترقي، تعليم، انصاف ۽ عوامي مفادن کي حڪمرانيءَ جي اهم ترجيحن طور بيان ڪيو ويو آهي. خيرپور جي ثقافتي زندگيءَ ۾ راندين جو به پنهنجو مقام هو. ملهه يا ملاکڙو انهن مان سڀ کان وڌيڪ سنڌي سڃاڻپ رکندڙ راند هئي. ملهه رڳو جسماني زور آزمائي نه، پر همت، هنر، ضبط، عزت ۽ نيڪ نامي جو مقابلو هو. ناميارن پهلوانن کي سماج ۾ وڏي عزت ملندي هئي ۽ حڪمران توڙي بااثر خاندان سندن همت افزائي ڪندا هئا. ان سان گڏ گهوڙي سواري، شڪار، نشاني بازي ۽ ٻيون روايتي سرگرميون به ان دور جي سماجي زندگيءَ جو حصو هيون. انهيءَ ملهه واري روايت سان منهنجي پنهنجي خاندان جو به تعلق رهيو آهي. منهنجو ڏاڏو لڌا رام پنهوار خيرپور رياست جي دور جو هڪ ناميارو ملهه پهلوان هو. سندس وسيلي اسان جي خاندان جو رشتو ان رياست جي عوامي، راندين ۽ ثقافتي زندگيءَ سان جڙيل رهيو. ان زماني جو پهلوان رڳو ميدان ۾ مقابلو ڪندڙ رانديگر نه هوندو هو؛ سندس بهادري، ڪردار، جسماني سگهه ۽ پنهنجي علائقي جي نمائندگي پڻ سندس سڃاڻپ هوندي هئي.
منهنجي خاندان جو خيرپور رياست سان ٻيو اهم رشتو گمبٽ ۽ تعليم وسيلي جڙيو. گمبٽ، جيڪو پاڻ پراڻي خيرپور رياست جو اهم حصو هو، اتي موجود مراد هاءِ اسڪول منهنجي لاءِ ڪنهن عام تاريخي عمارت جو نالو ناهي. اسڪول سان لاڳاپيل مقامي تاريخي رڪارڊ موجب ان تاريخي بوائز اسڪول جو ٻيو حصو 4 اپريل 1947ع تي هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر ٺهرايو، يعني سندس حڪمران بڻجڻ کان ٿورو اڳ. اڳتي هلي اهو ادارو مراد هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور ٿيو. اسان جو خاندان ڪوٽڏيجي مان 1970ع ۾ گمبٽ منتقل ٿيو، يعني خيرپور جي الڳ رياستي حيثيت ختم ٿيڻ کان پندرهن سال پوءِ. مون انهيءَ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1985ع ۾ اتان مئٽرڪ ڪئي. اهڙيءَ طرح منهنجي خاندان جي ٻن نسلن جو خيرپور سان تعلق ٻن مختلف، پر خوبصورت روايتن وسيلي جڙيل آهي: منهنجي ڏاڏي جي دور ۾ ملهه جي ميدان سان ۽ منهنجي نسل ۾ تعليم جي درسگاهه سان.
خيرپور جي آخري مير جي پنهنجي زندگي به ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي تاريخي تبديليءَ سان ڳنڍيل هئي. 19 جولاءِ 1947ع تي مير فيض محمد خان ٽالپر ٻئي کانپوءِ نوجوان مير جارج علي مراد خان ٽالپر ٻيو حڪمران ٿيو. ان وقت سندس عمر فقط چوڏهن سال هئي، تنهنڪري رياست جو انتظام شروعاتي طور ريجنسي ذريعي هلايو ويو. 3 آڪٽوبر 1947ع تي خيرپور پاڪستان سان الحاق ڪيو ۽ پوءِ 1955ع تائين پاڪستان اندر هڪ الڳ نوابي رياست جي حيثيت سان موجود رهيو. ون يونٽ جي قيام سان ان جي الڳ سياسي حيثيت ختم ٿي ۽ خيرپور نئين انتظامي ڍانچي ۾ شامل ٿي ويو. اهڙيءَ طرح مير جارج علي مراد خان ٻئي جي زندگي ٻن دورن جي وچ ۾ بيٺل هئي. هو ان رياست جو آخري حڪمران هو، جنهن جون پاڙون ارڙهين صديءَ ۾ هيون، پر سندس زندگي ايڪيهين صديءَ تائين پهتي. هن پنهنجي خاندان جي حڪمرانيءَ جو خاتمو به ڏٺو ۽ ان کانپوءِ ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين بدلجندڙ سنڌ ۽ پاڪستان جو سفر به.
5 آڪٽوبر 2026ع تي سندس وفات سان خيرپور جي شاهي دور جي آخري زنده علامتن مان هڪ اسان کان موڪلائي وئي آهي، پر رياست جو تاريخي جائزو وٺندي هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي: سياسي اقتدار جي عمر محدود هوندي آهي. جڏهن ته علم، ثقافت ۽ عوامي خدمت جا اثر گهڻو اڳتي تائين هلندا آهن. اڄ خيرپور جي ميرن جي دور کي ياد ڪرڻ لاءِ رڳو شاهي تخت ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت ناهي. فيض محل ۽ ڪوٽڏيجي جي اڏاوت، ناز هاءِ اسڪول ۽ مراد هاءِ اسڪول جهڙا تعليمي ادارا، آبپاشي ۽ زراعت جي روايت، مير علي نواز “ناز” جي شاعري، موسيقيءَ جون محفلون ۽ ملهه جا ميدان ان تاريخ جا مختلف پاسا آهن. منهنجي لاءِ ان تاريخ جي سڀ کان ويجهي تصوير گمبٽ ۾ موجود آهي. هڪ پاسي منهنجو ڏاڏو لڌا رام پنهوار، جيڪو خيرپور رياست جي ملهه واري ثقافت سان وابسته هو ۽ ٻئي پاسي مراد هاءِ اسڪول، جتي مون پاڻ تعليم حاصل ڪئي. اهي ٻئي يادون منهنجي خاندان جي ذاتي تاريخ کي خيرپور جي وڏي تاريخ سان ڳنڍين ٿيون.
1783ع ۾ مير سهراب خان ٽالپر کان شروع ٿيل هڪ رياست 1955ع ۾ 172 سالن جي رياست سياسي طور ختم ٿي وئي ۽ هاڻي ان جو آخري مير به موڪلائي ويو آهي، پر ڪنهن به حڪمرانيءَ جو بهترين يادگار اهو ناهي ته ان جو تخت ڪيترو شاندار هو؛ اصل سوال اهو آهي ته ان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڇا ڇڏيو. خيرپور جي تاريخ ۾ تعليم، ثقافت، زراعت، فن ۽ عوامي ادارا ان سوال جو جواب آهن. الوداع، هز هائينس مير جارج علي مراد خان ٽالپر ٻيو. خيرپور جي آخري سلام.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو