پاڪستان جو اڀياس تاريخ جي روشنيءَ ۾!
Tufail Magsi
ڪالم نگار
اڄ ڪراچي ۾ ويٺل مهاجر ڳالهائيندي اسان تي احسان ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته سندن ابن ڏاڏن ٽينڪن ۽ توپن جي اڳيان سمهي جانيون قربان ڪري پاڪستان ٺاهيو، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪنهن هڪ مهاجر جي ابي ڏاڏي ڪا قرباني نه ڏني هئي، بلڪه اهي مهاجر ته هيٺين طبقي جا غريب ۽ مسڪين هئا جن هندن کان وياج تي قرض وٺي رکيو هو، قرض نٿي ڏئي سگهيا، ان ڪري غنيمت جو موقعو هٿ ايندي پاڪستان ڀڄي آيا! هتي اچي هندن ۽ سکن جي ڇڏيل وڏين وڏين ملڪيتن تي ڪوڙن ڪليمن جي وسيلي قابض ٿي عيش ڪرڻ لڳا، جيڪو اڃان تائين جاري آهي. 95 سيڪڙو مهاجرن جي ابن ڏاڏن جا شجرا ڏسو ته اهي ننڍڙن ڪاروبارن جا مالڪ هئا!
البته جيڪي ڪجھه پنجابين هڪٻئي سان ڪيو اها نهايت افسوس جي ڳالھه آهي! ماستر تاره سنگھه جي نهرو سان نئين نئين دوستي جي باوجود سک انهيءَ ساري عمل ۾ غير جانبدار هئا. ڇو ته انهن جي ويجهو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارا علائقا حسن ابدال، ننڪاڻه صاحب، پنجه صاحب ۽ بيشمار بيٺڪيتيون انهن لاءِ قبلو ۽ ڪعبو هيون! اهي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئا. انهيءَ لاءِ هو غير جانبدار هئا. سک پنجاب کان ڄمون ۽ ڪشمير تائين وڏي انگ ۾ آباد هئا ۽ اهي پنهنجي مڪمل سچائي ۽ سادگي سان غير جانبدار هئا! سندن غير جانبداريءَ سان به ڪو فرق نه پيو ۽ نه ئي پوڻو هو. ان ڪري ته هندستان جي ورهاست ڪنهن جنگ يا ٻن فوجين جي ويڙھ جو نتيجو نه هئي، بلڪه انگريزن جي سازش هئي. جنهن ۾ مسلمانن کي گمراھ ڪيو ويو هو ۽ ڄار ۾ ڦاسايو ويو. اصل ۾ انگريز هندستان ڇڏڻ کانپوءِ به هندستان مان وڃڻ نٿي چاهيو ۽ چاهيائون ٿي ته فار ايسٽ ايشيا جيان هندستان ۾ سندن وائسراءِ موجود رهي. گانڌي، پٽيل ۽ نهرو جڏهن نه مڃيو ته هنن هندستان کي ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ هڪ ڪمزور ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو. جنهن جي ورهاست عجيب هئي. اوڀر ۽ اولھه پاڪستان ۾ ڪا زميني سرحد نه ملندي به ان کي هڪ ملڪ طور جوڙي قائم ڪيو ويو. سبب اهوئي هو ته ان ڪمزور ملڪ ۾ انهن جو قيام ممڪن هو. جيتوڻيڪ انهن جي بدنيتي واري خواهش ته پوري نه ٿي سگهي. هاڻي پاڪستان انگريزن جو نه صحيح، پر آمريڪا جو غلام ضرور آهي.
پنجاب جي جاگيردارن جي لالچ ۽ انگريز جي سازشي خواهش گڏجي سکن جي خلاف راند ڪئي ۽ راولپنڊي جي آسپاس ۾ سکن کي قتل ڪري ٽرين ڀري امرتسر موڪلي ڇڏي پوءِ اتان کان جوابي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، ايئن هٿرادو فساد برپا ڪيا ويا، جنهن ۾ اڳرائي پاڪستان ڪئي. اهو مامرو پوءِ صرف پنجاب تائين محدود نه رهيو، پر ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به اها مذهبي ۽ لساني باھ هنئي وئي. مها راجا هري سنگھه سان معاهدي جي باوجود پاڪستان دغا ڪئي ۽ انهن کي مجبور ڪيائون ته اهي هندستان کان مدد وٺن. مها راجا هري سنگھه پنڊت نهرو کي ڪشمير ۾ گرفتار ڪري ٻه ڏينهن قيد رکيو، پر ان جي باوجود پاڪستان ان کي شڪي سڏيندي قبائلي ٽولن جي وسيلي حملو ڪرايو. جنهن ۾ اسان جا وڏا ۽ بيوروڪريسي سنئون سڌو ملوث هئي. پنڊت نهرو پاڻ به ڪشميري نسل جو هو. ان ڪري هو پنهنجي جنم ڀومي کي بچائڻ لاءِ ڊوڙي اقوام متحده پهتو ۽ غريب عوام کي بيگناھ قتل ٿيڻ کان بچايائين.
اسان کي پڙهائي ويندڙ تاريخ درست ناهي، اسان اها درستگي ان لاءِ ڪندا رهون ٿا ته هڪ ڏينهن ننڍي کنڊ جا ٻه ارب انسان پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ هٿن ۾ هٿ وجهي ڳاڙهي جهنڊي جي هيٺان گڏ ٿينداسين، تڏهن انهن کي پتو پوندو ته هنن سان اها ٿيل راند محض مفادن جي راند هئي. ڪنهن کي انهن جي ڀلائي ڪرڻ جو ڪو مقصد نه هو. اسان ڪالھه به هڪ هئاسين، اڄ به هڪ آهيون ۽ سڀاڻي به هڪ هونداسين! اسان جا مسئلا، اسان جا ڏک ۽ درد هڪ آهن. سرحدن تي يونيفارم پائي بيٺل ماڻهو اسان جا ناهن سامراج جا ماڻهو آهن جن جو مقصد وڌ کان وڌ نفرت پکيڙي پنهنجين عياشين کي سگھه ڏيڻ آهي! سمجهڻ واري ڳالھه اها آهي ته پاڪستان اڀياس اسان کي اهڙي جبل تي چاڙهي ڇڏيو آهي، جتان کان ڪري پنهنجا هڏا پاسيريون ٽوڙائڻ جي علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي!
اهو پاڪستان جو اڀياس ئي آهي جنهن مهاجر ٻارڙن کي اهو ابتو سبق پڙهايو آهي ته اوهان جي ابن ڏاڏن وڏيون قربانيون ڏئي پاڪستان حاصل ڪيو هو. اهي سڀ قصا آهن انهن ۾ ڪابه حقيقت ناهي. قرباني ته اسان جي باني پاڪستان جناح به ڪڏهن جيل وڃڻ جي نه ڏني هئي ته ابن ڏاڏن کي ڇا ڏيڻي هئي. ابن ڏاڏن منجهان ڪجھه هندو دڪاندارن جا قرضي هئا، ڪجھه وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاٿل هئا، ڪجھه شاهوڪارن جي ظلم جو شڪار هئا ۽ ڪجھه انهيءَ قسم جي ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل هئا ته ڪجهه وري جاگيرون بچائڻ جي لاءِ طاقتور جي پاسي ٿيا. هجرت جو سوچيائون ته شايد اسان جا ڏينهن بدلجي وڃن، ڪن جا واقعي بدلجي ويا، جن ڪوڙا ڪليم ڪيا جيڪي نه ڪري سگهيا اهي ساڳئي جا ساڳيا رهيا ۽ پوءِ وري جناح پور گهرڻ لڳا. سچ اهو آهي ته پاڪستان اڀياس جي ڪوڙ اسان سڀني جي ابن ڏاڏن کي فرشتو ڏيکاري اسان کي ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ اسان تي آرام سان ويهي حڪومت ڪيائون. هڪ مهاجر نه بلڪه بلوچ، پشتون، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري سمورا ئي پاڪستان اڀياس جي طفيل اهڙا نڪما بڻايا ويا آهن ته هينئر هڪ ٻئي بگ بينگ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي آهي ته جيئن ڪا نئين ڪائنات تخليق ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ جنهن کي پاڪستان سڏيو وڃي ٿو تبديلي آڻڻ نهايت ڏکي آهي.
ان ڪري ڀائرو ناراض ٿيڻ جي بجاءِ ٿورو سوچجو ته هن دنيا جي گوڙ ۾ اوهان کي پنهنجو رستو نظر اچي سگهي. اسان جا ابا ڏاڏا اهڙا ئي هئا جهڙا اڄ آهن. سڀئي موقعي ملڻ تي هجرت لاءِ تيار. آمريڪا، برطانيه، روس، فرانس اسان جي خوابن جا جهان آهن. اڄ جيڪڏهن انهن ملڪن ۾ وڃڻ جو اعلان ٿي وڃي ته پوئتي ڏسڻ بنا اڌ پاڪستان ايئرپورٽ پهچي ويندو. اسان جي ابن ڏاڏن به ايئن ئي ڪيو هو، جنهن کي پاڪستان اڀياس ۾ وڏي قرباني بڻائي پيش ڪيو آهي.
باقي سڀ جنهن ڪيو سو پاڪستان جي اڀياس اندر ڪنڊ ۾ لڪل آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ وڏو گناهه آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيسين پاڪستاني عوام پاڪستان اڀياس جي کوکلي خمار کان ٻاهر نه نڪرندو تيسين نه اوهان جا ڏينهن بدلبا ۽ نه راتيون. اڳتي اوهان جي مرضي، ٺڳيءَ جي ٺاهه تي ويٺا خوش ٿيو يا پوءِ حقيقتن جي دنيا کي اکيون کولي ڏسو ۽ پنهنجي دنيا پاڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟