تصوف جي فريب کان حقيقت جو سفر!
Tufail Magsi
ڪالم نگار
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي حوالي سان صوفياڻي قسم جا قول، روحاني تشبيهون ۽ خوابن سان ٽمٽار جملا هر هنڌ ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن “پاڪستان نور آهي” “پاڪستان امام حسين جي گهوڙن جي سنبن جي صدقي بڻيو” “پاڪستان حضرت صالح جي ڏاچي آهي” جهڙا قول عوام ۾ جذبن کي اڀارين ٿا، مگر عقل کي مفلوج ڪن ٿا ۽ انهيءَ تصوف واري سوچ قوم جي حقيقت پسندي، سائنسي ذهنيت ۽ تجزياتي شعور کي دٻائي ڇڏيو آهي.
انهن بيانن جي ڪشش کان انڪار ناهي، مگر سوال اهو آهي ته ڇا اسان انهن جملن سان تعليمي معيار بلند ڪري سگهون ٿا؟ يا دنيا جي صفن ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهون ٿا؟ نه! ڇاڪاڻ ته اهي قول خواب ته ڏيکارين ٿا؟ مگر مسئلن جي حل نٿا ڏين. حقيقت اهائي آهي ته پاڪستان اڄ تعليمي ميدان ۾ دنيا ۾ 94 نمبر تي آهي، جتي اسڪولن ۾ سهولتن جو فقدان آهي، استادن جي تربيت بيڪار آهي ۽ نصاب ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پراڻن خيالن جو مجموعو آهي. اسان جي معيشت قرضن جي هيٺيان دٻيل آهي، اسان هر عالمي فورم تي امداد ۽ رعايت جو فرياد ڪندي نظر اچون ٿا. دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ نه صرف اسان جي امن کي برباد ڪيو، بلڪه اسان جي بين الاقوامي ساک کي به داغدار ڪيو آهي. ملڪ جي وڏي آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. ان لاءِ “نور” “ڏاچي” يا “امام حسين جا گهوڙا” جهڙيون تشبيهون صرف هڪ ٺٺول بڻجي چڪيون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن قولن سان روزاني واري زندگيءَ جو عملي طور ڪوبه تعلق ناهي. عوام کي امن، انصاف، روزگار، تعليم، صحت گهرجي، نه ڪي صوفياڻه نعرا يا تشبيهون ۽ ان قسم جا خواب! جيڪي اسان کي عقيدن جي دنيا ۾ ڦاسائي ڇڏين. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته قوم کي تصوف جي فريب کان ڪڍي سچائيءَ ڏانهن آندو وڃي. سچ اهو آهي ته قومون صرف روحاني دعوائن سان نه بلڪه محنت، تحقيق، جدوجهد، سچائي ۽ نظم ۽ ضبط سان ٺهنديون آهن. جيستائين اسان حقيقت تي ٻڌل سوچ، سائنسي تجزيو، عقلي بحث ۽ عمل تي ٻڌل منصوبابنديءَ کي اختيار نٿا ڪريون، تيسين انهيءَ “نور” جي دوکي ۾ ڀٽڪندا رهنداسين.
ان ڪري وقت جي گهرج آهي ته اسان انهن “نظري فراڊن” جون ڳالهيون ڇڏي سچائيءَ جي ڪڙي، پر اڪسير دوا کي قبول ڪيون. اسان کي هڪ باشعور، تعليم يافته ۽ حقيقت پسنداڻو پاڪستان گهرجي. نه ته اهي روحاني ۽ تصوف واريون ڦڪيون اسان کي تاريخ جي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏينديون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟