مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بجلي، جينيٽڪس ۽ موجوده انقلابي اسلام

Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ

پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

(يووال نوح هراري جي ڪتاب ”هومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ“ مان باب 07 ”انسانيت پسندي جو انقلاب“ جي آخري حصي جو سنڌي ترجمو)
دنيا هن وقت، يعني هن ڪتاب جي لکجڻ تائين (2016ع)، آزاد خيالي، لبرل جمهوريت ۽ آزاد مارڪيٽ جي مقابلي ۾ ڪو سنجيده متبادل تصور يا نظريو پيش نه ڪري سگهي آهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته مغرب ۾ ڦُٽندڙ آزاد خيالي، صدين جي مُروج مذهبن کانپوءِ هڪ نئين مذهب “انسانيت پسندي”Humanism کي جنم ڏنو آهي، جيڪو دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي.
جيڪڏهن هن “انسانيت پسندي” مذهب جو نچوڙ دنيا جي اهم ترين پنجن نظامن کي سمجهڻ جي حوالي سان ڪڍڻ چاهيون ته اهو ڪجهه هن ريت هوندو:
* انسانيت پسندي جِي سياست: هڪ ووٽر ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو.
* انسانيت پسنديءَ جِي معيشت: هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح هوندو آهي.
* انسانيت پسنديءَ جِي جماليات: خوبصورتي ڏسندڙ جِي اک ۾ هوندي آهي.
* انسانيت پسنديءَ جِي اخلاقيات: جيڪڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ سان توهان کي ٺيڪ محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪم ڀلي ڪريو.
* انسانيت پسنديءَ جي تعليم: پنهنجي لاءِ سوچيو.
ياد رهي ته 2011ع ۾ جن عوامي احتجاجن اولهه جي دنيا کي ڌُوڻي ڇڏيو هو. مثال طور: “وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو” وارا احتجاج هجن يا اسپين جي “M-15” تحريڪ وغيره هجي، اهي اصل ۾ جمهوريت، انساني حقن يا آزاد مارڪيٽ ۽ آزاد معيشت جي بنيادي تصورن جي خلاف نه هئا؛ بلڪه ان جي بلڪل ابتڙ هئا. اصل ۾ اولهه جِي مڇريل عوام آزاد خياليءَ جي آدرشن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف پنهنجين حڪومتن کي للڪاريو پئي. انهن جو مطالبو هو ته مارڪيٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ڇڏيو وڃي، نه ڪِي ان کي وڏين ڪارپوريشنن ۽ بينڪن ذريعي قابو يا استعمال ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙي صورت ۾ مارڪيٽون عوام جي خريد ۽ فروخت، طلب ۽ رسد جي اثرن کان الڳ ٿي وينديون ۽ مڪمل طور انهن وڏين تنظيمن جي اثر هيٺ اچي وينديون. انهن جو ٻيو مطالبو هو ته رياستي ادارا عوام جي صحيح نمائندگي ڪن ۽ انهن جي خدمت ڪن، نه ڪِي طاقتور ۽ شاهوڪار طبقن جي مفادن لاءِ استعمال ٿين.مٿيان احتجاج توڙي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ پارليامينٽ جي ايوانن ۾ ٿيندڙ سخت ترين تنقيد به دنيا کي آزاد خياليءَ جي مقابلي ۾ ڪو بهتر متبادل نظام يا نظريو نه ڏئي سگهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اولهه جا دانشور توڙي سماجي اڳواڻ آزاد خياليءَ جي وارَ جي کل لاهڻ جي پٺيان پيل رهيا آهن، پر ان جي باوجود اهي پڻ ڪا بهتر شيءِ اڄ تائين پيش نه ڪري سگهيا آهن.
مغربي سماجي مزاحمتي ٽولن کان ته چين وڌيڪ موثر للڪاريندڙ پيو محسوس ٿئي. ڇو ته هڪ پاسي هن پنهنجي سياست ۽ معيشت کي آزاد خيال نظرين سان هم آهنگ ڪيو آهي، پر ٻئي پاسي ان ۾ نه ته حقيقي جمهوريت آهي ۽ نه وري ڪا آزاد مارڪيٽ ئي آهي. اهي خاصيتون هن کي ايڪيهين صديءَ جو سڀ کان وڏو معاشي ديوُ بڻجڻ کان روڪي نه ٿيون سگهن. ان جي باوجود هي معاشي ديوُ دنيا ۾ نظرياتي طور ڪا خاص اهميت نٿو رکي. اسان مان ڪنهن کي به خبر نه آهي ته چيني ماڻهو زندگيءَ بابت ڪهڙو عقيدو رکن ٿا؛ ايتري تائين جو خود انهن کي پڻ اهڙي ڄاڻ نه آهي. اسان مان گهڻن جي خيال مطابق چين اڃان تائين اشتراڪي يا ڪميونسٽ آهي، پر عملي طور اهڙي ڪابه شيءِ انهن ۾ نظر نٿي اچي. ڪجهه چيني دانشور ۽ اڳواڻ پاڻ کي نام نهاد طور تي اڃان تائين ڪنفِيُوشنِزم مذهب سان وابسته ڪن ٿا، پر اهو رايو ايترو عام نه آهي. هي نظرياتي خال چين کي سليڪان واديءَ مان ڦٽندڙ نين ٽيڪنالاجين سان لاڳاپيل مذهبن/نظرين جي نشونما لاءِ هڪ زرخيز زمين بڻائي بيٺو آهي. جديد قسم جي ٽيڪنالاجيءَ سان سلهاڙيل مذهبن/نظرين، جيڪي دنيا جي حڪمران ٽولي کي لافاني سُپر-هيومن يا سُپر-انسان بڻائڻ ۽ انهن لاءِ ڌرتيءَ تي ئي جنت جوڙڻ جهڙن تصورن تي ٻڌل آهن، کي پنهنجا پير پختا ڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻه ڏهاڪا گهربل هوندا. ان ڪري موجوده وقت ۾ چين آزاد خياليءَ جي رد ۾ ڪو اهڙو متبادل يا ڪو ٺوس نظريو پيش نه ڪري سگهيو آهي.
پوءِ ڀلا انقلابي يا موجوده اسلام جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ يا بنياد پرست مذهبن، جهڙوڪ: عيسائيت، يهوديت ۽ هندوازم جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ جتي چينين کي پنهنجي عقيدي جي خبر نه آهي، اتي مذهبي بنياد پرستن کي وري پنهنجي مذهب بابت اونهي ڄاڻ آهي. ان مان ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ جرمن فلسفِي فريڊرڪ نٽشي (Nietzsche) جي اعلان ته “خدا مري چڪو آهي” جِي هڪ صديءَ کانپوءِ خدا جو ٻيهر ظهور ٿيو هجي؛ پر حقيقت ايئن ناهي. اهو هڪ سَراب آهي. (ليکڪ هراري مطابق) خدا جو وجود باقي نه رهيو آهي ۽ اِهو فقط ايئن آهي جيئن خدا ڪجهه ئي دير ۾ انسانيت جي جسم کي ڇڏڻ وارو آهي. انقلابي اسلام آزاد خياليءَ جي تصورن جي مقابلي ۾ ڪو خاص خطرو نٿو لڳي، ڇو ته ان مذهب جا پوئلڳ چاهيندي به ايڪيهين صديءَ جي دنيا کي نٿا سمجهي سگهن ۽ انهن وٽ ايندڙ وقت جي ٽيڪنالاجين سان لاڳاپيل نون خطرن ۽ موقعن بابت چوڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.
مذهب ۽ ٽيڪنالاجي هميشه نازڪ ۽ ڊگهي ٽينگو رقص ۾ رڌل رهيا آهن. اهي نه رڳو هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪيندا رهيا آهن، پر ان سان گڏ هڪ ٻئي تي انحصار به ڪندا رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کان گهڻو پري نه رهي سگهيا آهن. ٽيڪنالاجي گهڻو تڻو مذهب تي انحصار ڪندي رهي آهي. ڇو ته هر هڪ ايجاد ڪيترن ئي شعبن ۾ پنهنجا گوناگون ۽ ڳُوڙها اثر مرتب ڪندي آهي. ان ڪري انجنيئرن کي اهم فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مذهبي پيغمبر يا نبيءَ جي ضرورت پوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو اوڻيهين صديءَ جا انجنيئر ۽ سائنسدان ريل گاڏيون، ريلوي نظام، تيل تي هلندڙ خودڪار انجڻيون ۽ موٽر ڪارون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا؛ پر ويهين صديءَ وري اهو ثابت ڪيو ته توهان مٿيون ايجادون جابر سماجن، اشتراڪي (ڪميونسٽ) بادشاهتن توڙي آزاد خيال جمهوريتن جوڙڻ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا. مذهبي آشيرواد کانسواءِ خودڪار گاڏيون ۽ انجڻيون اهو فيصلو نه ٿيون ڪري سگهن ته کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي.
ٻئي پاسي، ٽيڪنالاجي اڪثر ڪري مذهبي تصور جي دائره ڪار ۽ حدبندين جو تعين ڪري ٿي. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن هوٽل تي هڪ بيرو اسان جي بک، اشتها ۽ خواهش جو تعين اسان کي هوٽل ۾ موجود کاڌن جو ڪتابچو (مينيو) پيش ڪرڻ وسيلي ڪندو آهي. جيئن ته نيون ٽيڪنالاجيون پراڻن خدائن کي قتل ڪري نون خدائن کي جنم ڏين ٿيون، ان ڪري اهوئي سبب آهي جو زرعي دور جون ديويون ۽ ديوتا پراڻي دور جي خانا بدوش شڪاري ماڻهن جي اڻ ڏٺل روحن ۽ غيبي طاقتن کان مختلف هئا. انهيءَ طرح ايڪيهين صديءَ جون انقلابي ٽيڪنالاجيون، جن ۾ نئين انفارميشن ۽ بائيو ٽيڪنالاجيءَ جا انقلاب شامل آهن، گهڻو ممڪن آهي ته وچئين دور جي عقيدن کي هٿِي ڏيڻ بدران ڪجهه نون مذهبن ۽ عقيدن جي آبياري ڪن، جن جو ماضيءَ ۾ مثال ملڻ ناممڪن هو. هتي اسلامي دنيا جا بنياد پرست وري اهو منتر دُهرائي سگهن ٿا ته اسلام ئي هر مسئلي جو حل آهي، پر ياد رهي ته اهي مذهب جيڪي پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجيز کان لاتعلق ڪري ڇڏيندا آهن، اهي ايتري حد تائين پَست ٿِي ويندا آهن، جو اهي سوال پڇندڙن جي سوالن کي سمجهڻ جي صلاحيت به وڃائي ويهندا آهن؛ مثال طور:
* ان وقت انسان لاءِ نوڪرين جو ڇا ٿيندو، جڏهن سوچ ۽ سمجهه وارن ڪمن لاءِ ادارن ۾ انسانن بدران مصنوعي ذهانت تي هلندڙ روبوٽن کي ترجيح ڏني ويندي؟
* ان وقت ڪروڙين جي تعداد ۾ جديد ٽيڪنالاجيز کان اڻ واقف ۽ بيڪار ماڻهن جي وڏي ٽولي جو انساني سماج ۽ سياست تي ڪهڙو اثر پوندو؟
* ان وقت هاڻوڪي خانداني نظام، انساني رشتن ۽ پينشن فنڊن جو ڇا ٿيندو، جڏهن بايو ۽ نينو ٽيڪنالاجي ذريعي انسان جي جسماني ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ ۽ جوانيءَ جي عرصي کي ڊگهو ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو ۽ ماڻهن لاءِ عمر جا 80 سال اڄ ڪلهه جي 50 سالن جهڙا بڻجي ويندا؟
* ان وقت انساني معاشري جو ڇا ٿيندو، جڏهن بايو ٽيڪنالاجيءَ وسيلي اسان پنهنجِي پسند مطابق گهربل جسماني ۽ ذهني خوبين ۽ خوبصورتيءَ وارا ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين؟
* ان وقت ڇا ٿيندو، جڏهن شاهوڪار ۽ غريب طبقن (يعني لافاني سپر-انسانن ۽ اسان پارن عام يا بيڪار انسانن) جي وچ ۾ اهڙو وڏو فرق پيدا ٿي پوندو، جنهن جو مثال ماضيءَ جي تاريخ ۾ نه ملي سگهندو؟
توهان انهن مان ڪنهن به سوال جو جواب قرآن يا شريعت، انجيل مقدس توڙي چين جي ڏاهي ڪنفيوشيس جي ڪتاب “ايناليڪٽس”(Analytics) ۾ ڳولهي نه سگهندؤ. اهو بلڪل ايئن آهي، جيئن تاريخ جي وچئين دور ۾ اوڀر يا قديم چين ۾ ڪنهن کي به ڪمپيوٽرن، جينيٽڪس ۽ نينو ٽيڪنالاجيءَ بابت گهڻي ڄاڻ نه هئي. موجوده انقلابي اسلام، دنيا جي ٽيڪنالاجيءَ وارن توڙي معاشي طوفانن ۾ پنهنجي عقيدي تي ثابت قدميءَ جي جهاز جو لنگر ته بڻجي سگهي ٿو، پر ان لنگر ۾ اها طاقت نه هوندِي جو اها جهاز جي رخ کي تبديل ڪري سگهي؛ ڇو ته ان لاءِ اسان کي لنگر جِي نه، پر صحيح نقشي ۽ جهاز جي پٽوار (Rudder/جهاز کي موڙڻ جي پَٽِي يا اوزار) جِي ضرورت پوندِي. ان ڪري انقلابي يا موجوده اسلام فقط انهن ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جيڪي ان جي اصولن يا ان ئي ثقافت ۾ وڌي وڏا ٿيا هجن؛ پر يقينن انهن وٽ اسپين جي بيروزگار نوجوانن يا ترقيءَ لاءِ واجهائيندڙ چيني کَرب پَتِي ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.
اهو سچ آهي ته ڪروڙين ماڻهو ايندڙ وقت ۾ به اسلام، عيسائيت يا هندومت جي مذهبن جا پيروڪار رهندا، پر تاريخ ۾ هر دفعي ماڻهن جو تعداد اهم نه رهيو آهي. تاريخ جو رُخ اڪثر ڪري ماضيءَ ۾ جيئندڙ عوام جي وڏي ٽولي نه، پر اڳتي ڏسندڙ ۽ دُور انديش ننڍڙن ٽولن ئي موڙيو آهي. ڏهه هزار سال اڳ دنيا ۾ اڪثر ماڻهو خانا بدوش شڪاري هئا ۽ وچ اوڀر ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو هاري هئا، جيڪي زراعت جا موجد هئا، پر تاريخ اڳتي هلي اهو ثابت ڪيو ته دنيا جو مستقبل هارين تبديل ڪري ڇڏيو هو. 1850ع ۾ دنيا جي ماڻهن جِي 90 سيڪڙو آبادي هارين تي مشتمل هئي. اهي گنگا، نيل ۽ يينگ-زِي ندين جي ڪنارن تي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ آباد هئا. ساڳي ريت ان وقت ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين، ريل گاڏين، ريل جي رستن ۽ ٽيليگراف جي تارن جي ڪابه ڄاڻ نه هئي، پر انهن جي تقدير مانچسٽر، برمنگهٽن واسِي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انجنيئرن، سائنسدانن ۽ سرمائيدارن جي هٿن سان لکجي چڪي هئي. انهن دانشورن جي ڪري ئي دنيا ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿيو. ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏين، ريل جي پٽڙين ۽ ٽيليگرافن دنيا جي کاڌي، ڪپڙي، گاڏين ۽ هٿيارن جي پيداوار ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ان انقلاب موٽ ۾ پنهنجي بنيادي سماجي ڍانچي، يعني روايتي زراعت سان لاڳاپيل معاشرن کي پڻ يڪسر تبديل ڪري ۽ مِٽائي ڇڏيو.
جڏهن صنعتي انقلاب دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ گنگا ۽ يينگ-زِي ندين وارن علائقن تائين پهتو، تڏهن به اتان جِي اڪثر آباديءَ جو عقيدو ۽ يقين سندن مذهبي ڪتابن، جهڙوڪ: ويدن، انجيل، قرآن ۽ ڪنفيوشيس جي “ايناليڪٽس” تي، ان وقت جي ٻاڦ جي انجڻين جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ پختو رهيو. ساڳي ريت اوڻيهين صديءَ ۾ به اهڙن مذهبي پادرين، صوفين ۽ گُروئن جي ڪمي نه هئي، جيڪي اهو سمجهندا هئا ته انهن وٽ انسان ذات جي سڀني مسئلن ۽ ڏکن، ايستائين جو صنعتي انقلاب جي برپا ڪيل مسئلن جو حل هڪيو تڪيو موجود هو. مثال طور: 1820ع کان 1880ع جي ڏهاڪن دوران برطانيا جي آشيرواد سان مصر جڏهن سوڊان کي فتح ڪيو ۽ اتي جي مَترُوڪه نظام کي ختم ڪري جديد بڻائڻ ۽ بين الاقوامي واپار جا نوان رستا متعارف ڪرائڻ شروع ڪيا ته ان ڳالهه روايتي سُوڊاني معاشري کي لوڏي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ اتي ماڻهن ۾ وڏي پيماني تي بغاوتن ۽ مزاحمتن جنم ورتو. ايتري حد تائين جو 1881ع ۾ هڪ مقامي مذهبي اڳواڻ محمد احمد بن عبدالله اهو اعلان ڪيو ته هُو امام مهدي هو ۽ کيس ڌرتيءَ کي نئين سر سنوارڻ لاءِ خدا طرفان موڪليو ويو هو. هن جي اُن اعلان تي مقامي ماڻهن لبيڪ چئِي مصر ۽ انگريز فوج کي شڪست ڏني ۽ برطانوي فوجي ڪمانڊر جنرل چارلس جارڊن جو سِر قلم ڪري برطانيا جي راڻِيءَ کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو. نتيجي ۾ انهن پنهنجي ملڪ سوڊان ۾ اسلامي قانون ۽ شيعا شريعت نافذ ڪري ڇڏي، جيڪا 1898ع تائين جاري رهي.
انهيءَ عرصي دوران هندستان ۾ ديانندا سَرسوَتِيءَ هندومت جي مذهب ۾ ٻيهر جان وجهڻ ۽ جيارڻ جي تحريڪ جو آغاز ڪيو، جيڪا ان بنيادي اصول تي ٻڌل هئي ته ”پاڪ ڪتاب ويد ڪڏهن به غلط نٿا ٿِي سگهن.” 1875ع ۾ هِن آريا سماج جو بنياد وڌو، جنهن جو بنيادي مقصد ويداني علم جي تشريح هو. جيڪڏهن سچي ڳالهه ڪجي ته ديانندا سَرسوَتِي اڪثر ڪري ويدن جي حيرت انگيز طور تي آزاد خياليءَ سان ٺهڪندڙ تشريح ڪندي هئي. مثال طور: هوءَ ان وقت به عورتن جي هڪ جهڙن حقن جِي حمايت ڪندي هئي، جڏهن اولهه جي ملڪن ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ايتري مشهور نه هئي.
ان جي ابتڙ ديانندا سَرسوَتِيءَ جوهم عصر، پوپ پائيس نائون، عورتن جي باري ۾ روايتي تنگ نظري وارا خيال رکندڙ هو، پر هو سَرسوَتِيءَ سان هن ڳالهه تي متفق هو ته انسان کان مٿانهين هڪ آفاقي قوت ئي دنيا کي هلائيندڙ آهي. هن ڪيٿولڪ عيسائيت جي نظرئي ۾ سڌارن جو هڪ سلسلو برپا ڪيو ۽ هڪ اڻ ڇهيل ۽ نئون قانون متعارف ڪرايو، جنهن مطابق عيسائي پوپ مذهبي عقيدن جي معاملي ۾ ڪڏهن به خطا نٿو ڪري سگهي. (وچئين دور جو اهو تصور 1870ع جي ڪيٿولڪ عيسائيت کي ان وقت به متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، جڏهن ته ان کان 11 سال اڳ ئي چارلس ڊاروِن پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب “آن دي اوريجن آف اسپيشيز”، يعني “جاندارن جي ارتقا”، ڇپائي چڪو هو.)
مٿئين قانون ته عيسائي پوپ ڪڏهن به خطا يا غلطي نٿو ڪري سگهي، کان 30 سال اڳ چيني ڏاهي هانگ زِيڪئان پڻ اهڙي قسم جا مذهبي تصور پيش ڪيا هئا. هن مطابق هُو پاڻ ڪو ٻيو نه، پر يسوع مسيح يعني حضرت عيسيٰ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ خدا هن کي هڪ خاص الهامي مقصد لاءِ موڪليو هو. اهو مقصد هي هو ته هو 17 صديءَ کان وٺي چِنگ جي بادشاهت ۽ ان جي شيطاني حڪمرانيءَ کي تڙي ختم ڪري ۽ ڌرتيءَ تي هڪ عظيم پرامن جنت “تائيپنگ تيانگو” قائم ڪري. هانگ جي هن پيغام انهن لکين واجهائيندڙ چيني ماڻهن کي موهي وڌو، جيڪي اڳ ۾ ئي چين ۽ برطانيا جي وچ ۾ هلندڙ آفيمي جنگين، جديد صنعتي انقلاب ۽ يورپي بادشاهت جي تسلط کان بيزار ٿِي چڪا هئا (برطانيه طرفان ايسٽ انڊيا ڪمپني وسيلي هندوستان مان چين ڏانهن آفيم جي غير قانوني اسمگلنگ شروع ڪئي وئي جنهن سان برطانيه ڪافي سارو پرڏيهي ناڻو ڪمائيندو رهيو. بعد ۾ چين تي اهو دٻاءُ وڌو ويو ته اهو آفيم جي هلندڙ واپار لاءِ قانوني طرح نرمي ۽ اجازت فراهم ڪري. چين جي مداخلت جي ڪري چين ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻه آفيمي جنگيون لڳيون جيڪي چينين ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي هجڻ ڪري هارايون ۽ نتيجي ۾ چيني قوم هڪ نشئي قوم بڻجي وئي.) توڙي جو هانگ پنهنجِي عوام کي هڪ عظيم پُرامن جنت ڏانهن وٺي نه وڃي سگهيو، پر هن پنهنجي توپن جو رخ چِيني منچو چنگ جي بادشاهت ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ “تائيپنگ بغاوت” جو آغاز ڪيو، جيڪا اوڻيهين صديءَ جي هڪ خونخوار جنگ بڻجي وئي. اها جنگ 1850ع کان 1864ع تائين جاري رهي ۽ ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا. قتل ٿيل ماڻهن جو اهو تعداد نيپولين جي جنگين توڙي آمريڪا جي خانا جنگيءَ ۾ مري ويل ماڻهن جي تعداد کان به وڌيڪ هو.
جيتوڻيڪ صنعتي فيڪٽرين، ريل جي نظام ۽ ٻاڦ تي هلندڙ بحري جهازن جي زماني ۾ ڪروڙين ماڻهو هانگ، سَرَسوَتِي، پائيس ۽ مهدي جي مذهبي عقيدن ۽ خيالن کي چنبڙيل رهيا، پر اسان اوڻيهين صديءَ کي مذهبي عقيدي جي صدي نٿا چئي سگهون. اسان جڏهن اوڻيهين صديءَ جي دُور انديش دانشورن جي ڳالهه ڪندا آهيون ته اسان جي ذهنن ۾ مارڪس، اينجلز ۽ لينن جا نالا اڀرندا آهن، پر مهدي، پائيس يا هانگ جهڙا نالا ڪڏهن به نه ايندا آهن. حقيقت پڻ اها ئي آهي. جيتوڻيڪ 1850ع ۾ اشتراڪيت يا ڪميونزم هڪ ننڍڙي تحريڪ هئي، پر اها تيزيءَ سان وڌندي رهي ۽ چين ۽ سُوڊان جي مذهبي مسيحائن جي ڀيٽ ۾ ان دنيا کي تمام ٿوري وقت ۾ يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن توهان قومي ۽ ملڪي سطح تي صحت، پينشن ۽ مفت تعليمي سهولتن جي اهميت ۽ فروغ جي ڳالهه ڪندا ته توهان هانگ زِي ڪُئان، سَرسوَتِي ۽ مهدي کي نه، پر مارڪس، لينن ۽ اوٽو فون بسمارڪ جهڙن دانشورن جي خدمتن کي واکاڻڻ تي مجبور ٿي ويندؤ.
هانگ ۽ مهدي ناڪام ڇو ٿيا، جڏهن ته مارڪس ۽ لينن ڪامياب ڇو ٿيا؟ اهو ان ڪري نه ٿيو جو اشتراڪيت جو فلسفو اسلامي يا عيسائي مذهبي فلسفي کان وڌيڪ اونهو ۽ بهتر هو، پر اِهو ان ڪري ٿيو جو مارڪس ۽ لينن پنهنجي دور جي ٽيڪنالاجي ۽ معاشي زميني حقيقتن جي سمجهڻ کي قديم مذهبي ڪتابن ۽ پيغمبري خوابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توجهه ۽ ترجيح ڏني. صنعتي دور جي نئين پيدا ٿيل طبقي، يعني شهري مزدور طبقي، جي تجربن، مشاهدن، ضرورتن ۽ اميدن جي موٽ ۾ مارڪس ۽ لينن انهن ڳالهين تي وڌيڪ غور ڪيو ته ٻاڦ واري انجڻ ڪيئن ٿي ڪم ڪري، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي، ريل جا رستا معيشت تي ڪيئن اثرانداز ٿين ٿا ۽ بجلي اسان جي سياست ۽ زندگيءَ تي ڪيئن متاثر ڪري ٿي.
لينن کي هڪ دفعي ڪنهن چيو ته هو اشتراڪيت يا ڪميونزم کي هڪ جملي ۾ بيان ڪري؛ ته هن چيو: “اشتراڪيت مزدور يونين جي سگهه ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي پهچائڻ جو نالو آهي.” ڇو ته ان وقت بجلي، ريلوي نظام ۽ ريڊيو کانسواءِ اشتراڪيت جو ڪو به تصور جڙي نه پئي سگهيو. توهان سورهين صديءَ دوران روس ۾ ڪميونزم قائم نه ڪري سگهو ها، ڇو ته ان وقت توهان وٽ علم ۽ مادِي وسيلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي قابليت نه هئي. “هرهڪ ماڻهوءَ منجهان سندس صلاحيت مطابق ۽ هر هڪ ماڻهوءَ ڏانهن سندس ضرورت مطابق” ڪمن ۽ شين جِي ڏي وٺ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اُپت کي ڏورانهن مفاصلن ۽ هنڌن تائين رسائي سگهجي ۽ جڏهن قومي توڙي بين الاقوامي سطح تائين ماڻهن جي سرگرمين تي نه رڳو نظر رکي سگهجي، پر انهن کي مربوط ڪري متعين مقصد لاءِ آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهجي.
مارڪس ۽ سندس پوئلڳ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل نين حقيقتن ۽ نين انساني قدرن بابت ڀلي ڀت ڄاڻي چڪا هئا. ان ڪري انهن وٽ نه رڳو صنعتي معاشري جي نون مسئلن جا حل ۽ جواب موجود هئا، پر نئين صورتحال ۾ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ڇهيل لڪل موتين کي ڳولهڻ ۽ انهن مان فائدو وٺڻ جي بصيرت پڻ هئي. انهن اشتراڪين نئِين بهادر دنيا لاءِ نئون بهادر مذهب تخليق ڪري ورتو هو. انهن ٽيڪنالاجي ۽ معاشيات وسيلي انسانن کي نجات جو رستو ڏيکاريو، جنهن انسان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪنالاجيءَ کي بطور نئين مذهب يا نظرئي طور متعارف ڪرايو ۽ ماضي جي اڻ ڏٺل خدائن جي بتن کي ڪيرايو. مارڪس کان پهريان ماڻهو خدا بابت تصورن جي بنياد تي مختلف مذهبن ۾ ورهايل هئا ۽ ان دور ۾ اپت ۽ پيداوار جي طريقن جي ڪا خاص سماجي اهميت نه هئي، پر مارڪس کان پوءِ دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ معيشت کي روح ۽ آخرت واري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ملڻ لڳي ۽ اهڙا بحث مباحثا ٿيڻ لڳا. ويهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ تقريبن سموري انسانذات، پيداواري اپت ۽ ان جي نون طريقن جي ڳولهڻ ۾ غرق ٿي وئي، ايستائين جو مارڪس ۽ لينن تي تنقيد ڪندڙ به صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ خدا ۽ بهشت جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي، پيداواري صلاحيت ۽ اپت بابت وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري تمام ٿورا ماڻهو مارڪس وانگر دُور انديش هئا. تنهنڪري فقط ڪجهه ملڪ صنعتي ترقيءَ جي رستي تي گامزن ٿيا ۽ انهن ئي ٿورڙن ملڪن دنيا کي فتح ڪيو. اڪثر ملڪن ۽ معاشرن کي اهو سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا ٿي رهيو هو. ان ڪري اهي اتي ئي رهجي ويا ۽ ترقيءَ جي ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿِي نه سگهيا. ديانندا سَرسوَتِيءَ جو هندستان ۽ مهديءَ جو سوڊان پنهنجي پنهنجي خدائن تائين محدود رهيا. ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين ۽ صنعتي مشينن کان اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري، صنعت ۾ ترقي ڪندڙ برطانيا نه رڳو انهن تي قبضو ڪيو، پر انهن جو استحصال ڪري انهن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال پڻ ڪيو.گذريل ڪجهه سالن کان وٺي هندستان اکِ پَٽِي آهي ۽ انهن برطانيا ۽ سندن وچ ۾ موجود معاشي ۽ سياسي خال ڀرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي. جڏهن ته سوڊان اڃان تائين ترقيءَ جي راهه ۾ غفلت جي ننڊ ۾ ستل پيو آهي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ تمام پوئتي آهي.
ايڪيهين صديءَ جي منڍ ۾ ترقيءَ جِي ريل گاڏي هڪ دفعو وري انساني تاريخ جي اسٽيشن کان ترقيءَ جي نين منزلن ڏانهن نڪري رهي آهي، ۽ اها شايد انساني تاريخ جي آخري ريل گاڏي آهي، جيڪا انسانن جي اسٽيشن کي ڇڏي رهي آهي، جن ماڻهن يا قومن کان هي ريل گاڏي ڇُٽي ويندي، انهن کي هن تي چڙهڻ جو ٻيو موقعو شايد ڪڏهن به نه ملندو. هن ريل گاڏيءَ ۾ پنهنجي سيٽ مخصوص ۽ محفوظ ڪرائڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته توهان ايڪيهين صديءَ جي ٽيڪنالاجيءَ کي سمجهڻ جي قابل هجو، خاص طور تي توهان ۾ بايو ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر الگورٿمز جِي بي پناهه طاقت کي سمجهڻ جي صلاحيت موجود هجي. اهي طاقتون ريل گاڏين، موٽر ڪارن، هوائي جهازن ۽ ٽيليگرافن کان هيڪانديون مٿانهيون آهن. اهي طاقتون فقط کاڌن، ڪپڙن، گاڏين ۽ هٿيارن ٺاهڻ لاءِ استعمال نه ٿينديون، پر اهي انساني جسمن، دماغن، ذهنن يا شعور ٺاهڻ لاءِ به استعمال ٿينديون. هن سلسلي ۾ جيڪي ماڻهو اهڙيون صلاحيتون ۽ مهارتون رکندڙ هوندا ۽ جيڪي اهڙيون صلاحيتون ۽ مهارتون رکندڙ نه هوندا، انهن جي وچ ۾ فرق به تمام وڏو هوندو؛ جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته اهو فرق ڊِڪنس جي برطانيا ۽ مهديءَ جي سوڊان جي وچ ۾ فرق کان به انتهائي وڏو هوندو، ته به غلط نه ٿيندو. ٻين لفظن ۾، اهو فرق اڄوڪي انسانن ۽ قديم خانا بدوش شڪارين، جيڪي ان وقت پٿر جي هٿيارن سان شڪار ڪندا هئا، کان به وڏو هوندو. ايڪيهين صديءَ جِي ترقيءَ جِي ريل گاڏيءَ ۾ جيڪي چڙهيا، اهي خدائي صفتن، جهڙوڪ: تخليق ۽ تخريب جي اعليٰ درجن سان ليس هوندا؛ پر جيڪي ان ۾ نه چڙهي سگهيا، اهي ماڳهين صفحه هستيءَ تان ميسارجي ماضيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي ويندا.
اشتراڪيت ۽ ان جا حامي، جيڪي هڪ سئو سال اڳ ان زماني جي ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ هئا، اهي پڻ هن دور جي نئين ٽيڪنالاجيءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ليونڊ بريزنيو ۽ فيڊل ڪاسترو ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين واري دور ۾ مارڪس ۽ لينن جي ڏنل تصورن کي چهٽيا رهيا. نتيجي ۾ اهي ڪمپيوٽرن ۽ بائيو ٽيڪنالاجيءَ جي طاقتن جو اندازو لڳائي نه سگهيا. ان جي ڀيٽ ۾ آزاد خيال مغربي دانشورن پاڻ کي نئين انفارميشن ٽيڪنالاجي سان هٿياربند ڪيو، جنهن ڪري ٻين سببن سان گڏ هن اهم سبب جي ڪري خورسچيف جِي 1956ع واري اڳڪٿي ڪڏهن به سچِي ثابت نه ٿِي سگهي. ان جي برعڪس، آزاد خيال مغربي سرمائيدارن مارڪس جي حامين کي ختم ڪري دفنائي ڇڏيو. اڄ جيڪڏهن مارڪس وري زنده ٿي اچي ته پاڻ پنهنجن بچيل پوئلڳن کي شايد اهو تاڪيد ڪندو ته اهي سندس ڪتاب “داس ڪيپيٽل” پڙهڻ کي گهٽ وقت ڏين ۽ پنهنجو گهڻو وقت انٽرنيٽ ۽ انساني جينيٽڪس کي سمجهڻ تي خرچ ڪن.
موجوده انقلابي اسلام جِي حالت بيوس بڻيل اشتراڪيت کان به بدتر آهي. اسلام ۽ مسلمان ته اڃان تائين صنعتي انقلاب سان هم آهنگ ئي نه ٿي سگهيا آهن ۽ ان جي ترقيءَ کي ئي هضم نه ڪري سگهيا آهن. اهو چوڻ جي ضرورت ڪونهي ته ان جا پوئلڳ جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ هٿرادو ذهانت کان تمام گهڻو پري آهن. اسلام، عيسائيت ۽ ٻيا روايتي مذهب اڃان تائين دنيا ۾ توڙي جو اهم کلاڙي طور سمجهيا وڃن ٿا، پر هاڻي انهن جو ڪردار نئين فڪر يا ايجاد کي متعارف ڪرائيندڙ نه، پر ان کي رد ڪندڙطور وڃي بچيو آهي. اهي ماضيءَ جي ابتڙ هن وقت ڪنهن به جديد تحقيق، تخليق، ايجاد ۽ دريافت ۾ سرگرم نه آهن. مثال طور: وچين دور ۾ عيسائيت اسان کي اهو عظيم تصور ڏنو ته سڀ انسان خدا جي نظر ۾ برابر آهن. هن تصور انسانن جي سياسي ڍانچن، سماجي ادارن ۽ صِنفِي رشتن ۽ تعلقن کي يڪسِر تبديل ڪري ڇڏيو.هڪ دفعي هڪ ٽڪريءَ تي حضرت عيسيٰ پنهنجي خطبي ۾ اهو پڻ چيو ته نماڻا ۽ مظلوم ماڻهو خدا وٽ پسنديده آهن.هن تصور “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري تصور کي ابتو ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ نسلن جي عوام ۽ مظلوم طبقي لاءِ انقلاب جا دروازا کولي ڇڏيا.
سماجي ۽ اخلاقي سُڌارن سان گڏ عيسائيت معاشي ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل اهم ايجادن ۽ دريافتن جي راهه هموار ڪئي. ڪيٿولڪ عيسائي چرچ وچئين دور ۾ جديد ۽ منظم ترين انتظامي طريقن جو بنياد وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني تاريخ ۾ ڪتابن جو لکت ۾ رڪارڊ (ڪيٽالاگ) رکڻ، وقتناما (ٽائيم ٽيبل) ٺاهڻ، معلومات گڏ ڪرڻ توڙي ان جو شمارياتي تجزيو ڪرڻ جهڙن تخليقي ڪمن جو بنياد پيو.يورپ جي ٻارهين صديءَ واري ويٽيڪن سٽي (ڪيٿولڪ عيسائي پادري جو هيڊڪوارٽر) ۽ موجوده سليڪان وادي (آمريڪا) ۾ ڪافي قدر هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي ڏسي سگهجي ٿي. عيسائي گرجا گهر ۽ چَرچ جي انتظام هيٺ يورپ ۾ پهريون دفعو وڏي پيماني تي ۽ سائنسي بنيادن تي انساني تعاون تحت وڏين خانقاهن جو آغاز ڪيو ويو، جيڪي هڪ معاشي ڪارپوريشن طور ڪم ڪنديون هيون. انهن خانقاهن جي سربراهيءَ ۾ يورپ جي معيشت ۾ هڪ هزار سالن تائين جديد زرعي ۽ انقلابي سڌارا جاري رهيا. نتيجي ۾ انهن پنهنجن ادارن ۾ گهڙيالن جو استعمال ڪيو ۽ انهن جا ڪيٿيڊرل اسڪولَ يورپ ۾ علم جا اعليٰ تعليمي ادارا بڻجي ويا، جن اڳتي هلي يورپ ۾ قائم ٿيندڙ اولين يونيورسٽين، جهڙوڪ: بولنگا، آڪسفورڊ ۽ سلامينڪا، جو بنياد وڌو.
اڄ به ڪيٿولڪ چرچ ڪروڙين پوئلڳن جون همدرديون ۽ محبتون حاصل ڪري رهيو آهي، پر ان جي باوجود ڪيٿولڪ عيسائيت توڙي خدا کي مڃيندڙ ٻيا مذهب گهڻي عرصي کان تخليقي ۽ تعميري هجڻ بدران جديديت خلاف رد عمل ڏيکاريندڙ بڻجي چڪا آهن. اهي هاڻي بجاءِ ان جي جو پاڻ جديد ٽيڪنالاجيز، معاشي طريقن ۽ انقلابي سماجي تصورن جي دريافت ۽ استعمال ۾ اڳڀرائي ڪن، الٽو اهي انهن جديد نظرين ۽ ايجادن جو پڇ ڇِڪي انهن کي ڪيرائڻ ۾ ڪاهي پيا آهن. انهن جو هاڻي فقط هڪ ڪم وڃي بچيو آهي: ٻين طرفان متعارف ڪرايل ايجادن ۽ تصورن تي پنهنجي ڪاوڙ جا ڇوهه ڇنڊڻ. مثال طور: حياتياتي سائنسدانَ ڄم- روڪ ٽڪيون ۽ طريقا ايجاد ڪن ٿا ته پوءِ پادري پريشان ٿيندا آهن ته هن مسئلي تي ڇا ڪجي. ڪمپيوٽر جا ماهر انٽرنيٽ ايجاد ڪن ٿا ته بنياد پرست يهودي مذهبي پيشوا (ريبي) ان ڳالهه تي پريشان ٿيندا آهن ته يهودين کي اهي شيون استعمال ڪرڻ گهرجن يا نه. عورتن جي آزاديءَ جا اڳواڻ عورتن کي پنهنجي جسم ۽ ذهن جي مالڪ هجڻ جو آواز اٿاريندا آهن ته مذهبي مفتي ۽ پنڊت وري ان تي پريشان ٿيندا آهن ته اهڙي “وڏي گناهه” ۽ تصور کي ڪيئن روڪجي ۽ مات ڏجي.
توهان پاڻ کان پڇو ته: ويهين صديءَ جي تمام اثرائتي يا اهم ترين دريافت، ايجاد يا تخليق ڪهڙي آهي؟ هي هڪ نهايت ڏکيو سوال آهي، ڇاڪاڻ ته لاڳاپيل ايجادن ۽ انهن جي موجدن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جنهن مان هڪ يا ڪجهه ايجادون ۽ نالا چونڊڻ تمام ڏکيو آهي. مثال طور: بيشمار جراثيم ڪش دوائون، ڪمپيوٽر پروگرامس ۽ ڪيترائي نوان نظريا، مسئلا، عورتن جي حقن ۽ برابريءَ جو نظريو (فيمينزم) وغيره. هاڻي وري توهان پاڻ کان پڇو: روايتي مذهبن، جهڙوڪ: ويهين صديءَ ۾ اسلام ۽ عيسائيت جِي سڀ کان اهم ايجاد، دريافت يا تخليق ڪهڙي هئي؟ هي پڻ هڪ ڏکيو سوال آهي، پر ان جي نوعيت ڪجهه ٻي آهي، ڇو ته هتي وري ايجادون، دريافتون ۽ تخليقون يا ته آهن ئي ڪونه، يا وري تمام ٿورڙيون آهن! ڇا توهان اهو چئي سگهو ٿا ته جراثيم ڪش دوائون، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ فيمينزم ويهين صديءَ جي مذهبي مولوين، مفتين ۽ پنڊتن ئي دريافت يا ايجاد ڪيا هئا؟ انهن سوالن تي غور ڪرڻ سان توهان کي خبر پوندي ته ويهين صديءَ جون وڏيون تبديليون ڪٿان ۽ ڪيئن پيدا ٿيون هيون: ڇا اهي اسلامي دنيا مان يا گُوگل مان ڦٽي نڪتيون هيون؟ ها، اها ڳالهه صحيح آهي ته اسلامي دنيا اهو ڄاڻي ٿي ته يوٽيوب تي وڊيوز ڪيئن رکجن؛ پر اهي ان باري ۾ خاموش تماشائي رهندا آهن ته پنهنجين زيادتين ۽ ايذائن جي ڳالهه ڪيئن ڪجي. ٻيو نه ته شام ۽ عراق طرفان ڪهڙيون نيون ايجادون ڪيون ويون آهن؟
دنيا ۾ اربين ماڻهو، جن ۾ ڪيترائي سائنسدان به شامل آهن، انهن الهامي ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول آهن ته جيئن اهي جديد ايجادن ۽ تخليقن سان ٺهڪندڙ ڪا دليل يا آيت ڳولهي اچن، پر انهن ڪتابن جي لکت مان بذاتِ خود ڪنهن تخليق يا ايجاد جو ظهور نه ٿي سگهيو آهي. مثال طور: مردن جِي مردن سان شادي يا عورتن جي پادري بڻجڻ متعلق عيسائيت اندر حمايتي اشارن بابت سوچجي ته ان ڳالهه جي قانوني مڃتا ۽ حمايت ڪٿان شروع ٿي؟ يقينن انجيل مقدس مان، يا سينٽ آگسٽائن يا مارٽن لوٿر جي ڪتابن مان ته اهڙو ڪو اشارو نٿو ملي، پر انهن ڳالهين جون پاڙون مشيل فوڪئو جي ڪتاب “جنسي تاريخ” (The History of Sexuality by Michel Foucault) ۽ ڊونا هاروي جي ڪتاب “اي سائبرگ مينِيفيسٽو”(A Cyborg Manifesto by Donna Haraway) جهڙن ڪتابن ڏانهن وڃن ٿيون. جڏهن ته عيسائيت جا سچا پوئلڳ، چاهي اهي ترقي پسند ڇو نه هجن، پر اهي ان ڳالهه جو ڪڏهن به اعتراف نه ڪندا ته انهن جي اخلاقيات مشيل فوڪئو يا ڊونا هاروي جي اصولن تي مبني آهي. تنهنڪري اهي ڦِري گِري وري انجيل مقدس، سينٽ آگسٽائن ۽ مارٽن لوٿر ڏانهن رجوع ڪندا ۽ ان جا جواب انهن ڪتابن ۾ ڳولهڻ ۾ مگن ٿي ويندا. نيٺ ڪيترن ئي صفحن پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ آخرڪار انهن کي اها شيءِ ملي ويندي، جنهن جي انهن کي ضرورت هئي؛ يعني ڪو اهڙو محاورو، چوڻي يا حڪم، جنهن جي جيڪڏهن نئين ۽ تخليقي انداز سان تشريح ڪئي وڃي ته ان مان اهڙو گهربل مقصد ڪڍي سگهجي ته خدا مردن جي مردن سان شاديءَ ۾ راضي ٿئي ٿو ۽ عورتون پڻ چرچ جون پادري ٿي سگهن ٿيون. پوءِ اهي ايئن ظاهر ڪندا ته ڄڻ اهو تصور ٻه هزار سال اڳ عيسائين جي انجيل مقدس ۾ اڳ ۾ ئي موجود هو، جڏهن ته حقيقت ۾ ان جون پاڙون فوڪو جي ڪتاب مان ئي ڦٽن ٿيون. اهڙي طرح سان انجيل سچائي جي سند طور سمجهي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ هاڻي اهو ڪتاب سچ پچ ۾ اتساهيندڙ نه رهيو آهي.
اهوئي سبب آهي جو روايتي مذهب آزاد خياليءَ جي نظرئي جي رد ۾ ڪو ٺوس متبادل پيش نٿا ڪن. اهي پاڪ ڪتاب جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ مصنوعي ذهانت بابت ڪجهه به نٿا ٻڌائين ۽ انهن جا موجوده مذهبي پيشوا حياتيات ۽ ڪمپيوٽر سائنس جهڙن شعبن ۾ حيرت انگيز دريافتن ۽ ايجادن کي سمجهڻ کان قاصر آهن. جيڪڏهن توهان انهن انقلابي دريافتن ۽ ايجادن کي سمجهڻ چاهيو ٿا ته توهان وٽ ڪي گهڻا رستا نه آهن، پر هڪ ئي واحد رستو آهي: توهان جديد سائنسي تحقيقي مقالن ۽ مضمونن پڙهڻ تي وڌيڪ وقت خرچ ڪريو ۽ معلومات کي رٽڻ ۽ قديم لکتن تي بحث مباحثن بدران لاڳاپيل شعبن ۾ سائنسي تجربن ۾ جنبي وڃو.
ان جو مطلب اهو نه آهي ته آزاد خياليءَ جو نظريو هميشه قائم رهندو، پر اهو سچ آهي ته انسانيت پسنديءَ جي بنياد تي مذهبي جنونن ۽ جنگين کي مات ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وئي آهي ۽ دنيا هن وقت، يعني 2016ع تائين، ان جو ڪو بهتر متبادل پيش نه ڪري سگهي آهي، پر اهو به ممڪن آهي ته هن نظرئي جي انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ ناڪاميءَ جو ٻج موجود هجي. ڇو ته ڪاميابيءَ جي نشي ۾ مست آزاد خيال دانشور انسانذات کي لافانيت طرف ڌڪيندا ٿا وڃن. عام گراهڪن ۽ ووٽرن جي آشيرواد تحت تاتيل موجوده سائنسدان ۽ انجنيئر لافانيت جهڙن منصوبن تي وڌ کان وڌ وسيلا ۽ پئسو خرچ ڪري رهيا آهن؛ ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي سائنسدان ۽ انجنيئر جيڪو ڪجهه دريافت يا ايجاد ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اهو ڪٿي انهن جي آزاد خياليءَ جي نظرياتي دنيا جا بنياد ئي نه لوڏي ڇڏي ۽ گراهڪن ۽ ووٽرن جي بصيرت کان خالي هجڻ يا سندن انڌو هجڻ کي ئي وائکو نه ڪري ڇڏي! ڇو ته جڏهن جينياتي انجنيئرنگ ۽ هٿرادو ذهانت پنهنجي جوڀن تي پهچندا، تڏهن آزاد خيالي جون سوچون، جمهوريتون ۽ آزاد مارڪيٽون به ايئن ختم ۽ غائب ٿي سگهن ٿيون، جيئن جديد ڪمپيوٽر دور ۾ پراڻي دور جا کُلندڙ ۽ بند ٿيندڙ چاقو، ٽيپ رڪارڊر، ڪيسيٽون، اسلام ۽ اشتراڪيت غائب ٿي چڪا آهن.
هي ڪتاب دور انديشيءَ جي هن تمهيد سان شروع ٿيو ته ايڪيهين صديءَ ۾ انسان لافانيت (لافاني هجڻ جو هتي مطلب اهو آهي ته اعليٰ يا سُپر انسان طبعي موت نه مرندو، پر حادثاتي طور يعني گوليءَ لڳڻ يا روڊ حادثي ۾ مناسب طبي امداد ملڻ کان اڳ گهڻو رت وهِي وڃڻ يا دماغي نقصان سبب مرِي سگهندو)، ديرپا سُرور ۽ آفاقيت جهڙين صفتن جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڪندو. هي پيش گوئِي به سئو سيڪڙو حقيقت پسندي يا دُور انديشي تي ٻڌل نه آهي، پر اها فقط آزاد خيال انسانيت پسندي(Humanism) جي نظرئي جي روايتِي آدرشن جِي اعليٰ ترين شڪل آهي. جيئن ته انسانيت پسنديءَ جو نظريو انسانن جي زندگي، جذبن ۽ خواهشن کي مقدس ڄاڻي ٿو، ان ڪري اها ڳالهه حيرت ۾ وجھندڙ هوندي يا ايئن کڻي چئجي ته اِهو مشڪل ئي هوندو ته انسانيت پسند تهذيب سان سلهاڙيل ڌريون ان ڳالهه جي اجازت ڏئي سگهنديون ته انساني زندگي جي عرصي ۽ انساني خوشيءَ ۽ طاقت جي پيماني کي بي حساب وڌائي ڇڏجي.
ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري حصي ۾ هن تي بحث ٿيل آهي ته انسانيت پسنديءَ جا حامي نئين ٽيڪنالاجي(Post-Humanist Technology) جي متعارف ڪرائڻ سان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندا ۽ پنهنجي ئي نظرياتي بنيادن کي ڪمزور ڪندا. انسانيت پسنديءَ تحت اسان جي جذبن تي اسان جي اعتقاد، اسان کي ان قابل بڻايو آهي ته اڄ اسان جديديت جا سمورا فائدا انهن جي قيمت ادا ڪرڻ کانسواءِ حاصل ڪري سگهيا آهيون. هاڻي اسان کي پنهنجي زندگين ۽ عملن کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ آسمان ۾ ويٺل ڪنهن ديوِي يا خدا جِي ضرورت نه آهي، ڇو ته عام گراهڪن ۽ ووٽرن جِي ذاتي خواهش ۽ خوشي اسان کي سڀ گهربل شيون ۽ معنيٰ مهيا ڪري آهي، پر پوءِ ان وقت ڇا ٿيندو، جڏهن اسان کي اها خبر پوندي ته عام گراهڪن ۽ ووٽرن وٽ پنهنجون ڪي آزاد سوچون، چونڊون ۽ خواهشون ئي نه رهنديون؟ ان وقت ڇا ٿيندو، جڏهن جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ هٿرادو ذهانت جي جديد طريقن ۽ ايجادن وسيلي انسانن جي سوچن، جذبن ۽ خواهشن تي ضابطو رکيو ويندو ۽ عام ماڻهن جي وڏي ٽولي کي طاقتور ۽ لافاني سُپر-انسانن جي ننڍڙي ٽولي طرفان پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويندو؟ ان وقت ڇا ٿيندو، جڏهن گهربل انساني مشاهدو ۽ تجربو پڻ هٿرادو طرح پيدا ڪري سگهبو ۽ اهو سُپر مارڪيٽ ۾ ٻين وَکرن سان گڏ وڪري لاءِ موجود هوندو؟
Harari, Y. N. (2016). Electricity, Genetics and Radical Islam(the last part of Chapter 07: The Humanist Revolution). In Homo Deus: A Brief History of Tomorrow. Vintage, Penguin Random House: London, pp. 312-323
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو