مولانا جي لفظي گولاباري وفاقي حڪومت ڏانهن ڇو؟
پاڪستان جي سياست ۾ ڪجهه اهڙا اڳواڻ آهن، جيڪي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ ھجن، اُهي پنهنجي سياسي اهميت جي صلاحيت برقرار رکڻ ڄاڻن ٿا. ملڪي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان انهن سياستدانن مان هڪ آهي، جيڪو سياسي حڪمت عملي، پارلياماني تجربي ۽ مذهبي ووٽ بئنڪ جي ڪري ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. ملڪ ۾ جڏهن به حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي، تڏهن مولانا جو ڪردار رڳو بيانن تائين محدود نٿو رهي، پر هو سياسي حالتن جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسيءَ جي نفاذ بابت سندس سخت موقف پڻ ان سياسي پسمنظر ۾ هڪ ڪڙي آهي، جيڪا اڄ ڪالهه ميڊيا جي زينت بڻيل آهي.
مولانا فضل الرحمان جون وفاقي حڪومت خلاف شڪايتون صرف انتظامي فيصلي خلاف احتجاج نه ، پر انهن جي پويان آئيني اختيارن، صوبائي خود مختياري، امن امان جي صورتحال ۽ سياسي مفادن بابت ڪيئي سوال اٿاريا آهن. اُنھن مان ڪجهه اهم سوال هي آهن، پهريون سوال جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ته ان جو حل ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ٻِيو سوال ڇا چونڊيل حڪومت کي هٽائي صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ سان دهشتگردي ختم ٿي سگهندي؟ ٽيون سَوال ڇا اهڙي سخت قدم کڻڻ سان صوبي جي عوام ۾ بي اعتماديءَ نه وڌندي؟ ھي اهي سوال آهن جيڪي خيبر پختونخواهه جي عوامي سياست تائين محدود ناهن، پر پاڪستان جي وفاقي حڪومت جي مستقبل سان به لاڳاپيل آهن.
مولانا ميڊيا تي اهو بار بار ورجائي چُڪو آهي ته جيڪڏهن دهشتگرديءَ کي بنياد بڻائي ڪنهن صوبي جي چونڊيل حڪومت خلاف غير معمولي آئيني قدم کڻڻ کان اڳ پارليامينٽ ۾ سنجيده بحث ٿيڻ گهرجي ها! اُن کان علاوه سندس دليل اھو آهي ته امن امان قائم ڪرڻ رياست جي ذميواري ته آهي، پر ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ آئيني حدن ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن جي اختيارن جو احترام به ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي حڪومت کان اختيار واپس وٺڻ کي مسئلن جو حل سمجهيو وڃي ٿو ته پوءِ اهو به واضح ڪرڻو پوندو ته ان قدم سان دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ ڪهڙي عملي مدد ملي سگهندي.
بلوچستان جي صورتحال بابت مولانا جو سوال پڻ ميڊيا ۾ پڻ زير بحث آهي، مولانا جي چوڻ مطابق جيڪڏهن دهشتگرديءَ جي موجودگي ڪنهن صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي ته پوءِ بلوچستان صوبي لاءِ اهو معيار ڇو اختيار نٿو ڪيو وڃي؟ جڏهن ته خيبر پختونخواهه کان وڌيڪ ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، بهرحال اهو موقف ته مولانا جو آهي پر ڏٺو وڃي ته ٻنهي صوبن جون حالتون، آئيني ۽ انتظامي حقيقتون الڳ ٿي سگهن ٿيون، تنهنڪري ڪنهن به فيصلي جو جائزو جذباتي بيانن بدران حقيقتن ۽ قانوني معيارن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. اصل ضرورت اها آهي ته وفاقي حڪومت واضح ڪري ته اهڙي قدم لاءِ ڪهڙا آئيني سبب موجود آهن ۽ ان جا متوقع نتيجا هاڻ ڪهڙا نڪرندا
مولانا فضل الرحمان پنهنجي هر سياسي تقرير ۾ پنهنجي موقف جي حمايت ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن جي قربانين جو حوالو پڻ ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ موجب، پارٽيءَ جي ڪارڪنن دهشتگرديءَ خلاف جدوجهد ۾ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي، تنهنڪري سڄي جماعت کي دهشتگردن سان همدرديءَ جي نظر سان ڏسڻ ناانصافي ٿيندي. سندس دليل کي سنجيدگيءَ سان ٻڌڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سياسي جماعت بابت اجتماعي الزام هڻڻ بدران مخصوص واقعن ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڳالهائڻ ضروري آهي. ساڳئي وقت، ڪنهن به جماعت جي دهشتگردي ۾ ڏنل قربانين جي اعتراف کي قبول ڪرڻ گهرجي، جيڪو سياست جو حسن آهي.
پارليامينٽ جو اِن ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو به مولانا ڪري رهيو آهي، ۽ مولانا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قومي سلامتيءَ جا ڪيترائي معاملا اهڙا هوندا آهن، جن جا تفصيل عوام آڏو پيش ڪرڻ مناسب نه هوندا آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته چونڊيل نمائندن کي به صورتحال کان بي خبر رکيو وڃي. پارليامينٽ کي سيڪيورٽي پاليسي، فوجي ڪاررواين جي نتيجن، متاثر علائقن جي صورتحال ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي بابت اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. اهڙي عمل سان نه رڳو حڪومت جي پاليسين کي سياسي حمايت ملي سگهي ٿي، پر انهن ۾ موجود ڪمزورين جي نشاندهي ڪرڻ جو موقعو پڻ ملي سگهي ٿو.
ٻئي طرف، حڪومتي ميمبرن پاران مولانا تي اهو الزام لڳايو پيو وڃي ته سندس ناراضگيءَ جي پويان اقتداري راند ۾ شراڪتداري نه ملڻ آهي، پر اهڙن الزامن جو فيصلو رڳو بيانن جي بنياد تي نٿو ڪري سگهجي. سياسي اڳواڻن جا مفاد ضرور هوندا آهن، پر هر اختلاف کي ذاتي رنجش قرار ڏيڻ به مناسب ناهي. مولانا جي موقف جو جائزو سندس مطالبن، سياسي سرگرمين ۽ آئيني دليلن جي بنياد تي وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن سندس اعتراض اصولي آهن ته حڪومت کي انهن جو جواب دليلن سان ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن سندس موقف ۾ سياسي مصلحتون شامل آهن ته اُنهن تي غور ڪرڻ به حڪومت جو ڪم آهي ڇو ته اقتدار جون واڳون به انهن وٽ آھن.
مولانا فضل الرحمان جون وفاقي حڪومت ڏانهن وڌندڙ توبون پاڪستان جي سياست ۾ هڪ نئين ڇڪتاڻ جو اشارو ضرور ڏِين ٿيون، پر ان ڇڪتاڻ کي قومي بحران ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ سياسي قيادت جي ذميواري آهي. هاڻ حڪومت کي گهرجي ته هو مخالف ڌر جي سوالن کي محض سياسي مخالفت سمجهي نظرانداز نه ڪري، جڏهن ته مولانا ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي به پنهنجي موقف کي ثبوتن، آئيني دليلن ۽ عملي تجويزن سان بيانو رکڻ گھرجي. ملڪ کي هن وقت الزام تراشي کان وڌيڪ سنجيده ڳالهين، طاقت جي نمائش کان وڌيڪ قانون جي بالادستي ۽ سياسي مقابلي کان وڌيڪ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ڪنهن هڪ حڪومت يا جماعت جي نه، پر سڄي پاڪستان جي جنگ آهي؛ ۽ ان جنگ ۾ ڪاميابيءَ جو رستو صرف سياسي انتقام ۾ نه، پر گڏيل سِياسي حڪمت عملي ۽ عوام جي اعتماد سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيڪو هاڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟