مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مذهبن وچ ۾ شاديون: حقيقتون ۽ غلط فهميون

Shahryar Rahman

ليکڪ، محقق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان خبرن ۾ اڪثر ڏسندا ۽ پڙهندا آهيون ته هندو ناري مذهب تبديل ڪري مسلمان سان شادي ڪري ڇڏي ۽ والدين بيوس بڻجي رياستي ادارن ۾ شڪايتون ڪندا آهن. ظاهر آهي ته والدين جنهن تڪليف مان گذرندا آهن ان کي بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هڪ ته والدين جي لاعلميءَ ۾ شادي ٻيو وري مذهب مٽائي شادي ڪرڻ. مذهب سان انسانن جو جذباتي رشتو ٿيندو آهي، جڏهن اولاد مذهب تبديل ڪري شادي ڪري ته ظاهر آ ماءُ پيءُ لاءِ قيامت جهڙي صورتحال هوندي.
سنڌ ۾ اهڙي قسم جي شادين ۾ ڇو ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري الڳ الڳ مذهبي پسمنظر رکندا آهن. ان لاءِ ظاهر آهي ته “مذهب” نمايان رهندو ۽ خبرن ۾ به ٻين سببن کي نظرانداز ڪري مذهب ئي زير بحث ٿيندو آهي. ڀارتي ميڊيا جيان هن کي به ائين ظاهر ڪيو ويندو آهي ته سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ هندن سان ظلم ٿي رهيو آهي. جڏهن ته منهنجي ذاتي راءِ ۾ معاملو ائين ناهي ان قسم جي شادين جا گهڻا پهلو هوندا آهن.
جيڪڏهن اسان هندو ڌرم ۾ گهٽ ذات قرار ڏنل خاندانن کي ڏسون ته انهن جو سماجي ۽ معاشي استحصال انهن جي پنهنجي ئي نالي ماتر اوچي هندو طبقي جي ماڻهن جي هٿان ٿئي ٿو. انهن جي خاندانن مان گهڻيون عورتون اسلام قبول ڪري مسلمانن سان شادي ڪنديون رهيون آهن. هاڻي اهڙي شاديءَ ۾ عورت جو ڪيس اهو هوندو آهي ته ان کي سماج ۾ برابري کپي. جنهن لاءِ عورت اهڙي طبقي مان راهه فرار اختيار ڪري ٿي جتي ان کي انسان ئي مشڪل سان سمجهيو وڃي ٿو. اهو ضروري ناهي ته هيٺين طبقي جي عورت سان مسلمان جي شادي جو سبب صرف اهوئي هجي.
ٿي سگهي ٿو مرد چالاڪي به ڪئي هجي جيئن مسلمانن جي پنهنجي رشتن ۾ ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ هر سال سوين شاديءَ سان جڙيل فراڊ ٿيندا آهن، يقينن ان جو ڪارڻ مذهب بجاءِ انسان جي پنهنجي نفسياتي مجبوري هوندي آهي. بهرحال! هندو ڌرم جي هيٺين ذات جي عورتن جو ٻئي مذهب جي مردن سان شادي ڪرڻ جو ڪارڻ هندو سماج ۾ هيٺين ذات سان معاشي، سماجي ۽ روين جو استحصال به آهي ۽ اهو ڪو اڄ جو به ناهي، بلڪه صديون پراڻو آهي. برطانوي دور ۾ گهڻين ئي عورتن برطانوي ماڻهن سان به شادي ڪئي محض ان لاءِ ته کين سماج ۾ برابري ملي سگهي.
دنيا ۾ هر قسم جا فراڊ ٿين ٿا ڪجهه ڪيسن ۾ ته ذهني مسئلا ايترا پيچيده ٿين ٿا جو اولاد پنهنجي ئي والدين کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح پنهنجن دوستن، مٽن مائٽن سان به دوکيبازي ڪن ٿا. ظاهر آهي ته اهو روين جو اظهار آهي اهو يقينن بيمار ذهن آهي، پر شيطاني ڪردار انسانن سان جڙيل رهيو آهي. ڇا اسان ان کي مذهب سان جوڙي انصاف ڪنداسين؟
ڪراچي ۾ ڪجهه وقت اڳ هڪ هندو ڊاڪٽر کان ڪيش ڦريندي کيس قتل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پوليس ٽن هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو، ڇو ته ثبوت اهڙا مليا. ان دوران ڀارتي ميڊيا ان کي اقليتن سان ٿيل ظلم ڏيکاريو، پر هي ڪيس ڪجهه ٻيو ئي نڪتو ان قسم جا واقعا پاڪستان ۾ مسلمانن سان وڌيڪ ٿين ٿا. ڪجهه وقت اڳ هڪ شخص انڊر پاس کان ويندي پنهنجي فيملي سان قتل ٿيو، تفتيش کانپوءِ خبر پئي ته قاتل زال ئي هئي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ ڌاڙيل هندو واپارين کي ڦرين ٿا ته ان کي به مذهبي رنگ ڏئي اقليتن تي حملو قرار ڏئي ڀارتي ميڊيا کي مواد ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته پري پري تائين هي مسئلو مذهب سان جڙيل ناهي، ڇو ته هن علائقي ۾ مسلمان به ڦرجن ٿا ۽ اغوا ٿين ٿا. سماجي ناانصافي پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ تمام گهڻي آهي ۽ پاڪستان کان وڌيڪ ڀارت ۾ آهي، ڇو ته اتي 140 ڪروڙ انسان رهن ٿا. ڪنهن به ذاتي ڪيل جرم کي مذهبي رنگ نه ڏيڻ گهرجي پاڪستان ۾ اهڙيون تنظيمون آهن، جيڪي پنهنجي ذاتي رنجشن ۽ دشمنين کي مذهبي توهين جو رد عمل قرار ڏئي سزا کان بچڻ چاهيندا آهن. پاڪستاني سماج ۾ انتهاپسندي به آهي، ضرور اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي فاشزم تي يقين رکن ٿا، پر اسٽريٽ ڪرائيم ۽ هر جوڙي جو ذاتي فيصلو مذهبي ناهي. هندو ناري جي مسلمان سان شادي ۽ مذهب مٽائڻ ۽ بعد ۾ پيدا ٿيل طوفان جا ڪجهه بنيادي ڪارڻ به آهن جيڪي دلچسپ به آهن ۽ افسوسناڪ به آهن.
معصوم ٻارن ۽ جوان ڇوڪرين جو اغوا ۽ وڪرو عالمي سطح جو سنگين مسئلو آهي ان ۾ هر ڪيس جو تعلق مذهب سان ناهي، جيئن ڀارتي ميڊيا هن کي هندو-مسلمان ڪري پيش ڪندو آهي. هر سال هزارين ٻار ۽ جوان ڇوڪريون اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جا ڪيس سامهون ايندا آهن. ڇا انهن جو تعلق مذهب سان آهي؟ نه، بلڪل به نه! هي حڪومت ۽ رياستي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ناڪامي آهي. هڪ طرف پريا ڪماري جهڙي معصوم نياڻي جو اغوا آهي ۽ تڪليف ۾ والدين آهن ته ٻئي طرف فضيلا سرڪي جو ڪيس به آهي، جرم جو واسطو مذهب سان ٿي سگهي ٿو، ان کان انڪاري ناهيان، پر ان جو سبب محض مذهب هجي ان سان متفق ناهيان.
انسان ۾ مخالف جنس لاءِ ڪشش بي انتها ٿيندي آهي دلڪشي، محبت، ڪنهن جي اکين ۾ پنهنجي دنيا ڏسڻ، جذباتي لڳاءُ ۽ عشق جو جنون دنيا فتح ڪرڻ جو جذبو رکندو آهي. ان ڪيفيت ۾ انسان هڪ ٿيڻ لاءِ هر قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙو الڳ الڳ مذهبي پسمنظر رکندڙ هجي ته پوءِ رياست، رياستي قانون، سماج ۽ سماج ۾ اڪثريت جو ذهن جوڙي جي فيصلي جي نوعيت تي اثرانداز ٿيندو آهي.
مشهور فلمي ايڪٽر ڌرميندر ٻي شادي ڪرڻ لاءِ مذهب بدلايو هو. ڇو ته ڀارتي قانون ۾ هندو مئريج ايڪٽ 1954 تحت هندو جين مت ۽ ٻڌ مت جا ماڻهو هڪ ئي وقت هڪ عورت سان ئي شادي ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف ڀارتي قانون ڇو ته سيڪيولر آهي، ان لاءِ اسپيشل مئريج ايڪٽ به آهي جنهن ۾ الڳ الڳ مذهب سان تعلق رکندڙ انسان شادي ڪري سگهن ٿا. جيئن عامر خان، شاهه رخ ۽ نرگس شاديون ڪيون.
ننڍي کنڊ جي هندستان ۽ پاڪستان ۾ مذهبي آشرم مدرسا ۽ ادارا به آهن ڪڏهن ڪڏهن اهڙين شادين ۾ انهن جو به رد عمل ايندو آهي، جيڪو شادي کي مذهبي رنگ ڏيندو آهي. مثال طور: گهوٽڪي جي ڪنهن وڏي مذهبي اداري وٽ ڪا هندو ناري اچي اسلام قبول ڪري ۽ ڪنهن مسلمان سان شادي ڪري ته ظاهر آهي ادارو ڇوڪريءَ جي هن فيصلي کي جنت دوزخ ۽ ڪفر ايمان تحت ئي ڏسندو. مطلب هو ائين سمجهندا ته ڇوڪري هاڻي اسان جي دائري ۾ اچي وئي آهي ۽ هاڻي ان جو تحفظ ڪرڻ ايمان جو حصو آهي. هن اداري جي فيصلي کي اڪثريت جي حمايت به هوندي آهي. ڇو ته مسلمان پاڪستان ۾ اڪثريت ۾ آهن. ان لاءِ نفسياتي برتري ۽ تحفظ جو احساس به ٿئي ٿو. جڏهن ته حقيقت اها هوندي آهي ته گهڻو ڪري ڇوڪري شادي ڪرڻ لاءِ ئي اهو فيصلو ڪيو هوندو آهي.
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڀارت ۾ ڪو مسلمان شخص هندو ڌرم قبول ڪري ۽ وڃي هندو ناري سان شادي ڪري ته هندو ڌرم جي مذهبي ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جو به اهڙو رد عمل هوندو ۽ نفسيات به ائين ڪم ڪندي جيئن پاڪستان ۾. هاڻي هندو ڌرم ڇو ته اڪثريت ۾ ٿي ويندو ته احساس مذهب مطابق بدلجي ويندو. ڀارت ۾ هندو ناري مسلمان ٿي شادي ڪندي ته يقينن سماجي انتهائي رد عمل ايندو وري جيڪڏهن مسلمان هندو ٿي شادي ڪندو ته هندو ڌرم جي اڪثريت جي ڪري هو گهڻي حد تائين محفوظ رهندو. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ جيڪڏهن هندو کان مسلمان ٿي شادي ڪئي وڃي ته اڪثريت جي حمايت ملي وڃي ٿي. الڳ الڳ مذهب سان واسطو رکندڙ جوڙي جي شادي وارو معاملو ڀارت ۾ به گهڻي ڇڪتاڻ جو سبب ٿئي ها، جيڪڏهن ڀارت ۾ اسپيشل مئريج ايڪٽ نه هجي ها. پاڪستان ۾ ڇو ته سيڪيولر مئريج ايڪٽ ناهي، تنهنڪري هتي صورتحال مختلف آهي. سنڌ ۾ هندو نارين جي مسلمانن سان شادي کي نارين جو اغوا قرار ڏيڻ والدين جي پريشاني دوران ڏنل بيانن جي ڪري اغوا جون خبرون پيدا ٿينديون آهن. جڏهن ته حقيقت اها به آهي ته مسلمان ڇوڪريون جڏهن پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪرنديون آهن تڏهن به والدين اغوا جا بيان ئي ڏيندا آهن. منهنجي ذاتي خيال ۾ اهڙيون شاديون جوڙي جي انفرادي پسند ۽ محبت آهي، نه ڪي مذهبي مسئلو، پر پوءِ رياستي ادارن کي الرٽ رهڻ کپي جيئن جبر نه ٿي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو