مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شاعري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بيت
سنڌ جي وحدت تان صدقي ساھ
اظهر آزاد مغل
سنڌ امڙ جي سينڌ تي، سهبو ڪو به نه وار،
ڌرتي ڪري هار، ڳلي پنهنجي پائبي۔
مٽائبا ملڪ مان، وطن جا ويري،
نظر جن جي ميري، ڌڪبا سي ديس مان
وطن جي وحدت ڪاڻ، صدقي ڪبو ساھ،
ٺڳيءَ جو ھر ٺاھ، مٽيءَ ۾ ملائبو۔
حامي وطن ورھاست جا، آهن سڀ حرامي،
سي نامي گرامي، بخش نه ڪبا ڀونءِ تي۔
سنڌ وطن جي وحدت جا، آهن جي منڪر،
ٿيندا سي ڪمتر، ذليل زماني ۾۔
سنڌ منھنجو سندر وطن، سنڌ ساھ پساھ،
رھندو سدا چاھ، ساري عمر سنڌ سان۔
ميري نظر سنڌ تي، تون سِٽين پيو سازش،
تنھنجي ھر خواھش، کوٽا ملندي خاڪ ۾۔
سدا رکبو سنڌ کي، ساھ کان اتم،
سھبو ھر ستم، ڪاڻ هن قوم جي۔
سنڌ پنهنجو سندر وطن، صدقو تنهن تان ساھ،
جيئرو رھندو نه جڳ ۾ ڪندو جيڪو ڪاھ،
ڄاڻي هڪ الله، سنڌ پياري ساھ کان۔
جو ڪاھ ڪندو قوم تي، رھندو نه سلامت،
سنڌ آهي علامت، عشق جي آزاد چئي۔
***
غزل
وفا گل محمد جمالي
​خُونِ دِل سان، جاودانِي، ديسَ جي،
فَرضُ آهي، پاسِبانِي، ديسَ جي.
​ظُلمَ جي هر، وارَ آڏو، سِرُ ڏِجي،
شاعِرِي آ، تَرجُمانِي، ديسَ جي.
​سِنڌُو دريا، جي ڪِنارن، سان سَدا،
مَوجَ ۾ آ، زِندَگانِي، ديسَ جي.
​ڪِينَ سَھبِي، ڏاڍَ واري، ڪا گَھڙِي،
لوڪَ جي آ، حُڪمَرانِي، ديسَ جي.
​عِلمَ، حِڪمَت، ۽ هُنَر جي، نُورَ سان،
شانُ آهي، آسِمانِي، ديسَ جي.
​راتِ جي هر، تيغَ ٽوڙڻ، لَئِه اُٿِي،
جوشَ ۾ آ، نَوجَوانِي، ديسَ جي.
***
ساحر راهو
ڪُفرٓ جي ايمان جي ڪھڙي خبر،
بُک کي ڀڳوان جي ڪھڙي خبر.
ڪائناتي راز کان اڻ ڄاڻ کي،
باوضُو وجدان جي ڪھڙي خبر.
سون جي زنجير پاتل شخص کي،
آجپي جي شان جي ڪھڙي خبر.
خواب سُندر ۾ مگن مصرُوفُ کي،
جاڳ جي زندان جي ڪھڙي خبر،
نازڪين جي عمر ۾ اي ڇوڪري،
توکي آتشدان جي ڪھڙي خبر.
مُنڪري بُنياد جنھن جي وصف تنھن،
قوم کي احسان جي ڪھڙي خبر.
جو لِباسن جان مٓٽي ٿو نظريا،
تنھن کي دل نادان جي ڪھڙي خبر.
ٿي سگهي ٿو ڇيدٓ سُورج ۾ ڪري،
سر ڦرئي انسان جي ڪھڙي خبر.
ماءُ قيمت ڪيئن چُڪائيِ ٻار کي،
رات ساحر نان جي ڪھڙي خبر.
***
ڪڏھن ٿيندو
حسن پنھيار
پنھنجو به پرين آخر اتفاق ڪڏهن ٿيندو.
ھن دل جو گڏيل هڪڙو الحاق ڪڏهن ٿيندو.
جو دل ۾ وسي ٿو ۽ جو عرش رھي ٿو سو
پنھنجي به ته حق ۾ ھيءَ آفاق ڪڏهن ٿيندو.
ھيءَ نيڻ به آمد ۾ ٿا راھ ڏسن روئن
ڀر ۾ ته اچڻ جي لاءِ مشتاق ڪڏھن ٿيندو.
حيران ڪيو دنيا الڪن به وڌو گھيري
ڪنھن درد گھڙيءَ ۾ ئي بيباڪ ڪڏهن ٿيندو.
ھڪ ڏينھن چميءَ تي ئي پڇندو به حسن پاڻھي
ڪوشش به ڪيم ڏاڍي ھيراڪ ڪڏهن ٿيندو.
***
طالبُ الموليٰ آفاقُ
آءُ اڪيلو آهيان، چنڊ ستارا ڇا ڪندس!
ٿڌڙي بادِ صبا ۽، ڪينجھر ڪنارا ڇا ڪندس!
بُوند برسات جي، ڪئين ٿي سَنھڙي هلي!
تو بنا هي اَڻ مُنديا، نِرمل نظارا ڇا ڪندس!
رِڻَ ٿيا آباد ٿَرَ جا، رُونقون ڪيڏيون وڌيون!
ساوڪون سِي ٺِڪاڻا، سيجَ چارا ڇا ڪندس!
طالبُ الموليٰ هلي ٿو، سُونھن جو سَمنڊُ ڀريل!
هڙُ ڪِنا تنھنجي بنا، سُونھن وارا ڇا ڪندس!
***
نثري نظم
ڪامران اڪبر سومرو
ڊگهو سفر،
ٽرين جا لوڏا،
ڊڪندڙ پٽڙيون،
اوجاڳيل ننڊون،
ٿڪل نيڻ،
اڻڄاڻ چهرا،
ڌاري ٻوليءَ ۾
هلندڙ گانا،
صبح صبح جو
ٻارن جي روئڻ جا آواز،
ناشتي وڪڻڻ واري جا هوڪا،
کڙڪيءَ مان ليئا پائيندڙ
سج جا ڪرڻا…!
پراڻي اخبار پڙهندڙ نوجوان،
اڌ ننڊ، اڌ جاڳ ۾
ٿڙندي ٿاٻڙندي
ايندڙ ويندڙ مسافر!
منزل جي انتظار ۾
شاعر لاءِ ڏکيو آ
ته هو شعر لکي يا
اڻپورو ڪتاب پڙهي
پورو ڪري…!
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو