مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽي ڏهاڪا پهريان ۽ هاڻوڪي شاگردن جا رويا، هڪ سماجي ۽ نفسياتي جائزو

Dr Nazir Ahmed Abro محقق، تعليمدان، ليکڪ

پي ايڇ ڊي ماڪڙ جي حياتياتي ڪنٽرول بيجنگ چين مان. پيسٽيسائيڊ جي نقصانن تي تحقيق ڪندڙ. سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪنهن به قوم، ملڪ يا سماج جو مستقبل ان جي نوجوان نسل، خاص طور شاگردن سان لاڳاپيل هوندو آهي. شاگرد پنهنجي دور جي حالتن، ثقافت، معيشت ۽ ٽيڪنالاجي جا آئندو هوندا آهن. 1990ع واري ڏهاڪي جي شاگردن جي روين، سوچ ۽ طرزِ زندگي جو جيڪڏهن اڄ جي شاگردن سان موازنو ڪريون ٿا ته اسان کي هڪ بنيادي تبديلي نظر اچي ٿي. اها رڳو درسي ڪتابن يا تعليمي نظام تائين محدود ناهي، پر ان جو سڌو سنئون تعلق شاگردن جي نفسيات، اخلاقيات، سماجي رابطن ۽ زندگي ڏانهن ڏسڻ جي انداز سان آهي. گذريل 30 سالن ۾ دنيا جنهن تيزيءَ سان تبديل ٿي آهي، ان شاگردن جي ڪردار ۽ روين کي به تيزيءَ سان تبديل ڪيو آهي.
اڄ کان 30 سال اڳ جو تعليمي ماحول ۽ شاگردن جو مزاج مختلف هو. شاگردن جي دلين ۾ استاد جو احترام مٿانهون هوندو هو. استاد کي ملازم نه، پر روحاني پيءُ يا رهبر سمجهيو ويندو هو. استاد کي گهٽيءَ مان لنگهندي ڏسبو هو ته شاگرد رستو مٽائي ڇڏيندا هئا يا ادب سان بيهي رهندا هئا. ڪلاس روم ۾ استاد جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ شاگرد خاموش هوندا هئا. استاد جي تنبيهه کي اصلاح جو ذريعو سمجهيو ويندو هو ۽ والدين به استاد جي شڪايت تي استاد کي ڏوهاري بنائڻ بدران ٻارن کي نصيحت ڪندا هئا.
ان وقت معلومات جو واحد ذريعو ڪتاب، اخبارون ۽ استاد جا ليڪچر هئا. شاگرد لائبريرين جو رخ ڪندا هئا. پڙهائي به امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر معلومات ۽ ذهني وسعت لاءِ ڪئي ويندي هئي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب جو مطالعو شاگردن جي روين ۾ سنجيدگي ۽ گهرائي پيدا ڪندو هو. شاگردن وچ ۾ سنجيده معاملن تي بحث مباحثا ٿيندا هئا. ان دور جو شاگرد هڪ اهڙي سماج جو رهاڪو هو، جتي دوستن سان ملڻ، اوطاقن تي ويهڻ ۽ ميدانن تي ڪرڪيٽ، فوٽ بال يا ملاکڙو راند کيڏڻ انهن جي زندگيءَ جو حصو هو. ان ڪري انهن وچ ۾ گڏيل ڪم ڪرڻ جو جذبو، برداشت ۽ قربانيءَ جو مادو وڌيڪ هو. دوستي جو مطلب صرف دعا سلام نه، پر هڪٻئي جي ڏک سک ۾ عملي شرڪت هئي. ان وقت شاگردن وٽ معياري سهولتون، انٽرنيٽ يا وڏيون گاڏيون نه هيون. شاگرد ميلن جا ميل پنڌ ڪري يا بسن جي ڇتين تي چڙهي ڪاليج پهچندا هئا. لوڊشيڊنگ جي باوجود لالٽين جي روشنيءَ ۾ دير تائين پڙهائي ڪئي ويندي هئي.
جڏهن ته اڄ جو شاگرد جديد دور جي سهولتن ۾ سمارٽ، باخبر، پر گهڻي حد تائين بيچين نسل نظر اچي ٿو. اڄوڪو شاگرد انٽرنيٽ، سمارٽ فون، سوشل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ پيدا ٿيو آهي. معلومات ڪتابي صفحن ۾ نه، پر هڪ ڪلڪ تي دستياب آهي. ڊجيٽل ميڊيا شاگردن کي تمام گهڻو باخبر بڻائي ڇڏيو آهي، پر سندس توجهه ڏيڻ جي صلاحيت متاثر ٿي آهي. ڪتابن جي جاءِ پي ڊي ايف فائيلن ۽ يوٽيوب جي شارٽس وٺي ڇڏي آهي.
جڏهن ته اڄ جي استاد جو اهو روايتي دٻدٻو باقي ناهي رهيو. تعليم صنعت بڻجي چڪي آهي، جتي شاگرد گراهڪ ۽ استاد سروس ڏيندڙ ٿي ويو آهي. گوگل ۽ چيٽ جي پي ٽي جي اچڻ کانپوءِ اڄ جو شاگرد پاڻ کي استاد کان وڌيڪ ڄاڻو سمجهي ٿو، ان رويي شاگردن مان عاجزي ۽ احترام ختم ڪيو آهي. ڪلاس روم ۾ موبائل فون جو استعمال ۽ استاد جي ڳالهين کي نظرانداز ڪرڻ هڪ عام رويو بڻجي چڪو آهي.
اڄ جو شاگرد سوين سوشل ميڊيا دوست هجڻ باوجود اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. ٻاهر ميدان تي کيڏڻ بدران “پب جي” يا ٻيون آن لائين رانديون کيڏڻ پسند ٿو ڪري. ان دنيا سندس سماجي رابطا ڪمزور ڪري ڇڏيا آهن. سندن گفتگو ڪرڻ جي صلاحيت، ٻين جي احساسن کي سمجهڻ ۽ عملي طور زندگيءَ کي نڀائڻ جي صلاحيت گهٽجي رهي آهي.
ڪلهه جي ڀيٽ ۾ اڄ جي شاگرد تي ڪيريئر جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي. اڄ کيس عالمي سطح جو چئلينج آهي. تعليم جو مقصد علم پرائڻ بدران صرف هڪ وڏي پگهار واري نوڪري يا ٻاهرئين ملڪ ۾ سيٽ ٿيڻ زندگيءَ جو مقصد بڻجي چڪو آهي. هن ڊوڙ شاگردن اندر نفسياتي دٻاءُ، ڊپريشن ۽ بيچينيءَ کي اڀاريو آهي.
روين جي هن ڦيري جيڪو اوچتو ئي اوچتو ناهي آيو، ان جي پويان ڪيتريون ئي سماجي، معاشي ۽ عالمي تبديليون ڪم ڪري رهيون آهن. اڄ جي شاگرد جي دماغ تي معلومات جي ايتري ته بوڇاڙ آهي جو کيس صحيح ۽ غلط جو فرق ڪرڻ جي صلاحيت ناهي رهي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ خالي ذهن ۽ پر سڪون انداز ۾ سکڻ سبب شاگرد جي ذهن تي دٻاءُ گهٽ هو.
ان کان علاوه اڄ جي ڀيٽ ۾ ماضيءَ ۾ والدين ٻارن جي اخلاقي تربيت تي وڌيڪ زور ڏيندا هئا. جڏهن ته اڄ جو والدين پاڻ به موبائيل ۾ مصروف آهي ۽ ٻارن جي هر جائز ۽ ناجائز ضد کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو، جنهن ٻارن ۾ ضد ۽ بي باڪي پيدا ڪئي آهي. گلوبلائيزيشن اڄ جي شاگرد کي گهر ويٺي دنيا جي هر سماج ۽ هر ڪلچر سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو پنهنجا روايتي قدر جهڙوڪ: وڏن جو ادب، شرم و حياءُ ۽ سادگي تيزيءَ سان وڃائي رهيو آهي.
اڄ جي دور ۾ بيروزگاري، معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام هاڻوڪي شاگرد کي پنهنجي مستقبل مان نااميديءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اثر ان جي روين ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
اها به حقيقت آهي ته اسان کي صرف ماضيءَ جا گڻ ڳائڻ نه گهرجن، ڇو ته اڄوڪي شاگرد ۾ ڪيتريون ئي خوبيون پڻ موجود آهن، جيڪي 30 سال پهرين جي شاگرد ۾ نه هيون. اڄ جو شاگرد صرف پنهنجي ملڪ تائين نه، پر پوري دنيا جي حالتن کان واقف آهي، وٽس عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جو اعتماد آهي. اڄ جو شاگرد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري وڌيڪ مهارت حاصل ڪري رهيو آهي ۽ جلد ئي ڪوڊنگ، گرافڪ ڊزائننگ ۽ فري لانسنگ ذريعي مالي طور خود مختيار ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. نه صرف ايترو، پر اڄ جو نوجوان نسل پنهنجن حقن، ذهني صحت ۽ صنفي برابري جهڙن نازڪ موضوعن تي ڳالهائڻ جو حوصلو رکي ٿو ۽ بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي ٿو.
هي جائزو اسان کي ٻڌائي ٿو ته وقت ڪڏهن به هڪ جهڙو ناهي رهندو. اسان اڄ جي شاگرد کي زبردستي 1990ع واري دور ۾ واپس نٿا وٺي وڃي سگهون ۽ نه ئي اهو ممڪن آهي، پر اسان کي ماضيءَ جي شاندار اخلاقي قدرن ۽ اڄ جي جديد دور جي ٽيڪنالاجيءَ جو خوبصورت توازن پيدا ڪري پهنجي نوجوانن جي تربيت ڪرڻي پوندي.
والدين ۽ استاد کي نوجوانن جي نفسيات کي سمجهڻو پوندو ۽ نوجوانن کي به ٽيڪنالاجيءَ جو اهڙو استعمال ڪرڻو پوندو جنهن سان سندن زندگين ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي. ڪتابن، استادن جي احترام ۽ حقيقي سماجي رشتن جي اهميت کي ڪڏهن به فراموش نه ڪن. کين خبر هجڻ گهرجي ته اسڪرين تان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر علم نه. علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ادب، عاجزي ۽ عملي جدوجهد جي اڄ به اوتري ئي ضرورت آهي، جيتري ماضيءَ ۾ هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو