تنقيدي جائزو: محمد حسين ڪاشف جو ڪتاب: ”شاھه جي رسالي جي سڄاڻي“
Shabir Khokhar تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي
ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.
ڀٽائي جي بيتن جي تشريح ڪرڻ ۾ به محقق ڪجھه حدود جو پابند آهي. ڀٽائي جي سرن جي موضوعن، رسالي جي موضوعن جي حد تائين پابند هجڻ گهرجي خاص ڪري شاعر جي فڪري حدن جو پابند ٿيڻ گهرجي نه ته شاعر سان انصاف نه ڪري سگهبو. شاعري جي علامتي تشريح به ان حدبندين جي پابند هجڻ کپي، تشريح شاعر جي فڪري نظام ۾ رهي ڪري ڪرڻ گهرجي.
مثال طور: ڀٽائي جي رسالي جي فڪري حد بندي ۾ اسلام، تصوف، لوڪ داستان، زرعي سماج جا قدر ۽ ان جو تنقيدي شعور ٿي سگهن ٿا، جن کان ٻاهر نڪرڻ سان شايد شاعر سان زيادتي ٿيندي.
رسالي جي هر سر ۾ دنيا ۽ آخرت، خدا ۽ ٻانهي، وحدت الوجود جا موضوع مرڪزي نڪتا آهن جن کان ٻاهر ڀٽائي جو فڪر نٿو نڪري، جيڪو ڀٽائي جو فڪري نظام آهي.
شاھ جي رسالي جي ڪنھن به سر کي ھڪڙو دفعو پڙھي سمجھڻ جو ڪو مثال نٿو ملي، ڪوبه اھڙو لطيف شناس ناھي جيڪو اھڙي دعويٰ ڪري سگھي، ان جو سبب ڇا آھي؟
شاعري جي لساني ساخت ،ان جو علامتي، تمثيلي ھجڻ، ان جو مخصوص اسلوب بيان آهي جيڪو ان کي مشڪل بڻائي ٿو. محمد حسين ڪاشف لطيفيات تي شاھ جي رسالي جي سڄاڻي نالي سان ڪتاب لکيو آهي. ھي ڪتاب سرڪاري سرپرستيءَ تحت ھڪ رٿا موجب لکيو ويو آهي، سرپرستي ختم ٿيڻ جي باوجود ليکڪ ڪتاب لکي پورو ڪيو، جنھن ۾ ھن چئن سرن جي تشريح ڪئي آهي، مان ھتي ھڪڙي سر ڪلياڻ جي حوالي سان ڳالھه ڪندس.
ليکڪ جي ھن ڪتاب کان اڳ جيڪي شرحون، سمجهاڻيون لکيون ويون آهن، انھن ۽ ھن شرح يا سمجھاڻي ۾ ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي، نه وري ڪنھن نئين ڳالھه جي ڪا دريافت ملي ٿي، روايتي سمجھاڻي آهي جنھن کي ليکڪ رڳو پنھنجي لفظن ۾ آسان ڪري لکيو آهي. جڏھن ته تشريحي تحقيق ۾ نئين پهلو جي ڳولها سڀ کان پھرين حاصلات ٿي سگهي ٿي. لفظن جي لغوي معنيٰ پنھنجي جاءِ تي، پر شاعريءَ ۾ لفظ پنھنجي علامتي اظھار جو ذريعو ھوندا آھن، جن ۾ شاعر جي مرضي، منشا جي ڳولها تحقيق جو سڀ کان وڏو مقصد ھوندو آھي، جنھن کي ھن سڄاڻي ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ھن سمجھاڻيءَ ۾ اسلامي تاريخ کي پڻ رقم ڪري ليکڪ مواد جي ڄڻ پورائي ڪرڻ جو ڪم ڪيو آهي. جڏھن ته اصل مقصد بيتن جي مفھوم مقصد جي حاصلات لاءِ بيتن جي علامتي پھلو کي دريافت ڪرڻ بجاءِ رسمي تشريح تائين محدود رکيو ويو آهي. تحقيق ڪھڙي به ڇو نه ھجي تحقيق ۾ جيستائين ڪنھن نئين پهلو جي ڳولها يا دريافت نٿي ڪئي وڃي، تيستائين تحقيق بي مقصد رھجي وڃي ٿي.
محمد حسين ڪاشف جي ھن ڪتاب کي پڻ ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گھرجي. ليکڪ جي موضوع، شاعر سان عقيدت، جذباتي وابستگي پڻ تحقيق تي غالب نظر اچي ٿي، جڏھن ته محقق جو اڻ ڌريو ٿي سوچڻ، لکڻ تحقيق جي گھرج مطابق لازمي آهي. ڪتاب جي ڇھه سئو صفحن مان ھڪ صفحو به بيتن جي علامتي مفھوم تي مخصوص نظر نٿو اچي، ان ڪمزوري جي بنياد تي اھو چئي سگھجي ٿو ته ھي تحقيق لفظي معنيٰ تائين محدود ٿي سگھي ٿي. محقق جيستائين پنھنجي تحقيق ۾ ڪو اضافو نٿو ڪري سگهي، تيستائين تحقيق جو ڪو مقصد حاصل نٿو ڪري سگھجي.
جيڪو محقق پنھنجي عقيدت، جذباتي وابستگيءَ کي پاسيرو رکي راءِ قائم ڪرڻ جي قابل ھوندو آھي ان جي تحقيق قابل اعتبار، قابل تعريف ۽ وزن رکندڙ ثابت ٿيندي آهي.
سر ڪلياڻ ۾ ڪھڻ ڪر لھڻ، خنجر تنھن خوب ھڻي، جنھن سين ٿئي يارُ، مڌ، پتنگ، آڳ، مچ، سڪ، سولي، جھڙن لفظن جو استعمال ڪيو ويو آهي. انھن لفظن جي بيتن ۾ لغوي معنيٰ سان ڪجھه سروڪار ناهي، پر محقق انھن جي ڪٿي به علامتي معنيٰ به نه ڪري سگهيو آهي، جيڪا ڳالھه ڪمزور تحقيق کي ظاھر ڪري ٿي.
سر ڪلياڻ ۾ صوفي، رومي جي ذڪر جي حوالي سان محقق ڪا راءِ قائم ڪرڻ کان قاصر آهن ته پنھنجي سنڌ جي ڪنھن ھمعصر شاعر جو ذڪر ڪرڻ بدران رومي جي ذڪر مان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟ اھڙا ڪافي سوال اٿاري سگھجن ٿا جن جا جواب محقق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، رڳو روايتي تشريح ڪرڻ تائين محدود آھن.
ھن سر ۾ ظاھري عبادت تي جيڪا تنقيد طنز آھي، اخلاقي قدرن، تعليم تي جيڪو زور ڏنو ويو آهي ان جي حوالي سان مذھبي، اخلاقي زوال جي خبر پوي ٿي، جنھن مان شاعر جي سماجي وابستگي جي خبر پوي ٿي.
“ڪھن تان ڪر لھن، ڪر لھن تان ڪھن،
خنجر تنھن خوب ھڻي، جنھن سين ٿئي يارُ،
سڪڻ ۽ سوري ٻئي اکر ھيڪڙي”
اھڙن لفظن جي ساخت مان محقق ڇا ٿو حاصل ڪري؟ اھڙي ڪابه تحقيق نه ٿي سگهي آهي، رڳو مٿاڇرو نظر ڊوڙائي لغوي معنيٰ لکي وڃي ٿي.
“سوري سڏ ٿيو ڪا ھلندي جيڏيون”
ھن سٽ جي محقق ڪھڙي تشريح ڪئي آهي؟ ڪوبه محقق اڄ تائين اھڙي سٽ جي الڳ يا مختلف تشريح نه ڪري سگهيو آهي سڀ جو سڀ ساڳي روايتي سمجھاڻي لکڻ تائين محدود آھن. جڏهن ڪو محقق اھڙي سٽ جي نئين تشريح يا سمجھاڻي ڏئي سگھي ته پوءِ سمجھو تحقيق برابر پنھنجو حق ادا ڪيو آهي.
جن نوجوانن اھڙي تشريح لکي ۽ پاڻ پوڙھا ٿي ويا، پر انھن کي ڪٿي اھا تحقيق پڙھڻ جو موقعو نه مليو نه وري اھڙي تحقيق جو ڪٿي ڪو ذڪر ڪيو ويو، پر ڄاڻي واڻي اھڙي نئين نڪور تحقيق کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ادبي تحقيق تنقيد کي اھڙي طرح دفن ڪيو ويو آهي، رڳو روايتي رسمي ادب کي اڳيان آندو ويو آهي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟