مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شاعري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نظم
وفا گولو
دل جو آبنائي هرمز
تنهنجي اکين اڳيان،
منهنجي دل سمنڊ بڻجي وئي آهي
گهرو سمنڊ،
جنهن ۾ بيقراري، اڻکٽ لهرن سان ڀريل.
۽ مان…
ان سمنڊ جي وچ ۾ بيٺل
هڪ تنگ لنگھه آهيان،
اهو دل جو آبنائي هرمز،
جتان تنهنجي يادين جا جهاز گذرندا هئا
خاموشيءَ سان،
پر هر گذر سان
منهنجي وجود ۾
هڪ جنگ ڇڙي ويندي هئي.
هڪ ڏينهن
تون بغير اعلان جي
يادن جي لهرن کي روڪي ڇڏيو،
۽ منهنجي اندر جا سڀ رستا بند ٿي ويا،
هاڻي نه ڪو جهاز،
نه ڪا خبر، نه ڪا اميد.
تنهنجي بي رخي به
آمريڪا ۽ ايران جي
تڪرار کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي،
ڇاڪاڻ ته
اُتي تيل بند ٿيو هو،
۽ هتي
ساھ.
هاڻ منهنجي دل جي ڪنارن تي
ويران بندرگاھ بيٺا آهن،
۽ انتظار
زنگ لڳل لنگرن وانگر
وقت سان گڏ ڳري رهيو آهي.
پر تون ڄاڻين ٿي؟
اها سڀ کان وڏي سانحي واري ڳالهھ ناهي
سانحو ته اهو آهي
ته مان اڃا تائين
تنهنجي موٽ جو انتظار ڪري رهيو آهيان،
۽ مونکي خبر آهي…
تون ڪڏهن به
منهنجي دل جي آبنائي هرمز
کولڻ واپس نه ايندين.
***
نظم
وفا جانوري
منهنجو ٿر آ وارياسو هي
اڀ جي ڪڪري ڪاڻ سڪي ٿو
کارو پاڻي کوهن جو آ
ڏرت وگهي هت مال مري ٿو
مون کان ٿر جي ڳالھه پڇين ٿو
توڻي رستا روڊ به ناهن
رڃ سڄا هي رستا آھن
بيمارن لئه ڪونه شفا گهر
موت ٿئي ٿو رستن ۾ ڏس
خوف جو پاڇو روز ڊڪي ٿو
مون کان ٿر جي ڳالھه پڇين ٿو
گرم لڪن جي واري آھي
ڌرتي باهه جي چوڌاري آھي
ڪوبه صبح هت ڇانو نه جهڙو
ڪوري مٽ جي ٿانو نه جهڙو
درد هوا ۾ روز اڏي ٿو
مون کان ٿر جي ڳالهه پڇين ٿو
تون ته چوين ٿو شھر لڏي آ
پنهنجو ڳوٺ ته هاڻ ڇڏي آ
ماڻھو وڃي ڏس چنڊ پڳو آ
توکي منهنجو ساهه سڏي ٿو
مون کان ٿر جي ڳالھه پڇين ٿو
ليڪن سائين سچ چوين ٿو
مون کي منهنجو ٿر مٺو آ
شھر تنهنجي کان ڳوٺ سٺو آ
مون کان ٿر جي ڳالهه پڇين ٿو
منهنجن جا هت هڏ لٽيل ھن
مٽي ۾ ڏس روح دٻيل هن
منهنجو خود جو جنم هتي آ
منهنجو ساٿي صنم هتي آ
ڪيئن ڇڏي هي ٿر اچان مان
وقت اجازت ڪونه ڏئي ٿو
ٿر جي مون کان ڳالھه پڇين ٿو.
***
غزل
ساحر راهو
ھِڪَ پري پيڪر جي حاصل چاھتُن جي باوجُود،
غم سان دل کي اُنس آهي راحتُن جي باوجُود.
مُدتُّن کانپوءِ آئي، چائنٺ تي زندان جي،
زخم دل جا بنست ٿي ويا، بي رُتُن جي باوجُود.
ھيڪلائِن پل به مون کي، ڪو نه ھو تنھا ڇڏيو،
ڪنھن جي ساھن جي رِدم جي، قُربتُن جي باوجُود.
ھُن اڳيان گُونگي گليءَ جي، ٿي ويو تشبيھ ھان،
شھر ۾ مشھُور آئون، جُرئتُن جي باوجُود.
زندگيءَ پنھنجون وِڃايون، پوءِ به ناھِن رونقُون،
تو ڏٺو فرعون تنھنجي، دھشتُن جي باوجُود.
ويڙهه مون خالي اکين سان، منظرن سان آ وِڙھي،
بارشُن جي پُرِخُماريل، آٿتُن جي باوجُود.
اوج ٿو ڳوليان ٺٽي جا، مرقدن جي ميڙ ۾،
وقت جي دز ۾ لپيٽل، مُدتُن جي باوجُود.
عشق جو آواز آھي، وقت جي تاريخ ۾.
ڪُفر جي منصُور ساحر تُھمتُن جي باوجُود.
***
غزل
جلال شيخ
اندر جا کوٽا پليت ماڻهو مٺي ته رکندا زبان آهن
ڀلا ڪيان ڇا ڀلائي تن سان اندر ۾ جن کي گمان آهن
هجي سچائي ڪجي وفائي نه ڪو ته دوکو رهي دغائي
ڏئي محبت نه ڪن گلا جي اهي اسان لئه مهان آهن
ڏسان سخا مان نٿو ته ڪنهن ۾ ملي دوا درد جي دل کي
وکر وفا جو اتان آ ملندو جتي غمن جا دڪان آهن
رهيا سچا سي اسان هميشه مگر سچائي ڪئي نه يارن
اهو پيو ڏک اندر ڏکائي وفا ڪندا هو بيان آهن
جفا ڏسي پر هليا ويا سي لڙي نه هڪڙي گهڙي به رهبو
مگر اسان کان مٿي ته تن جا رهيا ھميشه ڌيان آهن
جلال جاني ڪئي وفا سي سلو مليو آ اتان وفا جو
رهي نه آ دوستي به ڪنهن ۾ دغا ڪرڻ جا نشان آهن
***
غزل
فراخ جانوري
اوھان جي سڪ وڌائي بيقراري آ،
اکين ۾ ڀرجي آئي بيقراري آ.
کڻي ڪوئي پراڻو درد ڌرتيءَ جو،
لٿي اڄ دل ۾ڪائي بيقراري آ.
اسان جا ميت گهايل گيت گهايل ھن،
اڃان ڌرتيءَ تي سائي بيقراري آ.
ھي چانڊوڪيون ٿڌيون ھيرون ۽ تون ناھين،
وري اڄ ڪجهه سوائي بيقراري آ.
يزيدي بند ٻڌي روڪين پيا پاڻي،
وري ويرين بڇائي بيقراري آ.
اوھان بن پاڻ ۾ سک چين ڳوليم پئي،
۽ مون رڳ رڳ ۾ پائي بيقراري آ.
وطن ۽ قوم لئه آھي ته بھتر آ،
چڱي ٻي ڪانه ڪائي بيقراري آ.
نچائي آڱرين تي جانوري اڪثر ،
اسان ڳائي وڄائي بيقراري آ.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو