ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جا ناکئا
Muhi uddin Jokhio
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار
1947ع کان وٺي هينئر تائين ملڪ جون حالتون ويتر بگڙجنديون وڃن پيون. هن وقت پاڪستان سياسي، سماجي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سياسي غير يقيني واري صورتحال، ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت عوام جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي. ملڪ ۾ وڌندڙ بحرانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمرانن جون پاليسيون عوامي مسئلن جي حل ۾ گهربل ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيون آهن. جنهنڪري عام ماڻهوءَ جي زندگي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکي ٿيندي پئي وڃي. غريب وڌيڪ غريب، ايتري قدر جو غربت جي لڪير کان به هيٺ ڪرندو پيو وڃي. جڏهن ته امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي. مهانگائيءَ سبب حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن، جو وچون طبقو به پريشان حال آهي. هڪ غريب ماڻهو پنهنجن ٻچن جي پيٽ ۾ مانيءَ جو ٽڪر وجهڻ لاءِ به پريشان آهي. ڇاڪاڻ ته اٽي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
تازو ڪراچيءَ جي علائقي گلشن حديد ۾ هڪ رهواسيءَ غربت کان تنگ اچي ۽ پنهنجن جي بي رخيءَ سبب مايوس ٿي، پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت زهر پي خودڪشي ڪئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن پنهنجي خط ۾ ان واقعي جو سبب غربت، پنهنجن جي بي رخي ۽ لاوارثي ڄاڻايو هو. اهو رڳو هڪ واقعو ناهي، پر حڪمرانن جي ڪارڪردگيءَ تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. ملڪ ۾ اهڙا افسوسناڪ واقعا سماجي ۽ معاشي بدحاليءَ جي سنگينيءَ کي ظاهر ڪن ٿا. حڪمرانن جي بيانن مان ائين لڳندو آهي، ڄڻ ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي رهيون هجن. جڏهن ته عام ماڻهو بنيادي ضرورتن لاءِ به پريشان آهي. غربت ۽ بدحاليءَ سبب سماجي، سياسي ۽ نفسياتي مسئلن جو پيدا ٿيڻ فطري آهي. بيروزگاري، بک، مهانگائي، ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ، تعليم کان محرومي، ڏوهن ۾ اضافو، گهريلو تشدد، منشيات جو استعمال ۽ خودڪشيءَ جا واقعا ان بحران جون مختلف صورتون آهن. سياست ۽ حڪومت جي ڳالهه ڪجي ته ملڪي سياست ۽ حڪمراني هن وقت شديد سياسي ۽ آئيني بحرانن جي ور چڙهيل نظر اچن ٿا. خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسيءَ جي نفاذ جو معاملو ملڪي بحث جو اهم موضوع بڻيل آهي. خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ جو نفاذ پاڪستان جي جمهوري نظام ۽ وفاقي ڍانچي بابت ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ته ان جو حل چونڊيل حڪومت کي معطل ڪرڻ بدران، آئيني دائري ۾ رهندي انتظامي ناڪامين کي درست ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ هجڻ گهرجي. گورنر راڄ جهڙو غير معمولي قدم تڏهن ئي جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ان جي آئيني ضرورت، قانوني بنيادن ۽ ناگزير هجڻ جا واضح ثبوت موجود هجن. ٻي صورت ۾ اهو عوام جي چونڊيل مينڊيٽ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ جمهوري قدرن کي ڪمزور ڪرڻ جو تاثر پيدا ڪري ٿو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اقتدار جي ڇڪتاڻ ۾ اڪثر جمهوري ادارا ۽ عوامي اعتماد نقصان ڀوڳيندا رهيا آهن. خيبر پختونخواهه ۾ به اصل ضرورت سياسي اختلافن کي انتظامي قدمن ذريعي دٻائڻ بدران، ڳالهين، آئيني عمل ۽ اثرائتي حڪمرانيءَ وسيلي مسئلن جو حل ڳولهڻ آهي. امن امان جي بحالي يقينن حڪومت جي ذميواري آهي، پر عوام جي نمائندگيءَ کي محدود ڪرڻ مسئلي جو مستقل حل نٿو بڻجي سگهي. جمهوري نظام جي مضبوطيءَ لاءِ ضروري آهي ته هر غير معمولي قدم شفافيت، قانون ۽ عوامي مفاد جي ڪسوٽيءَ تي پورو لهي.
گورنر راڄ جي نفاذ سبب وفاقي حڪومت کي عوامي بي اعتمادي، سياسي مزاحمت ۽ وفاقي وحدت بابت وڌندڙ خدشن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ان عمل جي نتيجي ۾ احتجاجي تحريڪون تيز ٿيڻ، وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ ٻين صوبن ۾ به سياسي بيچيني پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن. اهڙي صورتحال ۾ وفاق لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج عوام کي اهو يقين ڏيارڻ هوندو ته اهو قدم ڪنهن سياسي مفاد لاءِ نه، پر آئيني ضرورت ۽ امن امان جي بحاليءَ لاءِ کنيو ويو آهي. جيڪڏهن حڪومت شفافيت، ڳالهين ۽ آئيني تقاضائن کي نظرانداز ڪري ٿي ته عوامي اعتماد جي کوٽ نه رڳو حڪومتي ساک کي متاثر ڪري سگهي ٿي، پر ملڪ جي جمهوري نظام ۽ وفاقي ڍانچي تي به منفي اثر وجهي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سياسي بحران جا بنيادي سبب صوبائي خود مختياري، درياءَ جي پاڻيءَ بابت خدشا، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، حڪمرانيءَ جو معيار ۽ عوامي مسئلن بابت وڌندڙ بيچيني آهن. نون صوبن جي قيام بابت بحث ۽ انتظامي معاملن تي سياسي ڇڪتاڻ. جيڪڏهن عوامي مشاورت ۽ آئيني اصولن کانسواءِ اڳتي وڌي ٿي ته سنڌ ۾ بيچينيءَ کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي. سنڌ جي عوام لاءِ روزگار، تعليم، صحت، پاڻي ۽ مهانگائيءَ جهڙا مسئلا به اوترا ئي اهم آهن. تنهنڪري سياسي قيادت لاءِ ضروري آهي ته اها رڳو اقتدار جي بحثن تائين محدود رهڻ بدران عوامي مسئلن جي حل کي اوليت ڏئي. اھڙي طرح بلوچستان ۾ سياسي بحران جا اهم پهلو عوامي نمائندگي، وسيلن تي اختيار، جبري گمشدگين بابت خدشا، امن امان جي صورتحال ۽ وفاق سان اعتماد جي کوٽ آهن. جڏهن ماڻهن کي محسوس ٿئي ٿو ته سندن آواز کي مناسب اهميت نٿي ڏني وڃي. تڏهن سياسي بيچيني ۽ رياستي ادارن کان لاتعلقي وڌڻ جو خطرو پيدا ٿئي ٿو. بلوچستان جي مسئلن جو پائيدار حل رڳو سيڪيورٽي قدمن ۾ نه، پر سياسي ڳالهين، قانون جي حڪمراني، بنيادي حقن جي تحفظ ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۾ آهي. وفاق لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ عوامي خدشن کي سنجيدگيءَ سان ٻڌي. ڇاڪاڻ ته مضبوط وفاق جو بنياد صوبن جي اعتماد ۽ عوام جي حقيقي نمائندگيءَ تي بيٺل هوندو آهي.
مجموعي طور تي پاڪستان جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿي ته حڪمران اقتدار جي سياست کان مٿانهان ٿي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ صوبن جي آئيني حقن جي تحفظ کي اوليت ڏين. غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ کان وٺي سياسي ۽ آئيني بحرانن تائين، اهي سڀ مسئلا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. انهن کي نظرانداز ڪرڻ سان عوام ۽ حڪمرانن وچ ۾ اعتماد جو فاصلو وڌيڪ وڌندو. تاريخ شاهد آهي ته رڳو طاقت ۽ انتظامي قدمن سان سماجن جا بحران ختم ناهن ٿيندا، انصاف، برابري، عوامي ڀلائي ۽ جمهوري روين سان ئي استحڪام پيدا ٿيندو آهي. تنهنڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته اهي عوام جي آواز کي اهميت ڏين، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائين ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪن، جن سان عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ حقيقي تبديلي اچي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو اصل معيار حڪمرانن جون دعوائون نه، پر عوام جي زندگيءَ ۾ ايندڙ بهتري هوندي آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟