مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تدريسي عمل جو اثر ۽ اهميت

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“هڪ عظيم استاد ڇا ڪندو آهي؟” مون کان تازو ئي اهو سوال پڇيو ويو. جيتوڻيڪ ان جو ڪو هڪ “صحيح” جواب ناهي، پر هڪ چٽو ۽ سادو جواب ضرور آهي. عظيم استاد صرف پڙهائيندا ناهن، پر اهي شاگردن سان اهڙي نموني جو تعلق قائم ڪندا آهن جو سکيا جو عمل اتساهيندڙ بڻجي ويندو آهي. عظيم استاد وڌيڪ ڄاڻڻ ۽ وڌيڪ ڪرڻ جو شوق پيدا ڪندا آهن. عظيم استاد شاگردن جي مهارتن کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندا آهن. عظيم استاد سکڻ لاءِ محبت ۽ چاھ پيدا ڪندا آهن ۽ پنهنجي شاگردن کي بااختيار بڻائيندا آهن.
شاگردن جي زندگيءَ ۾ استادن جي ڪردار کي ورجائڻ تمام ضروري آهي. پڙهائڻ جو اثر لازمي طور تي صرف نتيجن مان ظاهر ناهي ٿيندو، اهو ته هڪ استاد جي ڪردار جو تمام ننڍڙو حصو آهي. استادن جو عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هڪ استاد جو ڪردار صرف نتيجا ڏيڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرائڻ ڪيترائي ڀيرا وسيع آهي. سندن اثر برادرين، ڪم جي جڳهين ۽ قومن ۾ گونجندو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾، چئن مان هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول اهڙو آهي جيڪو صرف هڪ استاد هلائي رهيو آهي (سنگل ٽيچر اسڪول). هزارين شاگردن لاءِ، اهو اڪيلو استاد نه صرف نصاب پڙهائڻ جو ذميوار هوندو آهي، پر هو هڪ پرورش ڪندڙ، مصلحت ڪندڙ (مينٽور)، رهبر ۽ هڪ مثالي ڪردار پڻ هوندو آهي. هڪ استاد ۾ اها طاقت هوندي آهي ته هو شاگردن لاءِ امڪان پيدا ڪري يا کين ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻارن ۾ پاڻمرادي عزتِ نفس پيدا ڪري يا ان کي ڪيرائي ڇڏي. عظيم استاد پنهنجي شاگردن جي صلاحيتن تي پنهنجو وقت ۽ صبر لڳائيندا آهن. هو شاگردن جي خاموشي، سستي يا نافرمانيءَ جي باوجود به همت ناهن هاريندا. هو ڄاڻن ٿا ته پنهنجي شاگرد کي پاڻ تي ڀروسي ۽ خود اعتمادي ڏانهن ڪيئن وٺي وڃجي ۽ هو سندن ترقيءَ جي ننڍڙن قدمن تي به خوشي ملهائيندا آهن. اهي ئي اهي منفرد خوبيون ھونديون آهن جيڪي شاگرد اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ به هڪ طويل عرصي تائين پنهنجي استاد ۾ ياد رکندا آهن.
شاگردن کي تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ غير يقيني ماحول ۾ سوين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترن ئي ٻارن ڪڏهن به گهر جو پرسڪون ماحول ناهي ڏٺو هوندو يا نه ئي ڪنهن پنهنجي کان گهربل پيار ۽ سنڀال ملي هوندي اٿن. جڏهن شاگرد استادن سان ملندا آهن ته هو هڪ اهڙي وڏي ماڻهوءَ جي تلاش ۾ هوندا آهن جيڪو سندن صلاحيتن تي ڀروسو ڪري. اڪثر ڪري، شاگرد ڪنهن مضمون جي ڪري نه، پر پنهنجي استاد جي ڪري محنت ڪندا آهن ۽ پنهنجي استادن جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن.
اميدن کي صحيح رخ ڏيڻ، شاگردن جي خود اعتمادي وڌائڻ لاءِ پڪو عزم رکڻ ۽ سندن صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻ اهي خوبيون آهن جيڪي هڪ عظيم استاد جي شخصيت ۽ مهارتن ۾ شامل هونديون آهن. استادن جو عالمي ڏينهن انهن ئي عام، پر روزاني جي معجزن کي ملهائي ٿو جيڪي ننڍڙن ذهنن جي پرورش ڪن ٿا، کين محفوظ رکن ٿا ۽ کين ترقي ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ جي شروعات اندروني اتساهه پيدا ڪرڻ سان ٿيندي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪنهن به ٻاهرين لالچ يا دٻاءُ کانسواءِ شاگرد جي پنهنجي مرضي ۽ سکڻ جو شوق هجڻ. اهو شوق ڪيترن ئي مختلف عنصرن ذريعي پروان چڙهندو آهي جيڪي ٻار جي مجموعي ترقيءَ ۾ مدد ڪندا آهن. بهترين صحت، شروعاتي سالن ۾ سماجي ۽ جذباتي واڌ ويجهه، 21 هين صديءَ جون مهارتون ۽ ترقيءَ کي ماپيندڙ ذريعا جهڙوڪ“ “لرننگ پورٽفوليوز” (سکيا جا رڪارڊ) وغيره، سڀ ان پيڪيج جو حصو آهن جيڪي شوق پيدا ڪن ٿا. شاگرد ڪيتري آزاديءَ ۽ خوشيءَ سان ڪم ڪن ٿا، اهوئي ان گڏيل ڪوشش جي اثر جي علامت آهي.
دنيا جا ڪيترائي ڪامياب تعليمي نظام ان ڳالهه کي تسليم ڪن ٿا ته اسڪول جي هر سطح تي پڙهائڻ ۽ سکڻ جي عمل کي صرف ٽيسٽ جي نتيجن سان نه، پر انهن ئي نشانين ذريعي پرکيو وڃي. استادن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته هو انهن اهم نشانين تي ڪيتري سٺي نموني عمل ڪن ٿا ۽ ائين ڪرڻ لاءِ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه جو ڪيئن استعمال ڪن ٿا. تدريس ۽ سکيا جو اثر ان ڳالهه مان نظر ايندو آهي ته شاگرد ڪلاس ۾ ڪيترو بهتر جواب ڏين ٿا، هو پنهنجو ڪم ڪيتري آزاديءَ سان سنڀالين ٿا، پنهنجي وقت جي گهرجن کي ڪيئن پورو ڪن ٿا ۽ پنهنجو ٽائم ٽيبل ڪيئن مئنيج ڪن ٿا ۽ سندن استاد ساڻن ڪيترو گهڻو ڳالھه ٻولھه ڪن ٿا. مثال طور: سنگاپور ۾ سڄو زور سوچڻ جي عمل، ڪردار سازي، اخلاقي قدرن، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي طاقت ۽ سماجي توڙي جذباتي صحت تي ڏنو ويندو آهي. جڏهن اهي بنيادي گهربل شيون پوريون ٿين ٿيون، ته تعليمي ڪاميابي پاڻمرادو حاصل ٿي ويندي آهي.
تعليمي ڪاميابي عام طور تي هڪ منظم عمل جو نتيجو هوندي آهي، جنهن جو پورو ڌيان تحقيق ۽ ثبوتن تي ٻڌل ڪوششن تي هوندو آهي جيڪي اڳتي هلي اعليٰ معيار ڏانهن وٺي وينديون آهن. هي عمل ان ڳالهه کي پرکيندو آهي ته شاگرد ڇا ڄاڻن ٿا ۽ ڪهڙي عملي صلاحيت ڏيکاري سگهن ٿا، نه ڪي ان ڳالهه کي ته هنن ڪيترو ياد ڪيو آهي. سکيا لاءِ بهترين ۽ هاڪاري ماحول اتفاق سان پيدا ناهن ٿيندا. اهي استادن جي هڪ متحد، گڏيل ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ڪميونٽي جي ڪوششن جو نتيجو هوندا آهن. جڏهن استاد گڏيل پورٽفوليوز، پريزنٽيشنز ۽ بحث مباحثن ذريعي هڪ ئي گڏيل مقصد تي متفق هوندا آهن ته پوءِ هر سطح تي هڪ جهڙائي ۽ برابري اچي ويندي آهي. استادن جي برادريءَ جي اها گڏيل ڪاميابي شاگردن جي دلچسپي، اسڪول ۾ حاضريءَ جي بهترين شرح، شوق ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ جي جذبي مان ظاهر ٿيندي آهي.
ڪامياب تدريس جو اثر منتقل ٿيندڙ مهارتن جي واڌ ويجهه مان به ڏسي سگهجي ٿو. جهڙوڪ: تنقيدي سوچ، تخليقيت، ڳالهه ٻولهه جي صلاحيت، مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي طاقت. اهي صلاحيتون اڳتي هلي اهڙو ڊگهي مدت وارو اثر پيدا ڪنديون آهن جيڪو شاگردن کي مستقبل جي تعليم، روزگار ۽ اسڪول کان ٻاهر جي عملي زندگيءَ لاءِ تيار ڪندو آهي. ڪامياب استاد اهڙو ماحول پيدا ڪندا آهن جتي شاگرد صرف وقت ناهن گذاريندا، پر پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور نموني اجاريندا آهن. ان جو سڀ کان وڏو اثر ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ شاگردن جي ڪاميابين ذريعي نظر ايندو آهي، جيڪي سڀئي ان ڪري ضروري آهن ته جيئن اسان ذميوار ۽ صلاحيتن سان ڀرپور شهري پيدا ڪري سگهون.
حوالو: ڊان نيوز پيپر
موضوع: Teaching impact
ليکڪا: ندا ملجي
تاريخ: 5 آڪٽوبر 2026

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو