پيٽرول ۽ “وي آءِ پي پيٽرولنگ”
مهانگائي، ناڻي ڦونڊ (انفليشن) ۽ پيٽروليم شين جي اوچين قيمتن عوام جي زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. کاڌ خوراڪ سميت سڀ ڪجھه عوام جي پهچ کان پري ٿيندو پيو وڃي. 24 سيپٽمبر 2026ع تي پيٽرول 390.12 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 414.75 رپيا في ليٽر ھو. ٻارڻ جي مھانگائي رڳو سفر خرچ ۾ واڌ جو سبب ڪونه آهن، پر انهن جا اثر سموري معيشت تي پون ٿا. ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌن ٿا، کاڌي پيتي ۽ روزمره جي استعمال جون عام شيون به عوام جي خريداريءَ جي سگهه کان پري ٿينديون وڃن ٿيون. هن سڄي صورتحال ۾ سرڪاري جاھ و جلال خاص ڪري چيڙائيندڙ آھي. هڪ طرف غريب ماڻهو پيٽرول جو هڪ هڪ ڦڙو سوچي سمجهي خرچ ڪري ٿو، ٻئي طرف وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن جي وڏين گاڏين جا قافلا، سيڪيورٽيءَ جا دستا ۽ عيش عشرت واريون گاڏيون عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪينديون ٿيون وتن.
عوامي احتجاج ۽ وڌندڙ معاشي دٻاءُ کانپوءِ وفاقي حڪومت سيپٽمبر 2026ع ۾ ڪفايت شعاريءَ ۽ ٻارڻ جي بچت لاءِ مختلف قدم متعارف ڪرايا، پر انهن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار رڳو اعلانن تي نه، پر عملي نفاذ ۽ نگرانيءَ تي آهي. حڪومت کي اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته ڪفايت شعاريءَ جي نالي تي عام ماڻهن جي بنيادي سهولتن ۽ عوامي خدمتن جي معيار تي اثر نه پوي. ساڳئي وقت، انهن قدمن جا نتيجا عوام آڏو پڌرا ڪرڻ به ضروري آهن، جيئن سرڪاري خرچن ۾ ٿيندڙ بچت جو اندازو لڳائي سگهجي. اهڙي سخت ماحول ۾ حڪومت پاران “وزيراعظم جي خصوصي رليف اسڪيم” جو اعلان ڪيو ويو آهي. بينر، ايس ايم ايس ڪوڊ ۽ قومي اخبارن ۾ پوري صفحي جا اشتهار جاري ڪيا ويا آهن. بظاهر هيءَ اسڪيم موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پر اهڙي اسڪيم جو جائزو وٺندي اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڇا اها واقعي مستحق ماڻهن تائين پهچي ٿي، ان تي ڪيترو خرچ ٿئي ٿو ۽ ان سان عوام جي مجموعي معاشي تڪليف ۾ ڪيتري گهٽتائي اچي ٿي. جيڪڏهن اسڪيم جي جوڙجڪ، عملدرآمد ۽ خرچن بابت شفافيت نه هوندي ته ان جي افاديت بابت سوال پيدا ٿيڻ فطري آهي.
سڀ کان پهرين، اهڙي عارضي رعايت کي معاشي بحران جي بنيادي سببن جي حل جو متبادل نٿو بڻائي سگهجي. ٻيو اهم مسئلو اسڪيم جي عملدرآمد جو آهي. ايس ايم ايس، قومي سڃاڻپ ڪارڊ، گاڏيءَ جي رجسٽريشن واري سال ۽ نمبر پليٽ جي تصديق جهڙيون گهرجون انهن پورهيتن ۽ گهٽ پڙهيل ماڻهن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهن ٿيون، جن کي اهڙي سهائتا جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. جيڪڏهن رجسٽريشن ۽ تصديق جو نظام پيچيده هوندو ته مستحق ماڻهن لاءِ رعايت حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. پيٽرول پمپن تي ڊجيٽل نظام جي خرابي، تصديق ۾ دير ۽ عملي جي تربيت جي کوٽ به اسڪيم جي افاديت کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هڪ ٻيو اهم سوال اهو آهي ته جڏهن ٻارڻ جون بلند قيمتون ٽرانسپورٽ، خوراڪ ۽ روزمره جي شين جي قيمتن تي اثر انداز ٿين ٿيون ته پوءِ رعايت کي رڳو ڪجهه گاڏين تائين محدود رکڻ سان عام معيشت کي ڪيترو فائدو پهچندو؟ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا هلائيندڙن کي رعايت ڏيڻ سان انهن جي سفر يا آمدنيءَ جي خرچ ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن مال برداري، زرعي پيداوار ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ گهٽتائي نه ايندي ته عام صارف کي مهانگائيءَ کان مڪمل ڇوٽڪارو نه ملندو.
هن اسڪيم جي حوالي سان هڪ ٻيو اهم سوال حڪومتي اشتهارن ۽ تشهير تي ٿيندڙ خرچ بابت آهي. جڏهن حڪومت عوام کي معاشي مشڪلاتن ۽ ڪفايت شعاريءَ جي ضرورت بابت ٻڌائي ٿي، تڏهن اهو به ضروري آهي ته سرڪاري اشتهارن تي ٿيندڙ خرچن جو حساب عوام آڏو پيش ڪري. جيڪڏهن ڪنهن رليف اسڪيم جي تشهير تي وڏو خرچ ڪيو وڃي ٿو ته ان خرچ جي ضرورت، افاديت ۽ شفافيت بابت سوال اٿارڻ عوام جو حق آهي. هڪ طرف عوام کي معاشي پابندين ۽ ٽيڪسن جو بار برداشت ڪرڻو پوي ٿو ته ٻئي طرف سرڪاري اشتهارن تي وڏي پئماني تي خرچ ٿيڻ بابت خدشا پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن اشتهارن جي خرچن ۾ غير ضروري واڌ هجي ته ان رقم کي عوامي سهائتا يا بنيادي خدمتن تي خرچ ڪرڻ جو امڪان به غور هيٺ آڻڻ گهرجي. حڪومتي اشتهارن جو مقصد عوام کي ڄاڻ ڏيڻ هجڻ گهرجي، نه ڪي سياسي شخصيتن جي تشهير يا سياسي مقبوليت وڌائڻ.
حڪومت اعلانن ۽ تشهيري مهمن کان اڳتي وڌي اھڙا اپاءُ ڪرڻ گهرجن:
1. پيٽروليم جي قيمتن ۽ محصولن جو شفاف جائزو: عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن، مٽاسٽا جي شرح، ٽيڪسن ۽ ٻين محصولن جي تفصيل عوام آڏو پيش ڪئي وڃي. قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو امڪان هجي ته ان جو فائدو صارفين تائين پهچائڻ لاءِ واضح پاليسي اختيار ڪئي وڃي.
2. وي آءِ پي ڪلچر جو خاتمو: سرڪاري گاڏين، مفت ٻارڻ، غير ضروري قافلن ۽ اضافي پروٽوڪول تي ٿيندڙ خرچن ۾ حقيقي گهٽتائي آندي وڃي.
3. سرڪاري خرچن ۾ ڪفايت شعاري: سرڪاري عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن لاءِ گاڏين ۽ ٻارڻ جي استعمال ۾ غير ضروري سهولتن ۽ فضول خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.
4. سستي ۽ قابل اعتماد عوامي ٽرانسپورٽ: بسون، ريل ۽ ٻين عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. مناسب ڀاڙن، بهتر سهولتن ۽ مقرر وقتن تي هلندڙ ٽرانسپورٽ سان شهرين جو ذاتي گاڏين تي انحصار گهٽائي سگهجي ٿو.
5. ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ انصاف: ٽيڪسن ۽ محصولن جو اهڙو نظام جوڙيو وڃي، جنهن ۾ بار جي منصفاڻي ورڇ ٿئي ۽ گهٽ آمدنيءَ وارن ماڻهن تي غير متناسب بار نه پوي. پيٽروليم ليوي ۽ ٻين محصولن جي استعمال بابت به عوام کي باقاعده آگاهه ڪيو وڃي.
6. رليف اسڪيمن کي آسان ۽ شفاف بڻائڻ: مستحق ماڻهن لاءِ رجسٽريشن ۽ رعايت حاصل ڪرڻ جا طريقا سادا ڪيا وڃن. ڊجيٽل سهولتن کان محروم ماڻهن لاءِ متبادل بندوبست ڪيو وڃي ۽ ڪرپشن، سفارش ۽ ناجائز ڪٽوتين کي روڪڻ لاءِ اثرائتي نگرانيءَ جو نظام قائم ڪيو وڃي.
7. معاشي پاليسين ۾ ڊگهي مدي واري رٿابندي: توانائيءَ جي مقامي ذريعن، بجليءَ جي بچت، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏني وڃي، جيئن ملڪ عالمي تيل جي قيمتن ۾ ٿيندڙ لاها چاڙها برداشت ڪرڻ جي وڌيڪ سگهه حاصل ڪري سگهي.
تاريخ مان اهو سبق ملي ٿو ته معاشي بحرانن جي وقت رڳو اعلان ۽ عارضي سهائتا ڪافي ناهن هوندا. ڪنهن به حڪومت جي پاليسيءَ جي اصل ڪاميابي ان ڳالهه مان ظاهر ٿيندي آهي ته ان سان عوام جي زندگيءَ ۾ڪيتري بهتري اچي ٿي ۽ عوامي پئسي جو استعمال ڪيترو ذميواريءَ سان ڪيو وڃي ٿو. عوام کي رڳو رليف اسڪيم جا اشتهار يا ايس ايم ايس ڪوڊ نه، پر اهڙا عملي قدم گهرجن، جيڪي مهانگائيءَ جي دٻاءُ کي گهٽائين، روزگار ۽ آمدنيءَ جا موقعا وڌائين ۽ بنيادي ضرورتن کي عوام جي پهچ ۾ آڻين. حڪومت کي پنهنجي ڪفايت شعاريءَ وارن اعلانن تي پاڻ به سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي ۽ سرڪاري خرچن جي تفصيل عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرجي.
عوامي اعتماد رڳو بيانن سان بحال نٿو ٿي سگهي. ان لاءِ شفافيت، جوابدهي، منصفاڻي معاشي پاليسين ۽ انهن تي مستقل عملدرآمد جي ضرورت آهي. حڪومت جيڪڏهن واقعي عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ چاهي ٿي ته ان کي عارضي رعايتن سان گڏ معاشي بحران جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لاءِ به سنجيدا قدم کڻڻا پوندا. عوام جي ضرورت سياسي نمائش نه، پر حقيقي معاشي مدد، ذميوار حڪمراني ۽ اهڙا سڌارا آهن، جيڪي سندن زندگيءَ ۾ پائيدار تبديلي آڻي سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟