سڀ ڪجهه اولهه جي ڪاپي، پر سماجي روين اپنائڻ کان انڪار
اسان وٽ هڪ جملو وڏي آسانيءَ سان ورجايو ويندو آهي: “مغربي ثقافت اسان کي بگاڙي ڇڏيو آهي.” شادين جي محفلن کان وٺي ڊرائنگ رومن جي ويهڪن ۽ سماجي رابطن جي پليٽ فارمن تائين، اهو جملو ڄڻ ڪنهن مڃيل حقيقت جيان پيش ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان، هندستان ۽ مجموعي طور ڏکڻ ايشيا جي سماجي زندگيءَ جو اڻ ڌريو جائزو ورتو وڃي ته تصوير ڪجهه مختلف ۽ غور طلب نظر اچي ٿي: اسان اولهه جي طرزِ زندگيءَ کي ته ڏاڍي جوش ۽ خروش سان قبول ڪيو آهي، پر ان سان لاڳاپيل ڪيترن ئي انساني قدرن کان شعوري طور پاسيرا آهيون.
اڄ ڪنهن به وڏي شهر جي گهٽين ۾ نڪري ڏسو، اها نقل پنهنجي مڪمل صورت ۾ نظر ايندي. صبح جو آغاز کير پتي بدران ڪافيءَ سان ٿئي ٿو؛ ان ڪري نه ته اها لازمي طور ذائقي يا صحت جي لحاظ کان بهتر آهي، پر ان ڪري جو اها جديديت جي علامت بڻجي چڪي آهي. اسان جا ٻار پيزا، پاستا، برگر ۽ فرائز کي روزمره جي خوراڪ سمجهن ٿا ۽ اسان ان کي فخر سان سماجي ميڊيا جي زينت بڻايون ٿا. اسان جا گهر به اولهه جي طرزِ تعمير جا عڪس بڻجي ويا آهن، اهڙا ڊرائنگ روم، جن ۾ شايد ئي ڪو ويهي؛ ننڍپڻ کان ئي هر ٻار لاءِ الڳ ڪمرو ۽ اهي جديد بورچي خانا، جيڪي نمائش لاءِ ته شاندار آهن، پر جن ۾ روايتي رڌ پچاءُ جو عمل ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندو وڃي.
خانداني نظام ۾ به اسان اولهه جي پيروي ڪئي آهي. گڏيل خاندان کان ننڍي يا الڳ خانداني نظام ڏانهن منتقلي، ذاتي اڪيلائي ۽ پرائيويسيءَ جي طلب، انگريزي ميڊيم تعليم، ڪيمبرج ۽ ٻين بين الاقوامي نصابن تي ٻڌل ادارا ۽ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا خواب، اهي سڀ اسان جي سماجي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. پوشاڪ ۾، خوراڪ ۾، رهائش ۾ ۽ تعليم ۾ اسان اولهه جا پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون، پر جتي ڳالهه ڪردار ۽ انهن بنيادي انساني روين جي اچي ٿي، جيڪي ڪنهن به مهذب سماج جو بنياد هوندا آهن، اتي اسان اڃان تائين پنهنجي فرسوده روايتن سان چنبڙيل آهيون. اسان طرزِ معيشت ته اختيار ڪيو، پر طرزِ معاشرت کي رد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اولهندي سماج جي انهن مثبت پاسن جو ذڪر ڪجي، جيڪي اسان اولهه جي ظاهري تقليد دوران نظرانداز ڪري ڇڏيا آهن ته اهي هزارين ٿي سگهن ٿا. انهن کي محض “مغربي پروپيگنڊا” سمجهڻ بدران ڪيترن ئي معاملن ۾ آفاقي انساني قدرن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. خاص طور عورتن ڏانهن روين، صنفي برابري، ذاتي آزادي، گڏيل ذميواري ۽ انساني وقار بابت ڪجهه اهڙا رويا آهن، جن تي اسان جي سماج کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي.
پهريون اهم مسئلو صنفي برابريءَ جو آهي. ڪيترن ئي اولهندي سماجن ۾ نياڻي جي ڄم کي پٽ جي ڄم جيان ئي خوشيءَ جو موقعو سمجهيو ويندو آهي. ٻار جي جنس معلوم ٿيڻ کانپوءِ خاندان گڏجي ان خوشيءَ کي ملهائيندا آهن. اسان وٽ صورتحال اڃان به مختلف آهي. اسان فائيو اسٽار هوٽلن ۾ مغربي انداز جون سالگراهون ته ملهائي سگهون ٿا، پر ڪيترن ئي گهرن ۾ نياڻيءَ جي ڄمڻ تي اڃان تائين خاموش مايوسيءَ سان قبول ڪيو وڃي ٿو. اسان مغربي طرز جي شادين تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان تائين پٽ کي “سرمايو” ۽ نياڻيءَ کي “بار” سمجهڻ واري سوچ موجود آهي. اسان تقريبن جي صنعت ته درآمد ڪئي، پر مساوات جو تصور نه. ٻيو اهم پاسو گڏيل ذميواريءَ جو آهي. ڪيترن ئي اولهندي سماجن ۾ پٽن کي به نياڻين وانگر گهر سنڀالڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، کاڌو تيار ڪرڻ ۽ روزمره جي گهريلو ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي. اتي اهو تصور نسبتن ڪمزور آهي ته مرد کان گهريلو ڪم ڪرائڻ سندس وقار جي خلاف آهي. اسان وٽ آمريڪي طرز جا ماڊيولر ڪچن ته موجود آهن، پر سوچ اڃان تائين اها آهي ته چلهو ۽ گهر جا گهڻا ڪم عورت جي ذميواري آهن. اسان جا پٽ موبائل فون تي پيزا ته گهرائي سگهن ٿا، پر شايد هڪ سادي ماني پچائڻ کان به قاصر هجن. اسان فنِ تعمير ته اولهه کان ورتو، پر شراڪت جو فلسفو نه.
ٽيون معاملو ذاتي فيصلي جي خود مختياريءَ جو آهي. ڪيترن ئي اولهندي سماجن ۾ بالغ نوجوان پنهنجي تعليم، پيشي، شادي ۽ خانداني زندگيءَ بابت پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ کي بنيادي حق سمجهن ٿا. اسان ٻارن کي مغربي نصابن ذريعي آزاد سوچ، تنقيد ۽ ذاتي چونڊ جا سبق ته پڙهايون ٿا، پر عملي زندگيءَ ۾ سندن شادي، نوڪري ۽ خانداني منصوبابنديءَ بابت فيصلا اڪثر خاندان پاڻ ڪرڻ چاهي ٿو. اسان کي آفيسن ۾ خود مختيار ذهن گهرجن ٿا، پر گهرن ۾ فرمانبردار فرد.
چوٿون مسئلو ڏاج جي روايت آهي. ڪيترن ئي اولهندي سماجن ۾ شاديءَ کي ٻن بالغ ماڻهن جي گڏيل زندگيءَ جي شروعات طور ڏٺو ويندو آهي، نه ڪي ٻن خاندانن وچ ۾ معاشي ڏيتي ليتيءَ جو موقعو. اسان وري شادين کي اولهه کان به وڌيڪ “مغربي” بڻائي ڇڏيو آهي: سفيد لباس، برائيڊل شاور، منزلِ مقصود تي تقريبون ۽ شاندار سجاوٽون، پر انهن چمڪندڙ فانوسن هيٺ ڏاج جو سودو اڃان تائين جاري آهي. اسان مغربي نمائش تي ته بي حساب خرچ ڪريون ٿا، پر ان خرچ جو وڏو بار اڪثر ڪنوار جي خاندان تي وجهي ڇڏيون ٿا. اسان اسراف ته اختيار ڪيو، پر انصاف کي وساري ڇڏيو.
پنجون مسئلو تحفظ کي نالي ماتر خانداني عزت تي فوقيت ڏيڻ جو آهي. جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن رشتي ۾ ناخوش هجي يا گهريلو تشدد جو شڪار هجي ته ڪيترن ئي اولهندي سماجن ۾ پهريون سوال اهو هوندو آهي: “ڇا تون محفوظ آهين؟ اسان تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا؟” اسان وٽ، ان جي ابتڙ، ڪافي پيئندڙ ۽ انگريزي ڳالهائيندڙ تعليم يافته خاندان به ڪڏهن ڪڏهن نياڻيءَ کي اهوئي چوندا آهن: “ماڻهو ڇا چوندا؟ برداشت ڪر.” اسان اولهه کان الڳ ڪمرن جي صورت ۾ پرائيويسي ته ورتي، پر ذاتي حدن جي احترام جو تصور نه ورتو. ڪنهن ڪڏهن شادي ڪئي، ڪنهن ڪڏهن اولاد ڄڻيو، ڪنهن ڇا پاتو ۽ ڪير ڪيترو ڪمائي ٿو، اهي اڃان تائين اسان جي محفلن جا مرڪزي موضوع آهن. اسان جديد، اوچين ديوارن وارين رهائشي سوسائٽين ۾ ته رهون ٿا، پر ٻين جي ذاتي زندگيءَ ۾ مداخلت ۽ چغليءَ کي اڃان تائين سماجي تفريح جو حصو سمجهون ٿا.
ڇهين ڳالهه محنت جي وقار جي آهي. ڪيترن ئي اولهندي سماجن ۾ صفائي ڪندڙ، سامان پهچائيندڙ، هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ يا ڪنهن ٻئي خدمت سان لاڳاپيل شخص سان به انساني وقار ۽ احترام سان پيش اچڻ کي سماجي قدر سمجهيو وڃي ٿو. اسان فوڊ ڊليوري ايپس ۽ ڪيفي ڪلچر ته اختيار ڪيو آهي، پر ڊليوري ڪندڙ يا خدمتگار کي اڃان تائين حقارت جي نظر سان ڏسڻ جا رويا عام آهن. نيويارڪ جي مهانگي ڪافي پيئڻ ۾ اسان کي جديديت نظر اچي ٿي، پر اها ڪافي پيش ڪندڙ شخص جو شڪريو ادا ڪرڻ به ساڳي تهذيب جو حصو آهي، اهو سبق اسان اڃان تائين پورو نه سکيو آهي.
ستين ڳالهه شهري ذميواريءَ جي آهي. ڪيترن ئي اولهندي شهرن ۾ ماڻهو دريائن يا واهن کي مقدس نالو نه ڏيندا هجن، پر انهن کي صاف رکڻ کي پنهنجي شهري ذميواري ضرور سمجهندا آهن. ڪچرو روڊ تي نه اڇلائڻ، غلطيءَ سان ڪجهه ڪري پوي ته پاڻ کڻي ڪچري جي دٻي ۾ وجهڻ ۽ عوامي هنڌن کي پنهنجي گهر وانگر صاف رکڻ، اتي روزمره جي شهري ثقافت جو حصو آهي. اسان دريائن ۽ واهن کي مقدس ته قرار ڏيون ٿا، انهن جي ڪنارن تي مذهبي رسمون به ادا ڪريون ٿا، پر ساڳين پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ پلاسٽڪ ۽ گند اڇلائڻ کان به نه ڪيٻايون. اسان دعوائون ڪيون، انهن عمل ڪيو.
اهو ئي شايد اسان جو اصل ثقافتي الميو آهي. الميو اهو ناهي ته اسان مغربي ٿي رهيا آهيون؛ الميو اهو آهي ته اسان مغربي رڳو سطحي معنائن ۾ ٿي رهيا آهيون. اسان پيزا ته کنيو، پر برابري نه. اسان الڳ ڪمرا ته کنيا، پر فرد جي آزادي نه. اسان انگريزي اسڪول ته کنيا، پر آزاد فڪر نه. اسان ننڍو خانداني نظام ته اختيار ڪيو، پر گڏيل ذميواري نه.
يقينن ڪابه تهذيب ڪامل ناهي. اولهه ۾ به اڪيلائي، خاندان جو ٽٽڻ، ماديت ۽ ٻين سماجي مسئلن جا سنگين پاسا موجود آهن. هر ثقافت ۾ خوبيون به آهن ۽ خاميون به. مقصد اولهه جي انڌي تقليد نه آهي؛ سوال رڳو ايترو آهي ته اسان واپرائڻ جي تهذيب ڇو قبول ڪئي، پر انسانيت جي تهذيب کي ڇو نظرانداز ڪيو؟
اڄ اسان کي جنهن شيءِ جي حقيقي ضرورت آهي، اها ڪا ٻي ڪافي شاپ يا ڪو ٻيو غير ملڪي نصاب ناهي. ضرورت انهن قدرن کي پنهنجي سماجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ جي آهي، جن کي اسان ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ پٺي ڏني آهي: نياڻيءَ جي ڄم تي برابر خوشي، پٽن کي گهريلو ڪمن جي تربيت، ڏاج جي خاتمي لاءِ سماجي مزاحمت، بالغ فرد جي ذاتي فيصلن جو احترام، خانداني ننگ ۽ بدناميءَ بدران عورت جي تحفظ کي اوليت، هر قسم جي محنت جو احترام، ٻين جي نجي زندگيءَ ۾ غير ضروري مداخلت کان پاسو ۽ پنهنجي گهٽين، واهن ۽ دريائن جي صفائي.
ياد رکو اهي قدر اختيار ڪرڻ اسان کي گهٽ پاڪستاني يا گهٽ مشرقي نه بڻائيندا؛ پر اهي اسان کي وڌيڪ مهذب، وڌيڪ ذميوار ۽ وڌيڪ انسان بڻائي سگهن ٿا. شايد تبديليءَ جي اصل معنيٰ به اها ئي آهي ته اولهه جي شين جي نه، پر انسان دوست قدرن جي چونڊ. اھي مٿي ذڪر ڪيل سمورا قدر اسان جا ئي ھئا جيڪي مذھبن جي حڪومتن سان جوڙيوال ٿيڻ ڪري بگڙي ويا. لڳاتار غلامي اسان کي لٽيرن حڪمرانن جا عارضي رويا ۽ عادتون اسان جو حصو ٿي ويو، شين کي ميرٽ تي ڏسي اسان کي بنا مغرب-مشرق جي فرق جي سمورا سٺا آدرش اپنائي بگڙيل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻو پوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟