مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صوفين جي سر زمين تي وڌندڙ وحشت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هيءَ اها سنڌ آهي، جتي مٽيءَ جي ذرڙي ذرڙي مان محبت جي خوشبو ايندي هئي، جتي صوفين انسان کي انسان سان محبت ڪرڻ، برداشت ڪرڻ، معاف ڪرڻ ۽ امن سان رهڻ جو درس ڏنو. هيءَ اها ڌرتي آهي، جنهن جي هنج ۾ وڏا عالم، اڪابر، صوفي، درويش، ڏاها ۽ بزرگ آرامي آهن؛ پر اڄ ساڳي ڌرتي سوال ڪري رهي آهي: آخر منهنجي اولاد جي هٿن ۾ محبت بدران نفرت جا هٿيار ڇو اچي ويا آهن؟
سنڌ جي تاريخ رڳو بادشاهن، جنگين ۽ حڪمرانن جي تاريخ ناهي، پر هي محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جي تاريخ پڻ آهي. هن ڌرتيءَ تي اهڙا بزرگ پيدا ٿيا، جن انسانيت کي مذهب، ذات، رنگ ۽ نسل کان مٿانهون سمجهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز ۽ سنڌ جي ٻين صوفين پنهنجي شاعري ۽ فڪر ذريعي انسان کي محبت جو پيغام ڏنو، پر اڄ اسان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بيٺا هڪ اهڙو منظر ڏسي رهيا آهيون، جيڪو دل کي ڏکوئي ٿو. ڪيترن ئي علائقن ۾ قتل، جهيڙا، دشمني، اغوا، زيادتيون، ظلم ۽ عدم برداشت جون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. انسان پنهنجي ئي انسان جي جان جو دشمن بڻجي رهيو آهي. ڪٿي ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي رهيو آهي، ڪٿي پٽ پيءُ جي جان جو دشمن بڻجي ٿو، ڪٿي اولاد ماءُ پيءُ جي عزت وساري ويهي ٿي ته ڪٿي معمولي ڳالهه وڏو تڪرار بڻجي وڃي ٿي. سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته معصوم ٻار ۽ نياڻيون به سماج جي وڌندڙ بيحسي کان محفوظ ناهن. جڏهن ڪنهن معصوم ٻار سان ظلم جي خبر سامهون اچي ٿي ته رڳو هڪ خاندان نه، پر سڄي سماج جو ضمير زخمي ٿئي ٿو. ٻار اسان جو مستقبل آهن؛ جيڪڏهن انهن کي محفوظ ماحول نه ڏينداسين ته اسان مستقبل کي ڪيئن محفوظ بڻائينداسين؟
اسان کي اهو به سوچڻو پوندو ته آخر عدم برداشت ايتري ڇو وڌي وئي آهي؟ اختلاف راءِ کي دشمني سمجهڻ، معمولي ڳالهه تي ڪاوڙ ڪرڻ، هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ واري سوچ ڪٿان پيدا ٿي رهي آهي؟
سماج ۾ برداشت ختم ٿيڻ جو هڪ وڏو نقصان اهو آهي ته ماڻهو ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ بدران طاقت، ڌمڪي ۽ تشدد کي رستو سمجهڻ لڳن ٿا. جڏهن گفتگو جا دروازا بند ٿين ٿا ته تڪرار وڌن ٿا ۽ جڏهن قانون تي اعتماد ڪمزور ٿئي ٿو ته ماڻهو پنهنجي هٿن سان فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هتي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. پوليس عوام جي محافظ آهي ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ، قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ مظلوم جي مدد ڪرڻ ان جي بنيادي ذميواري آهي. جيڪڏهن ڪنهن شهري کي پوليس جي زيادتي، غير مناسب رويي يا ناانصافي جي شڪايت هجي ته ان جي شفاف جاچ ۽ قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته پوليس اهلڪارن کي پنهنجون ذميواريون ايمانداري، صبر ۽ قانون جي دائري اندر رهي ڪري انجام ڏيڻ لاءِ مناسب تربيت ۽ وسيلا فراهم ڪيا وڃن.
پر سوال اهو به آهي ته غريب عوام ڪيڏانهن وڃي؟:
هڪ غريب ماڻهو جڏهن ڪنهن ظلم جو شڪار ٿئي ٿو ته ان وٽ وڏن ماڻهن جهڙا وسيلا، اثر رسوخ يا طاقت نه هوندي آهي. هن جو سڀ کان وڏو سهارو قانون ۽ انصاف جو ادارو هوندو آهي. تنهنڪري رياست جي ذميواري آهي ته امير ۽ غريب، طاقتور ۽ ڪمزور، سڀني لاءِ قانون جي حفاظت برابر هجي.
اسان کي پنهنجي سماج ۾ تعليم، تربيت ۽ اخلاقي قدرن کي ٻيهر مضبوط ڪرڻو پوندو. اسڪول صرف ڪتاب پڙهائڻ جا هنڌ نه آهن؛ اهي ٻارن جي ڪردار سازي جا مرڪز به آهن. گهر صرف رهڻ جي جاءِ ناهي؛ گهر ٻار جي پهرين درسگاهه آهي. والدين، استاد، عالم، صحافي، سماجي اڳواڻ ۽ هر باشعور شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ميڊيا جو ڪردار پڻ اهم آهي. اسان کي اهڙي صحافت جي ضرورت آهي، جيڪا ظلم کي اجاڳر ڪري، مظلوم جو آواز بڻجي، پر نفرت کي وڌائڻ بدران مسئلن جو حل به ٻڌائي. سماجي ميڊيا تي به اسان سڀني کي ذميواري سان رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڪنهن افواهه کي بنا تصديق جي اڳتي وڌائڻ يا ڪنهن شخص خلاف نفرت پيدا ڪرڻ سماج کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿو. سنڌ جي صوفي روايت اسان کي ٻڌائي ٿي ته نفرت جو جواب نفرت سان ڏيڻ سان سماج سڌري نٿو سگهي. ظلم خلاف آواز ضرور بلند ڪرڻو آهي، پر انصاف ۽ قانون جي دائري اندر. اختلاف ضرور رکڻو آهي، پر انسانيت ناهي وسارڻي. پنهنجي حق لاءِ ضرور ڳالهائڻو آهي، پر ڪنهن ٻئي جي حق تي ڌاڙو ناهي هڻڻو. اسان کي پنهنجن ٻارن کي اهو سيکارڻو پوندو ته طاقت ڪنهن کي دٻائڻ جو نالو ناهي، اصل طاقت پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو رکڻ جو نالو آهي. عزت ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ سان نه، پر ٻين کي عزت ڏيڻ سان وڌندي آهي. بهادري ڪنهن کي نقصان پهچائڻ ۾ ناهي؛ بهادري پنهنجي غصي کي قابو ڪرڻ ۽ ڪمزور جي مدد ڪرڻ ۾ آهي. سنڌ جي مٽي اڄ به اهائي آهي، جنهن مان محبت جا پيغام بلند ٿيا هئا. مسئلو مٽيءَ ۾ ناهي، مسئلو اسان جي سوچ، روين ۽ سماجي نظام ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين ۾ آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ته سنڌ ٻيهر امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي سڃاڻپ بڻجي سگهي ٿي، پر ان لاءِ هر ماڻهو کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اچو ته پنهنجي سنڌ کي نفرت، انتقام ۽ تشدد جي باهه مان ڪڍي ٻيهر محبت، امن ۽ انسانيت جي راهه تي آڻيون. اچو ته فيصلو ڪريون ته اختلاف هوندو، پر دشمني نه ڪاوڙ هوندي، تشدد نه؛ شڪايت هوندي، قانون هٿ ۾ نه کڻنداسين، فيصلا ڪنهن اهڙي منصف کان ڪرائينداسين، جنهن جو ڪردار صاف هجي. ڇو ته سنڌ کي وڌيڪ رت نه، امن گهرجي؛ سنڌ کي وڌيڪ نفرت نه، محبت گهرجي؛ سنڌ کي وڌيڪ خاموش تماشائي نه، پر ظلم خلاف بيهندڙ باشعور انسان گهرجن. جيستائين اسان هڪٻئي جي جان، عزت، حق ۽ آزاديءَ جو احترام نٿا ڪريون، تيستائين صوفين جي ڌرتيءَ کي امن جي ڌرتي بڻائڻ جو خواب اڌورو رهندو. اچو ته تبديلي ڪنهن ٻئي کان نه، پنهنجي پاڻ کان شروع ڪريون. ڇو ته هڪ انسان جو سٺو عمل به پوري سماج ۾ روشني پيدا ڪري سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو