تاريخ جي انگاس تي ٽنگيل سنڌ
ڪنهن به سماج جي ترقي، امن ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار اتان جي سياسي بصيرت، حڪمرانيءَ جي معيار ۽ عوامي شعور تي هوندو آهي. سنڌ، جيڪا تاريخي طور تي علم، تهذيب، تصوف ۽ ثقافت جو گهوارو رهي آهي، اڄ نئين دور جي چئلينجن، بدحالي ۽ سخت انتظامي ناڪامين جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي. اهو سوال اڪثر ڏاهن ۽ فڪرمندن جي ذهنن ۾ اُڀري ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي خطي يا سماج کي انهن ئي وسيلن ۽ انهن ئي درپيش مسئلن سان منهن ڏيڻو پوي ها ته اتي جو سماجي رد عمل ڇا هجي ها؟ يقينن اها صورتحال هڪ وڏي نظامي تبديلي يا بصيرت ئي بڻجي ها. اڄوڪي سنڌ کي ڏسجي ته امن امان جي صورتحال خراب آهي، بدعنواني ۽ بنيادي ڍانچي جي تباھي عام شھريءَ جي روزمره جي زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. چوريون، ڌاڙا، بيگناهه ماڻهن جي گمشدگي، قتل ۽ قبيلائي تڪرارن سماجي توازن کي سخت نقصان پهچايو آهي. انهن سڀني برائين سان گڏ ڪارو ڪاريءَ جهڙي ڪڌي رسم به سماج لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. جن کي ختم ڪرڻ لاءِ حقيقي سياسي ۽ سماجي سگهه جي ضرورت آهي. خراب معيشت شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين، عام ماڻهن جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي. عوام لاءِ روزگار جا ذريعي ختم ٿي چڪا آهن. سنڌ حڪومت سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن کي هڪ جهڙائيءَ سان ترقي ڏيارڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ان ڪري ٻهراڙيءَ وارا علائقا هن وقت شهرن کان وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن. ڊرينيج نظام جو زوال، گندگي، بجليءَ جي شديد ۽ مسلسل لوڊشيڊنگ ۽ بنيادي صفائيءَ جي کوٽ نه صرف شھري زندگيءَ کي، پر ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه سنڌ جي هائيڊرو ڪاربن ۽ معدني وسيلن تي مقامي عوام جي بجاءِ بدعنوان عناصرن جو قبضو سنڌ جي عوام لاءِ هڪ ٻيو عذاب بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کي متحرڪ ٿي پنهنجو حق وٺڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سنڌ جي تقريبن سڀني ادارن ۾ انتظامي خرابيءَ سان گڏوگڏ نااهل ماڻهن جي چونڊجڻ جي ڪري بدعنواني عام مسئلو آهي. ان سان گڏوگڏ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌي سماج عام طور تي هڪ بي حسي، خاموشي ۽ جمود جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. سماج کي هن وقت هڪ اهڙي تحرڪ جي ضرورت آهي جيڪا سڀني کي پنهنجن بنيادي مسئلن جي لاءِ گڏي بيهاري ۽ انهن ناانصافين ۽ بد انتظامين خلاف منظم ٿي آواز اٿارڻ جي سگهه پيدا ڪري سگهي.
تاريخ شاهد آهي ته تبديلي پنهنجو پاڻ ناهي ايندي، بلڪه اها سماجي شعور، جدوجهد ۽ عمل جي محتاج هوندي آهي. سنڌ جي هن دردناڪ صورتحال کي بدلائڻ لاءِ جتي حڪمرانن کي پنهنجي رويي ۽ انتظامي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، اتي سنڌ جي نئين نسل کي خاص طور تي پنهنجي بي حسيءَ واري رويي کي ڇڏي پنهنجن آئيني، قانوني ۽ بنيادي حقن لاءِ متحرڪ ٿيڻو پوندو. تڏهن ئي سنڌ پنهنجي عظيم تاريخي ۽ علمي زوال مان نڪري، هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل ڏانهن قدم وڌائي سگهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟