مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يورپ مان سرمائي ۽ سرمائيدارن جي اوڀر ڏانهن اڏام!

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سال 2025ع ۾ اٽڪل 16,500 ارب پتي فردن جي برطانيه کان لڏپلاڻ ۽ اٽڪل 9200 ارب ڊالر ناڻي جي منتقلي ڪا معمولي ڳالھه ناهي ۽ نه ئي صرف انگ اکر آهن، بلڪه اهو هڪ اهڙو ڳوڙهو معاشي ۽ سماجي لاڙو آهي، جيڪو يورپ جي بدلجندڙ سڃاڻپ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جڏهن سرمائيدار طبقو ڪنهن ملڪ يا پرڳڻي کي ڇڏڻ لڳي ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته هو اتان جي معاشي ماحول، ٽيڪس پاليسين ۽ مستقبل جي امڪانن کان مطمئن ناهي رهيو. اهو لاڙو جيڪو صرف برطانيه تائين محدود ناهي، بلڪه يورپ جا ٻيا ملڪ به انهيءَ ڪيفيت جي ور چڙهيل آهن. وڌندڙ مهانگائي، وڏا ٽيڪس، ڪاروباري سيڙپ ۾ واڌارو ۽ رياستي ضابطن جي سختي سرمائي کي متبادل رستا تلاش ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. سرمائي جي فطرت آهي ته هو اتي ويندو آهي، جتي نفعو وڌيڪ ۽ رڪاوٽون گهٽ هجن. دلچسپ ڳالھه اها آهي ته انهيءَ هجرت جي نئين منزل مغرب ناهي، بلڪه اوڀر آهي. يورپي سرمائيدارن ۽ امير ماڻهن جو ذڪر جي لائق انگ خاص طور تي انڊونيشيا، ٿائلينڊ ۽ ويٽنام ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن ۾ رهائشي ۽ ڪاروباري خرچ يورپ جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، ڪن شعبن ۾ ٽيڪس جو بار گهٽ آهي ۽ معيشتون تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيون آهن. سياحت، ريئل اسٽيٽ، ٽيڪنالاجي ۽ خدمتن جي شعبي ۾ سرمائي جي لاءِ ڪشادو ميدان ميسر ڪري رهيا آهن.
حقيقت ۾ اهو معاملو صرف معيشت تائين محدود ناهي، يورپ جو جديد معاشرو بيشڪ سهولتن سان مالا مال آهي، پر هن جي زندگي حد درجي جي منظم، ضابطي واري ۽ ڪنهن حد تائين مصنوعي ٿي چڪي آهي. ڪيترن ئي فردن جي لاءِ اها ميڪانڪي زندگي ڪشش وڃائي رهي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا معاشرا بلڪل سادڙا، فطرت سان ٺهڪندڙ ۽ گهٽ رسمي ماحول وارا آهن، جيڪي هڪ متبادل طور ڪشش رکن ٿا. ائين سرمائي ۽ فردن جي لڏپلاڻ صرف جاگرافيائي تبديلي ناهي، بلڪه معاشي پاليسين، ٽيڪس نظام ۽ زندگي جي ڍنگ جي خلاف هڪ خاموش مگر چٽو ريفرنڊم آهي. هاڻي سوال اهو ناهي ته ڪيترا ماڻهو وڃن پيا، بلڪه اصل سوال اهو آهي ته اهي ڇو وڃي رهيا آهن. جڏهن سرمايو موڪلائي ٿو ته ان جو پڙاڏو صرف معيشت ۾ نه، پر رياست جي پاليسين ۽ معاشرتي ترجيحن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، يورپ هن وقت انهن صدائن جو آواز بڻيل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو