هٿرادو ڏاهپ: تخليقڪار يا مددگار؟
تازو ڏکڻ آفريڪا سان لاڳاپيل ليکڪا ڪورل هارٽ جي حوالي سان سامهون آيل خبر جنهن موجب هن ھٿرادو ڏاھپ جي مدد سان 370 کان وڌيڪ ڪتاب تيار ڪيا، انهن سوالن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. سندس ڪم تي سوشل ميڊيا ۾ سخت تنقيد ٿي رهي آهي. جڏهن ته هوءَ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جو دفاع ڪندي چوي ٿي ته سندس ڪتابن جو وڪرو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو ثبوت آهي.
ھن صورتحال ادب، صحافت، تعليم ۽ اشاعت جي دنيا ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. ڇا ھٿرادو ڏاھپ جي مدد سان لکيل ڪتاب کي مڪمل انساني تخليق چئي سگهجي ٿو؟ ڇا ڪتابن جي وڏي پيماني تي وڪري مان سندن ادبي معيار جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو؟ ۽ لکڻ جي عمل ۾ ھٿرادو ڏاھپ جو ڪردار ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ ليکڪ جي تخليقي ذميواري ڪٿان شروع ٿئي ٿي؟
هن معاملي کي نه جذباتي مخالفت جي نظر سان ڏسڻ گهرجي، نه ئي واپاري ڪاميابيءَ کي ادبي عظمت جو پختو ثبوت ليکجي. اصل ضرورت هڪ اهڙي متوازن موقف جي آهي، جيڪو ٽيڪنالاجيءَ جي فائدن کي تسليم ڪندي انساني تخليق، ادبي معيار ۽ ليکڪ جي ذميواريءَ جو تحفظ پڻ ڪري.
انساني تاريخ ۾ هر نئين ٽيڪنالاجيءَ ڪم ڪرڻ جا طريقا تبديل ڪيا آهن. ڇاپي جي مشين ڪتابن جي اشاعت کي تيز ڪيو، ڪمپيوٽر لکڻ ۽ اجارڻ کي سولو بنايو ۽ انٽرنيٽ ليکڪن توڙي پڙهندڙن لاءِ نوان دڳ سوريا. ھٿرادو ڏاھپ به انهيءَ ارتقا جو حصو آهي، جيڪا معلومات گڏ ڪرڻ، خيالن کي سھيڙڻ، ترجمي، ٻوليءَ جي سڌاري ۽ مسودي جي جاچ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي، پر ٽيڪنالاجيءَ جي سهولت جو مطلب اهو ڪونھي ته انساني تخليق جو ڪردار غير ضروري ٿي ويو آهي. ليکڪ جڏهن ڪهاڻيءَ جو بنيادي خيال چونڊي ٿو، ڪردارن جي نفسيات جو تعين ڪري ٿو، واقعن جي ترتيب ٺاهي ٿو ۽ پنهنجي مشاهدي، تجربي ۽ فڪر کي ادبي صورت ڏئي ٿو، تڏهن هو رڳو لفظن جي ترتيب نه، پر انساني زندگيءَ جي معنيٰ جي ترجماني ڪري رهيو هوندو آهي.
ھٿرادو ڏاھپ انهن مرحلن ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، پر ان جي تيار ڪيل متن کي انساني تخليق جي برابر سمجهڻ لاءِ رڳو رواني، ڊيگهه يا ظاهري خوبصورتي ڪافي ڪانھي. بنيادي اصول اهو هئڻ گهرجي ته ھٿرادو ڏاھپ ليکڪ جي مددگار آهي، سندس متبادل يا تخليقي ذميواريءَ کان آجو ڪرڻ وارو ذريعو نه.
ڪورل هارٽ سان منسوب بيانن موجب، هوءَ ڪهاڻيءَ جو تصور، اسلوب، ڪردار ۽ بابن جو خاڪو پاڻ تيار ڪري ٿي، جڏهن ته ھٿرادو ڏاھپ کان مسودي جي تياري ۽ ان جي جاچ ۾ مدد وٺي ٿي. اهڙي طريقي ۾ انساني رٿابندي ۽ مشيني سھڪار ٻنهي جو ڪردار موجود آهي.
تڏھن به، ابتدائي تصور، هدايتن ۽ تيار متن جي منظوري ڏيڻ مان اهو پاڻمرادو ثابت نٿو ٿئي ته ڪتاب جو هر جملو، منظر ۽ ادبي خيال انساني تخليقي عمل جو نتيجو آهي. ساڳئي وقت، ھٿرادو ڏاھپ جي مدد وٺندڙ هر ليکڪ کي غير تخليقي قرار ڏيڻ به درست نه ٿيندو.
اصل سوال اهو آهي ته ليکڪ ڪيتري فڪري ۽ تخليقي محنت ڪئي آهي، مشيني متن ۾ ڪهڙيون تبديليون آنديون آهن ۽ ڇا هو پنهنجي ڪم جي معيار ۽ درستگيءَ جي ذميواري قبول ڪري ٿو؟ جيڪڏهن ھٿرادو ڏاھپ رڳو خيالن جي سٽاءُ، ٻوليءَ جي سڌاري ۽ تضادن جي نشاندهيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿي ته اها هڪ مددگار اوزار آهي، پر جيڪڏهن ڪتاب جو وڏو حصو مشيني طور تي تيار ٿئي ۽ انساني ڪردار رڳو ان کي سھيڙي شايع ڪرڻ تائين محدود رهي ته پڙهندڙن کي ان جي نوعيت بابت مناسب وضاحت ڏيڻ گهرجي.
”ڪتاب کپن پيا اھا ئي سچائي آھي” وارو دليل واپاري لحاظ کان اهم آهي. ڪتابن جو وڪرو ٻڌائي ٿو ته بازار ۾ انهن جي گهرج موجود آهي، پر ڇا اهوئي ادبي معيار جو آخري مرحلو آهي؟ بازار جي ڪاميابي، پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ ادبي قدر هڪٻئي سان لاڳاپيل ضرور آهن، پر اهي هڪ جهڙا تصور ناهن. ڪيترائي ڪتاب وڏي انگ ۾ وڪرو ٿين ٿا، پر انهن مان هر ڪتاب ادبي شاهڪار نٿو بڻجي. ان جي ابتڙ، ڪي اهم ادبي تخليقون پنهنجي دور ۾ محدود پڙهندڙن تائين پهچن ٿيون، پر وقت گذرڻ سان سندن فڪري ۽ فني اهميت تسليم ڪئي وڃي ٿي.
ان ڪري ڪورل هارٽ جي ڪتابن جي وڪري کي واپاري ڪاميابيءَ جو اشارو سمجهي سگهجي ٿو، پر ان مان سندس ادبي عظمت جو قطعي فيصلو نٿو ڪري سگهجي. ادبي معيار جو جائزو ٻوليءَ جي سونهن، ڪردارن جي گهرائي، پلاٽ جي مضبوطي، فڪري انفراديت ۽ انساني تجربن جي اثرائتي ترجمانيءَ جي بنياد تي وٺڻ گهرجي. ھٿرادو ڏاھپ جو هڪ وڏو فائدو اهو آهي ته اها وقت بچائي ٿي ۽ ڪيترن مرحلن کي تيز ڪري سگهي ٿي، پر ادب رڳو لفظن کي گڏ ڪرڻ يا تيزيءَ سان ڪتاب تيار ڪرڻ جو نالو ڪونھي. ان ۾ انساني زندگيءَ جون پيچيدگيون، سماجي تضاد، يادگيريون، محروميون، اميدون ۽ خواب فني انداز ۾ پيش ڪيا ويندا آهن. ھٿرادو ڏاھپ بظاهر موزون جملا، منظر ۽ مڪالمو تيار ڪري سگهي ٿي، پر ان جي متن ۾ ورجاءُ، عام نوعيت جا خيال، غيرفطري مڪالما، ڪردارن جي اڻپوري واڌ ۽ تحقيقي ۽ تخليقي غلطيون بھ ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري انساني جاچ، سڌارا ۽ تنقيدي جائزو لازمي آهي.
ليکڪ کي ڏسڻو پوندو ته تيار ٿيل متن ڪهاڻيءَ جي مقصد، انساني نفسيات ۽ حقيقتن سان ٺهڪي ٿو يا نه. مشيني مدد سان ڪم تيز ٿي سگهي ٿو، پر رفتار تخليقي گهرائيءَ جو مٽ نھ آھي.
ھٿرادو ڏاھپ جي مدد سان ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ شفافيت اهم آهي. جڏهن ٽيڪنالاجي ڪتاب جي وڏي حصي جي تياريءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري، تڏهن پڙهندڙن کي ان بابت مناسب وضاحت ڏيڻ سندن اعتماد لاءِ ڪارائتو ٿيندو. هر معمولي لساني سڌاري جو اعلان ضروري نه آهي، پر وڏي پيماني تي مشيني مدد کي مڪمل طور ذاتي تخليق طور پيش ڪرڻ بابت سوال ضرور اٿن ٿا. ڪاپي رائيٽ، ٻين ليکڪن جي تخليقن جي احترام، اقتباسن ۽ اصل ماخذن جي سڃاڻپ کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڪنهن ٻئي جي تخليق کي بنا اجازت نقل ڪرڻ يا غلط نموني پنهنجي نالي سان پيش ڪرڻ، ٽيڪنالاجيءَ جو نه، پر اخلاقي ۽ قانوني ذميواريءَ جو مسئلو آهي.
ليکڪن، پبلشرن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي اهڙا اصول اختيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي نئين جدت جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ تخليقڪارن جي حقن ۽ پڙهندڙن جي اعتماد جو تحفظ ڪن. ھٿرادو ڏاھپ جي مدد سان وڏي پيماني تي ڪتاب تيار ڪرڻ بابت ادبي حلقن جا خدشا مڪمل طور بي بنياد ناهن. مشيني مواد جي گهڻائيءَ سبب معياري ڪتابن جي سڃاڻپ ڏکي ٿي سگهي ٿي، انساني ليکڪن لاءِ مقابلي جا شرط تبديل ٿي سگهن ٿا ۽ مقدار کي معيار تي ترجيح ملڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو، پر اهڙن خدشن جو جواب ذاتي حملن، گارين يا ڌمڪين سان ڏيڻ به نامناسب آهي. ڪنهن ليکڪ جي طريقيڪار، دعوائن ۽ ڪتابن جي معيار تي دليلن جي بنياد تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، پر اختلاف کي ڌمڪين ۾ تبديل ڪرڻ ادبي بحث کي نقصان پهچائي ٿو.
ساڳئي وقت، ھٿرادو ڏاھپ جا حامي به تنقيد ڪندڙن جي خدشن کي سنجيدگيءَ سان ٻڌن. ٽيڪنالاجيءَ جو دفاع ڪرڻ جو مطلب ان جي هر استعمال کي درست قرار ڏيڻ ڪونھي. ضرورت اهڙي بحث جي آهي، جنهن ۾ جدت ۽ تخليقي حقن ٻنهي کي اهميت ڏني وڃي. هي بحث سنڌي ادب لاءِ پڻ اهم آهي. ھٿرادو ڏاھپ ترجمي، لغتن، درسي مواد، تحقيق ۽ ادبي سڌارن ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي. محدود وسيلن سان ڪم ڪندڙ ليکڪن ۽ محققن لاءِ اها خيالن جي ترتيب ۽ مواد جي ابتدائي تنظيم ۾ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، پر سنڌي ٻوليءَ جي محاورن، وياڪرڻ، اصطلاحن ۽ ثقافتي حوالن بابت مشيني غلطيون به ٿي سگهن ٿيون. غير فطري جملا، ٻين ٻولين جا غير ضروري اثر ۽ تاريخي حقيقتن جي غلط تشريح متن جي معيار کي متاثر ڪري سگهن ٿا.
ان ڪري سنڌي ليکڪن کي ھٿرادو ڏاھپ کي تيار ٿيل جوابن جي مشين بدران تحقيقي ۽ لساني مددگار طور استعمال ڪرڻ گهرجي. تاريخي، سائنسي ۽ سماجي موضوعن تي تيار ٿيل مواد جي تصديق معتبر ذريعن ۽ انساني ڄاڻ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ، ادبي روايت ۽ علمي معيار جي حفاظت پڻ ضروري آهي. ڪورل هارٽ جو مثال ھٿرادو ڏاھپ جي امڪانن ۽ خدشن ٻنهي تي غور جو سڏ آھي. سندس ڪتابن جو وڪرو واپاري ڪاميابيءَ جو اشارو آهي، پر ادبي معيار جو جوڳو ثبوت نه. ساڳيءَ ريت، ھٿرادو ڏاھپ جي مدد وٺڻ کي پاڻمرادو ادبي ڏوهه قرار ڏيڻ بدران ان جي استعمال جي نوعيت، شفافيت ۽ نتيجي جو جائزو وٺڻ گهرجي. ھٿرادو ڏاھپ جي استعمال کي روڪڻ بدران ان لاءِ ذميوار اصول مقرر ڪرڻ گهرجن. خيال جي چونڊ، فڪري رخ، انساني تجربن جي ترجماني، متن جي آخري جاچ ۽ شايع ٿيل مواد جي ذميواري ليکڪ ۽ لاڳاپيل انساني ڌرين تي رهڻ گهرجي.
ڇو ته ڪتاب تيار ڪرڻ جي رفتار ٽيڪنالاجيءَ جي طاقت ڏيکاري ٿي، پر ادبي تخليق جي حقيقي حيثيت جو تعين فڪر، فني معيار، انساني معنويت ۽ تخليقي انفراديت سان ئي ٿئي ٿو. ھٿرادو ڏاھپ مددگار ٿي سگهي ٿي، پر تخليقي صلاحيت ۽ ذميواريءَ جو مٽ نه.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟