مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يوڪرين، روس، آمريڪا، ايران جي جنگ جا نتيجا

Razaq Dars

استاد، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

يوڪرين جيڪو دنيا کي ڪڻڪ مهيا ڪندڙ وڏي ۾ وڏو ملڪ هو. جيڪو 1990 تائين سوويت يونين جو حصو رهيو. سوويت يونين جي ڀڃ ڊاهه کانپوءِ هڪ آزاد ملڪ بڻيو. جيڪو صنعتي ۽ زرعي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ هو، جتي هڪ خود مختيار حڪومت کي ختم ڪري زيلنسڪي کي آمريڪا ۽ يورپ پاران مڙهيو ويو. جنهن ايندي ئي روس سان ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪئي.
جيئن ته جاگرافي جي حساب سان يوڪرين جون سرحدون يورپ سان ملن ٿيون، سو يوڪرين روس لاءِ بفرزون هو. زيلنسڪي آمريڪا ۽ يورپ جي آشيرواد سان نيٽو ۾ شموليت لاءِ پر پکيڙيا. جيڪا ڳالهه روس جي بقا لاءِ ناقابل برداشت هئي. سو روس کي يوڪرين تي ايئن ان وقت حملو ڪرڻو پئجي ويو. جڏهن عمران خان روس جي دوري تي پهتل هو. مغربي دنيا خان تي پڻ ڏمرجي پئي ۽ ملڪ ۾ رجيم چينج ٿي وئي. آمريڪا جا هٿيار، سيٽلائيٽ، گولا بارود يورپ جي مڪمل حمايت يوڪرين جنگ کي ڏکيو ڪري وڌو. روس مسلسل چئن سالن تائين جنگ کٽي ته ڪونه سگهيو، پر پنهنجو تمام گهڻو نقصان ڪرائي ويٺو. تاريخي طور روسي ڊگهي جنگ جا وڏا تجربا رکندڙ آهن. ٻي عالمي جنگ دوران سندن استقامت نازي جرمني کي شڪست ڏني هئي. سو روس پڻ پنهنجي بچاءُ خاطر سڄي يورپ جو گيس بند ڪري يورپ کي جڏو ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي آمريڪا تي ٽرمپ جهڙي پاڳل انسان جي صدر ٿيڻ سان دنيا جي جيو پوليٽيڪل صورتحال کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. مادورو جو اغوا، لاطيني آمريڪا کي سائيڊ لائين ڪرڻ، نيٽو کي گهٽ وڌ چوڻ، گرين لينڊ تي قبضي جي خواهش. ان سڄي صورتحال ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جڙيل اتحادن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. مٿان وري اسرائيل جي حشيءَ تي ايران مٿان آمريڪي حملو، تيل جي بحري گذر گاهه آبنائي هرمز جي بند ٿيڻ، جنگ ۾ ايران جي ڀرپور مزاحمت آمريڪا کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هن جنگ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته آمريڪا ناقابل شڪست ڪونهي، سندس بحري ٻيڙا ٽارگيٽ ٿيا، جديد جنگي جهاز تباهه ٿيا، خليج ۾ آمريڪي اڏا ۽ ريڊار ايران تباهه ڪري هڪ حساب سان آمريڪا جون اکيون ڪڍي ڇڏيون. هن جنگ دبئي جهڙي چمڪ ڌمڪ رکندڙ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي. خليج جا سڀ ملڪ داوَ تي لڳل آهن. ويندي سعودي عرب جي حالت هن وقت تمام خراب ٿي چڪي آهي، جتي آمريڪي اڏا ايران تباهه ڪيا آهن ته وري حوثي يمني سڌي جنگ ڪري رهيا آهن.
جتي يوڪرين جي جنگ يورپ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اتان جو عوام روڊن تي نڪري احتجاج ڪري رهيو آهي ته ساڳئي وقت آمريڪا يورپ، نيٽو ۽ عرب ملڪن مان هٿ ڪڍي ويو آهي. تازو ئي روس سان ملي ان تان پابنديون ختم ڪري روسي تيل پيو وٺي. روس ۽ چين، ايران آمريڪا جنگ دوران پويان رهي آمريڪي هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا آهن. جنگيون تباهي آڻينديون آهن. دنيا تباهي ڏانهن گامزن آهي. اقوام متحده جو وجود هن وقت لولو لنگڙو ٿي چڪو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ وطن عزيز سڀني پاڙيسرين سان سرحدون بند ڪريو، پنهنجي ملڪ ۾ سرحدون کوليو ويٺو آهي ۽ انهن کي وري ورهائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ نئون پينڊورا باڪس کولي ويٺو آهي.
سڄي دنيا توانائيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي. مهانگائي سبب يورپ جهڙيون فلاحي رياستون پڻ هن وقت سرمائيداريءَ جي ور چڙهيل آهن. جنھن جي ڪري اتان جو عوام خاص طور تي جين زي سراپا احتجاج بڻيل آهي. چند سرمائيدارن ۽ وار ڪامپليڪس جي مالڪن سڄي دنيا کي تباهي جي ڪناري تي اچي هنيو آهي. ياد هجڻ کپي ته ان سڄي راند پويان سامراجي حڪومتون ته آهن ئي آهن، پر ايفسٽين فائيلن وارا گندا ۽ ڳجھا هٿ پڻ شامل رهيا آهن، جن جو ڊيپ اسٽيٽ ۽ سيهوني طاقت جو پڻ عمل دخل شامل رهيو آهي. ھاڻي ڪو يوڪرين تقريبن ڊهي چڪو آهي. ايران آمريڪا جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ دنيا وري هڪ اٿل پٿل جو شڪار آهي. لڳي ٿو ته دنيا جي نقشي تي وري نوان ليڪا نڪرندا ۽ نوان خطا اڀرندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو