شيزوفرينيا جي سڏ مان سڃاڻپ، هٿرادو ڏاهپ جو نئون امڪان
اسان عام طور آواز کي رڳو ڳالھه ٻولهه جو ذريعو سمجهون ٿا. ماڻهو ڇا ٿو چوي، ان تي ڌيان ڏيون ٿا؛ پر هو ڪيئن ٿو ڳالهائي، ڪٿي ساھي پٽي ٿو، ڪيترا لاھا چاڙھا اٿس، آواز ۾ ڪيترو ڦيرو اچي ٿو ۽ هڪ خيال کان ٻئي خيال ڏانهن ڪيئن منتقل ٿئي ٿو، ان تي ايترو غور نٿا ڪريون. نفسيات ۾ اهي معمولي ڳالهيون انتهائي اهم ٿي سگهن ٿيون. هاڻي ھٿرادو ڏاھپ، انهن ئي ننڍڙن فرقن کي ٻڌڻ ۽ ماپڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا مشين انسان جي آواز ۾ لڪل اھڙيون نشانيون ليکي سگهي ٿي؟ اهو سوال رڳو ٽيڪنالاجي جو سوال ناهي؛ اهو ذهني صحت جي مستقبل سان لاڳاپيل هڪ اهم سوال آهي.
شيزوفرينيا اهڙي ذهني بيماري آهي، جيڪا انسان جي سوچ، حقيقت کي سمجهڻ، جذبن ۽ سماجي روين کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ان سان لاڳاپيل علامتون هر ماڻهوءَ ۾ ساڳيون ناهن هونديون. ڪنهن ۾ وهم يا غير حقيقي تجربا نمايان ٿي سگهن ٿا، ڪنهن ۾ سماجي لاتعلقي ته ڪنهن ۾ سوچ ۽ ڳالهائڻ جي بي ترتيبي. اهوئي سبب آهي جو ان جي تشخيص ڪنھن سادي طبي ٽيسٽ ذريعي نٿي ٿي سگهي، نه ڪا اهڙي رت جي ٽيسٽ آهي، نه ڪا هڪ تصوير ۽ نه ئي ڪا اهڙي مشين جيڪا ڊاڪٽر کي چٽو ٻڌائي ته ڪنھن کي شيزوفرينيا جو مرض آهي. ماهر کي مريض سان ڳالهائڻو پوي ٿو، سندس رويو ڏسڻو پوي ٿو، علامتن جي تاريخ سمجهڻي پوي ٿي ۽ وقت سان ٿيندڙ تبديلين جو جائزو وٺڻو پوي ٿو، پر انساني مشاهدو، جيتوڻيڪ انتهائي قيمتي آهي، مڪمل طور تي غلطيءَ کان آجو ناهي. مختلف ڊاڪٽر هڪ ئي مريض جي علامتن کي مختلف انداز سان سمجهي سگهن ٿا. نتيجي ۾ تشخيص ۾ دير ٿي سگهي ٿي يا شروعاتي مرحلي ۾ بيماري سڃاڻپ کان رهجي سگهي ٿي. ان حوالي سان ھٿرادو ڏاھپ ۾ ڪي اميدون پيدا ٿي پيون آھن. محققن جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ويو آهي ته شيزوفرينيا کان متاثر ڪجهه ماڻهن جي ڳالهائڻ ۾ اهڙا ننڍا نمونا پيدا ٿين ٿا، جيڪي عام ڪن شايد آسانيءَ سان محسوس نه ڪري سگهي. مثال طور: ڳالهائڻ جي رفتار ۾ تبديلي، غير معمولي ڊگها وقفا، آواز جي لهجي ۾ گهٽ تبديلي، لفظن يا جملن جو ٽٽل ۽ غير منظم وهڪرو، هڪ موضوع کان اوچتو ٻئي موضوع ڏانهن وڃڻ، خيالن جي وچ ۾ ڪمزور معنوي لاڳاپو ۽ ڳالهائڻ دوران معنيٰ جي وهڪري ۾ بي ترتيبي. ڪمپيوٽر لاءِ هر وٿي، هر آواز، هر لفظ ۽ هر لفظ جو ٻئي لفظ سان تعلق هڪ ماپڻ جوڳي ڊيٽا بڻجي سگهي ٿو. يعني ھٿرادو ڏاھپ شايد اهو سوال پڇي رهي هجي: هي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟ کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه کي ڪيئن ترتيب ڏئي ٿو؟ نيدرلينڊز جي محققن هڪ مطالعي ۾ شيزوفرينيا جي مريضن ۽ صحتمند ماڻهن جي ڳالهائڻ جون آڊيو ٽيپ استعمال ڪيون. ھٿرادو ڏاھپ ذريعي آواز جون ڪيتريون ئي خاصيتون ماپيون ويون، جن ۾ آواز جي اوچائي، وٿين جي ڊيگهه، اچار ۽ لهجو شامل هئا. جڏهن تربيت ڏنل نظام کي نون ماڻهن جي رڪارڊنگن تي پرکيو ويو ته ان تقريبن 86 سيڪڙو درستگي سان ٻنهي گروهن ۾ فرق ڪيو. هڪ ٻي تحقيق ۾ آواز بدران گفتگو جي مواد تي ڌيان ڏنو ويو. مريض جي ڳالهائڻ جي ٽرانسڪرپٽ ۾ لفظن جي وچ ۾ معنوي لاڳاپن جو تجزيو ڪيو ويو، ڄڻ هر لفظ کي هڪ اهڙي نقشي تي رکيو وڃي، جتي ويجها لفظ هڪ ئي پاڙي ۾ ۽ پري معنائون ٻئي هنڌ هجن. ان طريقي سان ھٿرادو ڏاھپ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته مريض جي سوچ گفتگو دوران هڪ ڳنڍيل رستي تي هلي ٿي يا بار بار پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿي. نتيجو اٽڪل 87 سيڪڙو درستگي هو، جڏهن ته روايتي ڪلينيڪل جائزي ۾ درستگي ان کان گهٽ رهي. اهي انگ يقينن دلچسپ آهن، پر انهن کي توڙ سمجهڻ اٻھرائي ٿيندي.
ھٿرادو ڏاھپ جو سڀ کان وڏو فائدو شايد انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ۾ ٿي سگهي ٿو، جن ۾ بيماري اڃان مڪمل طور ظاهر نه ٿي هجي. شيزوفرينيا جي شروعاتي مرحلي ۾ علامتون اڪثر غير واضح هونديون آهن. جيڪڏهن ھٿرادو ڏاھپ ڳالهائڻ ۾ اهڙيون معمولي تبديليون لکي سگهي ٿي، جيڪي خطري جي نشاندهي ڪن ته ڊاڪٽر شايد وڌيڪ جلد مداخلت ڪري سگهي. اها ذهني صحت ۾ وڏي تبديلي هوندي. ڇو ته ڪيترين ئي بيمارين وانگر هتي به بنيادي اصول اهوئي آهي: جيترو جلد مسئلو ليکبو، اوترو جلد مناسب مدد ۽ علاج شروع ڪري سگهجي ٿو، پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪنهن نوجوان جو آواز ٿورو مختلف هجي يا هو ڳالهائڻ ۾ وقفا وٺي ته کيس شيزوفرينيا جو مريض قرار ڏنو وڃي. اتي ھٿرادو ڏاھپ جي شاندار امڪانن سان گڏ ان جا خطرناڪ پاسا به سامهون اچن ٿا. ھٿرادو ڏاھپ نيٺ تھ ڊيٽا مان سکندي آهي. محدود ڊيٽا جا نتيجا به محدود ٿي سگهن ٿا. مثال طور: هڪ شخص آهستي ڳالهائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو عمر ۾ وڏو آهي. ٻيو شخص ٻي ٻولي ڳالهائڻ سبب لفظ چونڊڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺي سگهي ٿو. ڪو ماڻهو خوف، دٻاءُ يا ٿڪ سبب غير معمولي انداز ۾ ڳالهائي سگهي ٿو. دوائون يا جسماني بيماريون به آواز ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي متاثر ڪري سگهن ٿيون ته پوءِ ڇا هر اهڙي تبديلي کي ذهني بيماري سمجهيو ويندو؟ يقينن نه. ان ڪري ھٿرادو ڏاھپ جي ڪنهن به نتيجي کي تشخيص جو حتمي فيصلو بڻائڻ خطرناڪ هوندو. هڪ ٻيو سوال شايد ٽيڪنالاجي کان به وڌيڪ اهم آهي: جيڪڏهن اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي آواز مان سندس ذهني حالت بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا ته اها معلومات ڪنهن جي ملڪيت هوندي؟ ڇا اها معلومات ڊاڪٽر تائين محدود رهندي؟ ڇا ڪمپنيون ان کي محفوظ ڪنديون؟ ڇا ان کي تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه: ڇا مريض کي خبر ۽ مڪمل رضامندي هوندي؟ ذهني صحت بابت ڊيٽا عام ذاتي معلومات کان وڌيڪ حساس آهي. تنهنڪري ھٿرادو ڏاھپ جي ترقي سان گڏ سخت رازداري، سيڪيورٽي ۽ اخلاقي اصول به لازمي آهن. ان صورت ۾ ڊاڪٽر ۽ ھٿرادو ڏاھپ گڏجي مريض لاءِ ڇا بهتر ڪري سگهن ٿا؟ ھٿرادو ڏاھپ شايد هزارين لفظن، آواز جي سوين خصوصيتن ۽ ڳالهائڻ جي بي شمار نمونن جو تيزيءَ سان تجزيو ڪري سگهي ٿي، پر مريض جي زندگي، خاندان، ماحول، احساسن ۽ ذاتي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ انساني همدردي ۽ ڪلينڪل تجربو اڃان به ضروري آهي. هڪ مشين ڪنهن آواز ۾ غير معمولي وقفو ڳولهي سگهي ٿي، پر ان وقفي جو انساني مطلب سمجهڻ لاءِ شايد ڊاڪٽر جي ضرورت رهندي. ھٿرادو ڏاھپ نفسيات ۾ شايد هڪ نئون دور شروع ڪري رهي آهي، جنهن ۾ تشخيص (لکاءُ) صرف مريض جي ٻڌايل ڳالهين يا ڊاڪٽر جي مشاهدي تائين محدود نه رهندي، پر ڳالهائڻ جي اهڙين پوشيده خاصيتن کي به شامل ڪندي، جيڪي انساني ڪن لاءِ معمولي ۽ مشين لاءِ ماپڻ جوڳا آهن. تڏھن بھ احتياط ضروري آھي. وڏن ۽ مختلف سماجي، لساني ۽ ثقافتي پسمنظر رکندڙ ماڻهن تي وڌيڪ تحقيق، حقيقي ڪلينيڪل ماحول ۾ آزمائش ۽ مضبوط اخلاقي ضابطا ضروري آهن. نيٺ ھٿرادو ڏاھپ کي قاضي نه، پر ماهر ڊاڪٽر جي ذهين مددگار بڻجڻ گهرجي. شايد ايندڙ دور ۾ مريض ڊاڪٽر جي سامهون ويهي صرف ڳالهائيندو ۽ سندس آواز، لفظن، وقفن ۽ خيالن جي وهڪري مان هڪ ھٿرادو ڏاھپ نظام ڊاڪٽر کي اهي اشارا ڏيندو، جيڪي انساني مشاهدي کان لڪل رهيا هجن. ٽيڪنالاجيءَ جي هن نئين طاقت سان گڏ هڪ اصول وسارڻ نه گهرجي: انسان جي ذهن کي سمجهڻ لاءِ مشين کي انسان کان وڌيڪ طاقتور ٿيڻ جي ضرورت ناهي؛ ان کي انسان جي بهتر مددگار ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ شايد ذهني صحت جي مستقبل جي اصل ڪاميابي به اتي ئي لڪل آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟