محبت ۽ مزاحمتن جي شاعرا خالدا منير
Rukhsana Preet
ڊاڪٽر، ليکڪه، شاعره، سوشل ايڪٽوسٽ، وومين ايڪشن فورم جي ميمبر
آمريڪا جي انتھائي سگهاري شاعرا مايا اينجيلو چيو ھو ته، “اڻ اظھاريل ڪھاڻين کي اندر ۾ سانڍڻ کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڀوڳنا ناھي.” شاعري ڇا آھي اظھار ئي ته آھي احساسن جو، جذبن جو، پورين اڻپورين خواھشن جو، درد جو، جبر، ظلم، استحصالي روين خلاف اٿي بيھي رھڻ جو، مدي خارج ريتن، رسمن، رواجن خلاف بغاوتن جو، خوبصورتين کي محسوس ڪرڻ جو ۽ ڪنھن پرينءَ جي پھلوءَ ۾ رھندي حسين لمحن کي ماڻڻ جو. مڃون ٿا اظھار جي قوت ته قدرت پاران ڪيترن ئي خوشنصيب انسانن کي ملندي رھي ٿي ۽ ھو پنھنجي تخليقي پورھئي کي بانبڙن واري مرحلي کان وٺي کيس جوان ڪري وجهن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن اوج به ڏياري وڃن ٿا، پر الميو اھو آھي ته اظھار جي بي پناھ قوت ھوندي اسان جي سماجن ۾ اظھار جي اجازت ھر فرد کي ساڳي طرح مليل ناھي، نالي ماتر نيم جاگيرداري سماج پنهنجا ماڻ ۽ ماپا ھر صنف لاءِ الڳ طئي ڪري ٿو، جيڪي عام وھنوار ۾ زندگي گذارڻ کان وٺي قلمي پورھئي تي پڻ لاڳو ٿين ٿا. جتي عورت جون مرد ساٿين جي ڀيٽ ۾ گهمڻ ڦرڻ، ڳالھائڻ، سماجي رابطن ۾ رھڻ تعليم جي حاصلات کان وٺي ويندي ڀرپور ٽھڪ ڏئي کلڻ جون حدبنديون مقرر ھجن، ڪي اڻ لکيل اصول طئي ھجن، اتي اعلانيه عشق جو اظھار، محبوبيت جي گهرج، پيار جي سرشاري ۽ پاڻ سراپا ڪنھن وابستگيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌي ان عميقي ساگر حوالي ڪري ڇڏڻ ڇا سماج کي ڀانءِ پوڻ جھڙو آھي؟ جواب ايندو قطعي نه… اھڙي وايو منڊل ۾ ڪجھه بي باڪ بي ڊپا ڪردار مينھن ۾ کنڀين جيان آب ۽ تاب سان نڪري ايندا آھن ۽ پنھنجي آواز کي انھن سڀني جهلن ۽ ديوارن کان اوچو رکي پنھنجي سڄاڻپ قائم ڪري ويندا آھن ..
اسان جي پياري سھيلي خالدا منير پڻ اھڙن ڪردارن مان ھڪ آھي. ھن ڏسندي ئي ڏسندي پنھنجي اھڙي ته تخليقي توڙي جاکوڙي سڃاڻپ جوڙي آھي، جيڪا سچ پچ ته حيران ڪندڙ آھي… تخليقي سفر کان ويندي پيرن جي پنڌ تائين ھن رڪجڻ جو نالو ئي ناھي ورتو..
خالدا ڪوتا ساگر ۾ پنھنجي الڳ چمڪ وارا موتي ميڙي آئي جن ۾ محبتن جي هڳاءُ سان گڏ مزاحمتن جي چرٻيلين جي تپش پڻ محسوس ڪري سگهجي پئي، عام طور تي ڏسجي ته جيڪڏهن نئين لکاريءَ جو نالو سامھون ايندو آھي ته اسان جون نطرون اڳتي نڪري وينديون آھن بي ڌياني سان پنا ورائجي ويندا آھن، پر جڏھن خالدا منير جون ڪوتائون سامھون اچڻ شروع ٿيون ته اک بچائڻ يا بي ڌياني سان اڳتي وڌي وڃڻ ممڪنات کان ٻاھر ھو. ڇو ته سندس نظمن جي گرفت ڌيان کي مڪمل جڪڙي رکڻ جي سگھه رکي پئي. خالدا جي شاعريءَ ۾ عورت جي ھڪ رڙ آھي، احتجاج آھي، صنفي مت ڀيڌ خلاف اٿاريل آواز آھي، سماجي اڻبرابريءَ تي اٿاريل سوال آھن ۽ ٻيو محبتن جو ھڪ وشال ساگر آھي. اوھان ۽ اسان اھو ته ڀلِيءَ ڀت ڄاڻو ٿا ته سمنڊن جا ٻيا ڪنارا ناھن ٿيندا.
خالدا جو خوبصورت نظم “عورت” جنھن ۾ مون کي احتجاج ۽ ميار جو ھڪ درديلو امتزاج نظر آيو.
اڪيلائي به ڪيڏي نه
دھشت زده آھي
ھن جي ٽھڪن کي به
ڏانئڻ جيان ڳڙڪائي وئي
چانڊوڪي راتين ۾
پنھنجي پاڇولي به ھن تي ڪيئي
چغليون ھنئيون ھيون
پر ھوءَ عورت ڪنھن
وڻ پراڻي جھڙي ھئي
جنھن جي ڇانو ۾
ڪيترن ئي اس کان
پاڻ بچايو ھو اڪثر
ڪيتريون دلبريون ٿيون ھيون
پر ھن، نه ڪنھن تي ڪائي
تھمت ڌري ھئي
ٿڌي ڇانو جھڙي عورت
اندر ۾ بٺيءَ جيان ٻري ھئي
تون چوين ٿو عورت
ڪائنات جو حسن آھي
اچي ڏس سونھن ڪيئن
پنھنجي قيمت ڀري ھئي.
ٿڌي ڇانو جھڙي عورت، اندر ۾ بٺيءَ جيان ٻري ھئي، اچي ڏس سونھن ڪيئن پنھنجي قيمت ڀري ھئي… ھيءَ ھڪ نثري نظم جون سٽون ئي نه ڪي استعارا ئي نه، پر ھڪ عورت جو اٿلي پيل اندر آھي جنھن کي احساس ڀريل ادراڪي اک ئي سمجهي سگهي ٿي، محسوس ڪري سگهي ٿي.
شاعري ھر سماج جي قدرن مطابق الڳ الڳ ڪانٽينٽ رکي ٿي، ان ڪري شاعريءَ کي ڪابه گلوبل وصف ڏئي ئي نٿي سگھجي، ھن کي ھر سماج پنھنجي سماجي قدرن مطابق وصفي سگهي ٿو. شاعري ھِرک جي ڪپڙي تي ڄڻ ته انيڪ رنگن جو خوبصورت آرٽ آھي، ھيءَ ڪڏھن خيال جي ڄڻ ته اوچتي اٻڙڪي جيان ڪاغذن تي نقش ٿيندي ويندي آھي ته وري ڪڏھن سمنڊ ڪناري تي ويرن جيان بيچين ٿي چڙھي ايندي آھي ۽ وجود کي سُن ڪري ھٿن کي جنبشون ڏئي صفحن تي نقش ٿي ويندي آھي يا وري ڊجيٽل دنيا جو حصو بڻجي ويندي آھي. جيڪڏهن ھنبل رومانٽڪ ايڪسپريشن کي ڏسجي ته خالدا جو لھجو ان حوالي سان پڻ ڪمال جو آھي سندس خوبصورت نظم “وسري نه سگهيا ليڪن” ان ئي لھجي جو عڪاس آھي:
بھار جي رت ۾
خزان جيئن جياسين
پن پن ٿي پل پل ڇڻياسين
ڏيکاريان ڇا اکڙين جي
نديءَ ۾ ٻڏل خوابن جا بتيلا
دل جي اڱڻ ۾ موجود آھن
رڳو ارمانن جون خندقون
چڻنگ چڻنگ ٿي حسرتن جي
باھ ڀڙڪيو ٿي اٿي
۽ ھر حسرت ان باھ تي
ٺڪر جي ٿانو جيئن ٿي پچي
وساريندي وساريندي وياڪل من
ڇڏيو آھي پاڻ کي وساري
وسري نه سگهيا ليڪن
جي نيڻن ۾ ويٺا جهوپا اڏي.
خالدا جي نثري نظمن ۾ ڪافي موضوعاتي گوناگونيت ملي ٿي، احساسن جي گھرائي درد جي پاتالن ۾ جهاتيون، بک جي ڀرمن جو ادراڪ ۽ بغاوت جا پڙاڏا، ھي سڀ ڪجھه ھن ڪوتاڪار جي تخليقن ۾ موجود آھن.
المنظر، موسم بھار، مڙد، شراب ۽ لڙڪ، اوھان جي آجيان، ڳاڙھي ڪنوار، خالدا منير جا اثرائتا نظم چئي سگهجن ٿا. سندس نظم شراب ۽ لڙڪ ۾ موجود ڪلائيميڪس سچ پچ ته گهڻو گھرائيءَ ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو:
تون شراب پيئين ٿو
مان لڙڪ پيئان ٿي
ڪيفيت ٻنھي جي ساڳي
تون مدھوش رھين
مان ھوش ۾ رھان
تون کلندي کلندي روئي ٿو پوين
آئون روئندي روئندي کلندي آھيان
تون ڀوڳين پيو تنھائي
مون کي ڀوڳي پئي تنھائي
جنھن ڏينھن ملي جي پوندا
لڙڪ منھنجا تنھنجي شراب سان
برباد ٿي ويندا سڀ ساقي
۽ ماتم ھوندو مئخانن ۾
مدھوشن جي ڪائنات ۾
آخر قيامت برپا ٿي ويندي.
خوبصورت شاعراڻيون ترڪيبون، احساساتي تغير، لفظن جي چونڊ ۽ موضوع سان نڀاءُ سچ پچ ته خالدا پنھنجي تخليقي پورھئي کي اھڙي ته سگهاري گرفت بخشي آھي جو پاٺڪ سولائيءَ سان دامن ڇڏائي نٿو گذري سگهي ۽ اھي وجود جون ڀوڳنائون ئي آھن، طبيعت جي حساسيت ۽ اھا جرئت ئي آھي، جيڪي ھي اوکا تخليق جا پنڌ ڪرائين ٿا. خالدا منير شاعرا جي روپ ۾ جتي ظلم، جبر، اڻبرابري ۽ فريبن تي ٻڌل سماجي ڍانچي تي پڄري ٿي اتي سھڻن، دل ربا منظرن تي موھجندي پڻ نظر اچي ٿي ۽ دل لڳين جي ديس ۾ ڪڏھن ڪڏھن سراپا رومانيت جو روپ ڌاري ٿي وٺي. خالدا جو رومانس درد تي الائي ڇو ٿو ختم ٿئي شايد ان ۾ به ڪا شاعراڻي رمز لڪل آھي:
مالھي
مالھي گل پوکيندي سوچيندو آھي
۽ ٻج ڇٽيندي ھو سوچيندو آھي
ھن واڙي ۾ ڪھڙا ڪھرا گل ڦٽندا
ڪنھن جي ڪنھن جي وارن ۾ سجندا
ڪنھن جي ٻانھن جا گجرا ٿيندا
مالھي گل پوکيندو آھ
۽ سوچيندو آھ
مالھيءَ جي به ھڪ سجني آ
ھن جي زلفن ۾ به گل سونھندا
ھن جي ٻانھن ۾ به گجرا ٺھندا
مالھي گل پوکيندوآ
۽ سوچيندو آ
ھن جا پوکيل گل ھن جي
سجني جي وارن ۾ ناھن ھوندا
ھن جي ھٿن جا چونڊيل موتئي جا گجرا
سندس سجنيءَ جي ھٿن ۾ ناھن ھوندا
بس مالھي سوچيندو آھي
۽ گل پوکيندو آھي.
ٿر جي پياسي مٽيءَ تي جنم وٺندڙ ھن خوبصورت شاعرا جي وجود جي مٽي مون کي ته احتجاج ۽ محبت مليل پاڻيءَ سان ڳوھيل ٿي نظر اچي. ھوءَ ڪنھن به مت ڀيڌ تي ڪُڙھي ٿي پوي، ھوءَ ڪنھن به آتم ھتيا تي ڄڻ پاڻ اڌ مئي ٿيو پوي. ھوءَ ڌرتيءَ جي وسيلن جي والار تي سراپا احتجاج بڻجيو وڃي ۽ سونھن ڀريا منظر پسندي ڄڻ ته ان فطري منظر جي ڪينواس جو حصو ٿيو پوي ۽ اھوئي اسپاٽينيس اظھار، اھي ئي گڻ آھن جيڪي ھڪ ڏات ڌڻيءَ کي امرتا بخشين ٿا، کيس عوام سان ڳنڍين ٿا ۽ ديس واسين پاران کيس بي انداز مان مرتبو حاصل ٿئي ٿو.
سندس خوبصورت طويل نظم “سچ ته ٽانڊو آھي” جون ڪجهه سٽون آھن:
مگر تاريخ تنھنجي منھن ۾
بجا گهروڙي ھڻندي
تنھنجي نسل جي بربادي
تنھنجو مقدر ٿيندي
چوطرف وھشت ۽
دھشت جو راڄ آھي
دانھن جي آواز تي
تنھنجو راڪاسي ھٿ آھي
ڪيستائين تنھنجي ھٿ ۾
طاقت ھي رھندي
تنھنجو غرور فاني آھي
منھنجو آواز ابدي آھي
تنھنجي سوچ يزيدي آھي
منھنجو سچ حسيني آھي.
باغي سوچون المياتي سچ ۽ رمانوي وابستگيون جتي سلھاڙجن ٿيون اتي ئي خوبصورت شاعرا خالدا منير جو ڏس پتو ملي ٿو. ڀل ڪيتريون به بندشون وجهجن، ديوارون کڙيون ڪيون وڃن، دل جون ڳالھيون لکيل ڊائرين کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏجي، در جي تاڪن کي ڪڙيو وڃي، پر اھو طئي آھي ته سوچيندڙ عورت کي سماج جو ڪو نه ڪو مضبوط ڪردار ڪڏھن والدين جي صورت ۾، ڪڏھن دوستن جي صورت ۾، ڀائرن ڀينرن جي حيثيت ۾ يا وري جيون ساٿيءَ جي روپ ۾ انھيءَ اونداھيءَ مان ڪڍي روشن ڇانورن ۾ پھچائي ئي ڇڏي ٿو، جتي ھوءَ آزاديءَ سان پنھنجي شعور جو سفر طئي ڪري سگهي ٿي. ايئن ئي خالدا منير پڻ احساسن جي پنڌ ۾ اڪيلي ناھي، سندس ور گل منير وک وک تي ساڻس ھڪ گهاٽي بڙ جي ڇانو جيان ساٿ ۾ آھي. ڪتاب جي منڍ ۾ خالدا ۽ ادا گل منير توڙي جو پنھنجا پنھنجا احساس مختصر انداز ۾ لکيا آھن، پر سندن پاڻ ۾ جيڪا وابستگي ظاھر ٿئي ٿي اھا شاندار آھي شال سندن اھو مضبوظ ساٿ هميشه قائم رھي.
ڪتاب جي منڍ ۾ ادا گل منير لکي ٿو “شاديءَ کان ڳچ عرصو اڳ ھن شاعريءَ کي ڄڻ وساري ڇڏيو ھو ۽ شاديءَ کانپوءِ به شاعريءَ جي ديوي ساڻس ھجت نه ڪري سگهي، پر ڪجهه عرصو اڳ لکڻ شروع ڪيائين ته رڳو بغاوت… سماجي اڻ برابري، مرداڻي سماج جي ارھ زوراين، مذھبي تفريق ۽ محدوديت سماج جي ناڪاري ريتن ۽ روين خلاف سندس باغياڻن جذبن، نثري نظم جو روپ اختيار ڪري ورتو. مونکي ته اڪثر سندس شاعري ۾ منھنجي خلاف به برملا بغاوت ۽ ميار محسوس ٿيندي آھي، توڙي جو ھوءَ مون سان جام پيار ڪري ٿي.”
خالدا پنھنجي پاران لکي ٿي “جڏھن به سماجي رويا پٿر بڻجي مون کي سنگسار ڪرڻ آيا ته ھن شخص منھنجي ڍال بڻجي پاڻ پٿرن سان رتوڇاڻ ڪرايو، ھن جي تڪليف تي منھنجو روح به سڏڪندو ھو، منھنجا سڏڪا ھن جا زخم اگھندا ھئا. عورت کي برابريءَ جي بنياد تي سماج ۾ سرگرم ٿيڻ ۾ ان جي مڙس کان وڌيڪ معاون ۽ مددگار ٻيو ڪو به رشتو نٿو ٿي سگهي.”
۽ ھنن ٻنھي جي موقف سان آئون پاڻ کي متفق سمجهان ٿي…
خالدا سان رچايل ھن رھاڻ ۾ شامل ٿي نھايت گهڻي خوشي محسوس ٿي رھي آھي. سنڌي ادبي سنگت نوابشاھ شاخ کي پڻ ھي خوبصورت پروگرام ترتيب ڏيڻ تي واڌايون پيش ڪنديس. سندن قائم ڪيل ھن عورت دوست روايت کي پڻ ساراھينديس جو مختلف وقتن تي ھو عورت ڏات ڌڻين سان پروگرام ڪندا رھن ٿا.
آخر ۾ پنھنجي پياري سھيلي ۽ خوبصورت ڪوتاڪار خالدا منير کي پڻ ھن بيحد عزت افزائيءُ تي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿي ۽ اھا اميد ڪنديس ته ھوءَ پنھنجو ھي تخليقي سفر جاري رکي ۽ سنڌ واسين کي، اسان جي پيڙھيل عورتن کي وڌيڪ شاعريءَ جا ڪتاب ڏئي سندن آواز کي ھڪ اجتماعي سڏ ۾ تبديل ڪندي رھي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟