مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ٿا ؟: سپريم ڪورٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ ۾ صحافين کي حراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، جنهن ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايف آءِ اي، پيمرا چيئرمين ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

جسٽس قاضي امين چيو ته صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذاتي فعل کي تحفظ نه ڏينداسين، ڪنهن کي صحافين سان مسئلو آهي ته قانوني رستو اختيار ڪري، گوليون هڻڻ يا تشدد ڪرڻ لاقانونيت آهي، آءِ جي اسلام آباد يقيني بڻائي ته صحافين تي حملا ڪندڙ گرفتار ٿين، مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ٿا ته صحافين تي حملن جا ڇو نه؟ جڏهن ته پيمرا چيئرمين کان به تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي. پوءِ عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو