مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سيمون وِيل جا اڳڪٿي ڪيل انساني تهذيب جي روح کائيندڙ ٽي راڪاس

Kalavanti Raja ڪالم نگار

سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، اقليتن ۽ عورتن لاءِ جاکوڙيندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سيمون وِيل (Simone Weil) فرانس جي فلسفي، استاد، سماجي ڪارڪن ۽ روحاني مفڪر هئي. سندس فڪر جو محور انساني وقار، انصاف، محنت، ظلم ۽ روحاني آزادي هو. مزدورن جي پيڙا کي ويجهڙائيءَ کان سمجهڻ لاءِ هن ڪجهه عرصو ڪارخانن ۾ پاڻ به مزدوري ڪئي. سندس خيال ۾ جيڪو نظام انسان کي رڳو ڪم ڪندڙ پرزو سمجهي ٿو، سو سندس شخصيت ۽ روح، ٻنهي کي زخمي ڪري ٿو. سندس مشهور ڪتابن ۾ “ڪشش ۽ ڪرم” (Gravity and Grace) ۽ “پاڙُن جي ضرورت“ (The Need for Roots) شامل آهن. هوءَ (1909-1943) رڳو چوٽيهه ورهين جي ڄمار ۾ انگلينڊ ۾ وفات ڪري وئي، پر سماج بابت سندس مُني صدي اڳ ڏنل اڳڪٿيون ۽ فلسفياڻا ويچار اڄ به پنهنجي معنويت ۽ اثر سان زنده آهن.
سيمون وِيل چوي ٿي ته اسان جي تهذيب جا ٽي راڪاس آهن. ٽي اهڙا راڪاس، جن اسان جا جسم ته سلامت ڇڏيا آهن، پر روح کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيو اٿن. اسين هلون ڦرون ٿا، کلون ڳالهايون ٿا، ڪم ڪريون ٿا، پر اندر هڪ اهڙي ويراني وسيل آهي، جنهن جي اسان کي پاڻ به سُڌ ناهي. اسين جيئرن لاشن جهڙا ٿي پيا آهيون: مادي شين سان ڀريل، معنائن کان خالي. مون جڏهن پهريون ڀيرو اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن ائين ڀانيم، ڄڻ ڪنهن منهنجي سڄي ڪهاڻي هڪڙي ئي جملي ۾ سموئي ڇڏي هجي.
پهريون راڪاس پئسو: پئسو، جنهن کي اسان هڪ اوزار طور ٺاهيو هو. هڪ وسيلو، هڪ ذريعو، هڪ سهولت. اسان چيو هو ته اهو سڀني کي برابري ڏيندو، اسان کي آزاد ڪندو، پر ٿيو ان جي ابتڙ. پئسو وسيلي مان مقصد بڻجي ويو. جيڪو رڳو هڪ ماپو هو، سو پاڻ ئي سڄي ڪائنات بڻجي ويٺو. اڄ اسين ڪائنات جي هر شيءِ کي هڪڙي ئي تارازيءَ ۾ توريون ٿا. ان تارازيءَ جو نالو آهي “قيمت” هن جي قيمت ڇا آهي؟ هن مان ڇا ملندو؟ هن مان ڪيتري موٽ ملندي؟
اسان وڻ کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي؛ هاڻي ان ۾ رڳو ڪاٺ جي قيمت ڏسون ٿا. اسان ڌرتيءَ کي ماءُ چوڻ ڇڏي ڏنو آهي؛ هاڻي ان ۾ پلاٽ جي فائيل ڏسون ٿا. اسان رشتن کي رشتا سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي؛ هاڻي انهن ۾ واسطا ۽ فائدا ڳولهيون ٿا. اسان محبت کي محبت رهڻ نه ڏنو آهي؛ هاڻي ان ۾ به “سيڙپ” ۽ “جذباتي موٽ” ڳولهيون ٿا.
پئسي هر شيءِ جو هڪڙي ئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها آهي “منڊيءَ جي ٻولي.” اوهان جي محنت، اوهان جو فن، اوهان جي کل، اوهان جي وفا، اوهان جي دعا، ويندي اوهان جي جان تائين، هر شيءِ جي قيمت مقرر ٿي چڪي آهي. جنهن شيءِ تي قيمت جو ٺپو لڳي وڃي، تنهن جي حرمت مري وڃي ٿي.
ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اسين ڪيڏا نه غريب ٿي ويا آهيون؟ اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، پر ان مان روح غائب آهي، ڇو ته اسان هر شيءِ جو روح وڪڻي ڇڏيو آهي. اسان چيو هو ته پئسو هر شيءِ خريد ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ اسان اها ڳالهه سچ ڪري ڏيکاري. اسان سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏيو، ويندي پاڻ کي به. هاڻي اسين سڀ هڪ “وکر” آهيون، هڪ “برانڊ” آهيون، وڪامجندڙن جي هڪ برادري آهيون. اسين سڀ وڪامڻ لاءِ تيار آهيون؛ رڳو مناسب قيمت لڳڻ جي دير آهي. هي پهريون راڪاس آهي. هن اسان کي رڳو لالچي نه بڻايو آهي، پر اسان جي اندر جي “تخليقي سگهه” کي به سَنڍ ڪري ڇڏيو آهي.
ٻيو راڪاس مشين: ٻيو راڪاس آهي مشين، يعني زندگيءَ جو “مشيني” بڻجي وڃڻ اسان مشين ان لاءِ ٺاهي هئي ته انسان کي آرام ملي، سندس بار هلڪو ٿئي؛ هو ڪجهه وڌيڪ سوچي سگهي، ڪجهه وڌيڪ محبت ڪري سگهي، ڪجهه وڌيڪ جي سگهي. اسان چيو هو ته مشين اسان جي غلام هوندي، پر اڄ انسان پاڻ مشين جو پرزو بڻجي ويو آهي.
آفيس وڃو ته اوهين هڪ نظام جو حصو آهيو. اوهان جي حاضري حياتياتي سڃاڻپ “بايوميٽرڪس” وسيلي لڳي ٿي. اوهان جي ڪارڪردگي هڪ “سافٽ ويئر” ماپي ٿو. اوهان جي موڪل هڪ “ايپ” منظور ڪري ٿي. هاڻي ته اوهان جي مرڪ به ڪارڪردگيءَ جي اهم اشارن (Key Performance Indicators — KPI) ۾ ڳڻجي ٿي. جيڪڏهن اوهين اٺن ڪلاڪن ۾ اهو ڪم پورو نه ڪري سگهيا، جيڪو مشيني نظام اوهان کان گهري ٿو ته اوهان کي اتان ڪڍيو وڃي ٿو؛ بلڪل ائين، جيئن ڪو خراب پرزو ڪڍي اڇلائجي. نه ڪو ارمان، نه ڪو جنازو.
اسان رفتار کي ترقي سمجهي ورتو آهي. اسين سڀ ڊوڙي رهيا آهيون: تيز، اڃا تيز، اڃان به تيز، پر ڪيڏانهن؟ ڪنهن کي خبر ناهي. اسين رڳو ان ڪري ڊوڙون ٿا، جو سڀ ڊوڙي رهيا آهن. ان ڊوڙ ۾ اسان آهستي هلڻ جو سُک وڃائي ڇڏيو آهي، ترسڻ جو سُک وڃائي ڇڏيو آهي؛ ڪنهن جي ڪلهي تي هٿ رکي اهو چوڻ جو سُک وڃائي ڇڏيو آهي ته: ڪا ڳالهه ناهي، تون ٺيڪ آهين.
مشين نه ٿڪجي ٿي، نه ننڊ گهري ٿي. مشين کي ڌيءَ جي سالگرهه ياد رکڻي ناهي. مشين کي ماءُ جي بيماريءَ تي روئڻ نٿو اچي، پر انسان کي اچي ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه کي ئي انسان جي ڪمزوري بڻايو ويو آهي. اڄ جي آفيس، ڪارخاني ۽ “ڊجيٽل دنيا” ۾ انسان هجڻ ڄڻ هڪ نقص آهي. اوهان کي مشين جهڙو ٿيڻو آهي: جذبن کان سواءِ، وقفي کان سواءِ، سوال کان سواءِ. اسان مشين ان لاءِ ٺاهي هئي ته انسان، انسان رهي. هاڻي انسان کي مشين بڻائي رهيا آهيون ته جيئن مشين هلندي رهي. هي ٻيو راڪاس آهي. هن اسان کي رڳو مصروف نه، پر بي معنيٰ به بڻائي ڇڏيو آهي.
ٽيون راڪاس الجبرا: ٽيون، سڀني کان خاموش ۽ سڀني کان خطرناڪ راڪاس آهي: الجبرا. يعني انگ، فارمولا، نمونا “پيٽرنز” ۽ “الگورٿمز.” زندگي ڪڏهن هڪ وهڪرو هئي، هڪ درياءَ هئي. ان ۾ خواهشون هيون، جذبا هئا، غلطيون هيون، پڇتاءُ هو، عشق هو، نفرت هئي، شڪ هو، يقين هو. اهي سڀ گڏجي اسان جي حقيقت جوڙيندا هئا. اها حقيقت بي ترتيب هئي، پر جيئري هئي.
هاڻي ان حقيقت کي انگن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي. اسان جي تجربي جي جاءِ “نمونن جي سڃاڻپ” ورتي آهي. اسان جي محبت جي جاءِ هڪٻئي سان “موافقت جي اسڪور” ورتي آهي. اسان جي اداسيءَ جي جاءِ “ڊپريشن جي پيماني” ورتي آهي. اسان جي دعا جي جاءِ “ذهن جي يڪسوئيءَ” لاءِ ڳڻيل منٽن ورتي آهي. اسان جو ننڍپڻ، جواني ۽ پوڙهائپ، سڀ “ڊيٽا جا نقطا” بڻجي ويا آهن.
هاڻي اسين پاڻ کي پاڻ نٿا سڃاڻون؛ هڪ اسڪرين اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسين ڪير آهيون. تون ڪيترا قدم هليو آهين؟ تو ڪيتريون ڪيلوريون کاڌيون آهن؟ تنهنجي دل ڪيترا ڀيرا ڌڙڪي آهي؟ تنهنجي ننڊ ڪيتري گهري هئي؟ تنهنجو مزاج ڪيئن آهي؟ ۽ اسين مڃي وٺون ٿا، ڇو ته انگ ڪوڙ نٿا ڳالهائين، ائين نه؟ پر انگ سچ به نٿا ڳالهائين. انگ رڳو ڳڻين ٿا. اهي ان گهڙيءَ کي ماپي نٿا سگهن، جڏهن ماءُ پهريون ڀيرو پنهنجي ٻار کي هنج ۾ کڻي ٿي. اهي ان ماٺ کي توري نٿا سگهن، جيڪا ٻن پراڻن دوستن جي وچ ۾ اچي ويهي ٿي. اهي ان ڳوڙهي جو حساب نٿا ڪري سگهن، جيڪو تهجد مهل بي اختيار وهي پوي ٿو.
اسان زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ فارمولا ٺاهيا هئا. هاڻي اسين فارمولن لاءِ زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان جي “روحانيت”، اسان جا انساني رشتا ۽ اسان جون اهي سڀ شيون، جيڪي ڪنهن ماپي ۾ نٿيون اچن، آهستي آهستي هن نئين مذهب جي نظر ٿيو وڃن. هن نئين مذهب جو نالو آهي: “ڊيٽا” ان جو ڪلمو آهي: “هر شيءِ ماپي سگهجي ٿي.” هي ٽيون راڪاس آهي. هن اسان کي رڳو اڻڄاڻ نه رکيو آهي، پر بي حس به بڻائي ڇڏيو آهي.
پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟: سيمون وِيل چوي ٿي ته اسان پنهنجي حقيقت انهن ٽن راڪاسن آڏو جهڪائي ڇڏي آهي. اها ڳالهه سچ آهي. اسان پنهنجي سهولت لاءِ هڪ نظام ٺاهيو هو. پئسو، مشين ۽ حساب، انهن ٽنهي کي اسان جو غلام هجڻ گهرجي ها، پر اسين پاڻ انهن جا غلام بڻجي وياسين. ان مان نڪرڻ جو رستو نه ڪو انقلاب آهي، نه ڪا نئين ٽيڪنالاجي. ان مان نڪرڻ جو رستو رڳو هڪڙو آهي: پاڻ کي وري ياد ڏيارڻ.
پاڻ کي ياد ڏيارڻ ته وڻ جي رڳو قيمت ناهي هوندي، ان جي ڇانوَ به هوندي آهي. ياد ڏيارڻ ته انسان پرزو ناهي، هڪ ڪهاڻي آهي. ياد ڏيارڻ ته زندگي الجبرا ناهي، هڪ دعا آهي، جيڪا ڪڏهن به پوريءَ ريت قبول نٿي ٿئي ۽ انهيءَ ڪري ئي سهڻي آهي. اسان کي پئسي کي دل مان ڪڍي، واپس کيسي ۾ رکڻو پوندو. مشين کي تقدير مان ڪڍي، واپس ميز تي رکڻو پوندو. انگن کي اکين تان لاهي، واپس ڪاپيءَ تي آڻڻو پوندو. اسين تڏهن ئي انسان رهي سگهنداسين، جڏهن اهو مڃينداسين ته هر شيءِ جي قيمت ناهي هوندي. ڪجهه شين جو رڳو “قدر” هوندو آهي. قدر کي توربو ناهي، ان کي جيئبو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو