ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو جي پي ايڇ ڊي لطيفي مقالي جو اڀياس
Dr Parveen Moosa Memon محقق، نقاد، لطيف شناس، ٻالڪ ادب لکندڙ، ڪهاڻيڪارا، مترجم
پي.ايڇ.ڊي (سنڌي)، رٽائرڊ پروفيسر، 39 ڪتابن جي ليکڪه، 23 ايوارڊ حاصل ڪندڙ، 6 اڪيڊمڪ ڪتاب ۽ ڪامپيٽيٽو ايگزامس لاءِ لکيل ڪتابن جي مصنفه.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون“ ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو جو پي ايڇ ڊي جو مقالو ڊسمبر 2006ع ۾ سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر شايع ڪرايو، هن تحقيق جو نگران پهريون ڊاڪٽر اياز حسين قادري هو، سندس وفات بعد اهو ڪم ڊاڪٽر فهميده جي نگرانيءَ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو. هيءَ تحقيق طويل تقريبن 1200 صفحن تي محيط هئي، ان کي ڇپائڻ مهل ضرورت مطابق مختصر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده اداري پاران ۾ لکيو آهي ته “انيس فاطمه جيئن ته ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد آهي ۽ سندس مکيه مضمون پڻ “تعليم” آهي، ان ڪري هن گهڻو ڪري ان حوالي کي سامهون رکيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن شاهه جي ڪلام ۾ پڻ اهو ئي پهلو جاچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪوشش هڪ رخي آهي، يعني هوءَ مذهبي تعليم واري پهلوءَ کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿي ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ علم جي ٻين رخن تي ايترو زور نٿي ڏئي ته به سندس تحقيق ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن، ان ڪري اها پنهنجي دائري ۾ اهميت رکي ٿي.” (ص 10)
مقالي جي فهرست هن ريت آهي، باب پهريون، سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان ڪلهوڙن جي دور تائين، مذهبي ۽ علمي حالتون. باب ٻيو، ڪلهوڙن جو دور، باب ٽيون، سنڌ ۾ صوفي، مذهبي ۽ ٻيون اهم تحريڪون، باب چوٿون، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جون علمي حالتون، باب پنجون، ڪلهوڙن جي دور ۾ اسلامي علمن جي اشاعت ۽ نشونما، باب ڇهون، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، باب ستون، شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ ڏنل تعليم ۽ ببليو گرافي آهن.
چند حوالا پيش ڪجن ٿا: “تعليم جي ميدان ۾ جتي مڪتبن ۽ مدرسن اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي روحاني ۽ اخلاقي تربيت ۾ خانقاهون ۽ روحاني تربيت جا ٻيا مرڪز پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ٻارن کي علم جي زيور سان سينگاريو ويو ۽ صوفين سڳورن پنهنجي مخصوص تربيت وسيلي ماڻهن جي روحاني تربيت ڪري معاشري جي اصلاح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اها حقيقت سج جيان روشن آهي ته صوفين سڳورن رنگ، نسل، زبان، قوم، خطي ۽ علائقي جي فرق کان پاڻ کي مٿانهون رکندي ماڻهن جي مزاج ۽ نفسيات کي سمجهندي، فقط خدا جي خوشنودي ۽ انسانيت جي خدمت خاطر علم ۽ مذهب جي ميدان ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيئي تصوف جي روشني ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي.” (ص 18)
محققا موجب ته سنڌ ۾ اسلامي مذهبي تعليم جو آغاز پهرين صدي هجريءَ کان ٿي چڪو هو، معمور يوسفاڻيءَ جي حوالي سان لکي ٿي ته، “پاڻ سڳورن اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ پنجن اصحابين جو وفد هن ملڪ ڏانهن موڪليو هو، جيڪي گهڻو ڪري هن ئي خطي ۾ اچي رهيا هئا. اهڙيءَ طرح هن خطي ۾ اسلامي تعليم جي شروعات سنڌ جي فتح کان گهڻو پهرين ٿي چڪي هئي. 712ع کان اڳ اسلامي تعليم ۽ ڪلچر جي ڄاڻ هئي.” (ص 65)
“سنڌ فتح ٿيڻ کانپوءِ اسلامي علوم ۽ فنون جي ڄاڻ وڌي سنڌ ۾ عربي ٻوليءَ تي مهارت حاصل ڪندڙ ڪيترائي عالم هئا، جن مدرسن ۽ مڪتبن معرفت مذهبي تعليم کي عروج ڏنو. مطلب ته قديم دور کان وٺي سنڌ جا رهواسي مذهبي عقيدا رکندڙ هئا ۽ عبادت جي طور طريقن کان واقف هئا، علمي اعتبار کان گهڻا قابل ۽ عقل ۽ فهم رکندڙ هئا. هتي جي نصاب ۾ مذهبي مضمونن کانسواءِ ٻيا ڪيترائي ديني مضمون شامل هئا.” (ص 160)
جيئن ته ڪلهوڙن جو دور ۾ ديني عالمن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي هئي، سنڌ جي مذهبي تعليم ۽ اشاعت جو عروج هو، مولودن ۽ مداحن وسيلي دين جي تبليغ ۽ نصيحت ڪئي وئي، فوجداري ۽ ديواني دعوائون قاضي فيصلو ڪندا هئا جو اهي شريعت ۽ فقهي کان واقف هئا.
ڏٺو وڃي ته رب پاڪ ۾ پورو يقين ۽ پياري نبيءَ سان دِلي محبت ۽ عقيدت لطيف سرڪار جي دور جو دستور هو، لطيف جي لفظن ۾ “سڀئي سبحان جي ڪر، حوالي ڪم”، “سمنڊ جي سيوين ماڻڪ تني ميڙيا”، “سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه مِلي” “هٿن سِين هاج ڪر”، “نيڻن سين نهار”، “لاچن ۾ لطيف چئي ٻيڙا ٻڌائون نذر نبيءَ ڄام جو چڙهندي چيائون”، “تن مڃيو محمد ڪارڻي قلب ساڻ لسان”، “اوءِ فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪنهن نه اولئا.”
شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه رڳو صوفي شاعر ۽ مفڪر هو پر اهِل دل ۽ ولي الله به هو، هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي جيڪو آفاقي پيغام ڏنو، اهو توحيد ۽ رسالت جي تعليم جو پيغام آهي هونئن ته شاهه صاحب جو سمورو ڪلام معرفت الاهي ۽ حقيقت جي رازن سان ڀريل آهي ۽ سندس رسالي جو پهريون سر ڪلياڻ توحيد جي عقيدي ۽ رب پاڪ جي واکاڻ جي بهترين اپٽار ڪري ٿو.
تو چَئو اَلله هيڪڙو، ٻي وارج مَ وائي،
سلج تون سائي، جيڪا مُڪي سڄڻين.
(سر ڪلياڻ، داستان پهريون، بيت 17) (ص، 524)
رسالي ۾ آيل وحدانيت جي تعليم بعد ڊاڪٽر صاحبه رسالت بابت تعليم جي عنوان ۾ شاهه جي ڪلام مان بيتن جو اهو چونڊو ترتيب وار آندو آهي جنهن ۾ پياري نبيءَ صه جي شان ۽ مان ۾ بيت چيل آهن. گڏ لاڳاپيل موضوع تي قرآني آيتون ۽ حديثون پڻ پيش ڪري موضوع جي چٽائي ڪئي آهي. نبيءَ مبارڪ جي دنيا ۾ اچڻ جي مقصديت، رب پاڪ جي ساڻن محبت کي بيان ڪندي اهو مقام کولي بيان ڪيو آهي. زبان ۽ دل سان رب جي ربوبيت جي اقرار جو پهريون شرط پياري نبيءَ سڳوري تي يقين جو اقرار دل سان ڪرڻو آهي. قرآن پاڪ جي تفسير جا مثال رسالي ۾ موجود آهن، تفسير معني وضاحت/چٽائي ڪرڻ/اهڙا ڪتاب جن ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جي معنيٰ ۽ انهن جو مطلب کولي بيان ڪيو ويو هجي، حديثن جي علم جي حوالي سان محققا ڪيترائي بيت هن موضوع جي باري ۾ ڏنا آهن جن ۾ شاهه لطيف رسول پاڪ جي حديثن کي ڪتب آڻي انهيءَ مطابق بيتن ۾ حديث جو علم رسالي معرفت آندو آهي. مثال سر آبري، سري راڳ، آسا، سهڻي، مارئي، رامڪلي، بلاول ۽ معذوري، مان آهن، انيڪ عربي ٻوليءَ جا قول جي ماڻهوءَ جي ذهني فڪر ۽ روحاني صداقت لاءِ بيتن معرفت پلٽايا آهن. اسلامي قدرن بابت مڪمل معلومات رسالي ۾ سهڻائيءَ سان موجزن آهي، جنهن ۾ اخلاقيات جي تعليم هنڌ هنڌ تي ڏسڻ ۾ ايندي.
هن تحقيق جي مقصديت اها آهي ته شاهه لطيف هڪ اعليٰ پايي جو شاعر، عالم ۽ مذهبي رهنما هو جنهن پنهنجي ڪلام وسيلي ڌارين جي ڦرلٽ واري دور ۾ ماڻهن کي مايوسيءَ مان ڪڍڻ لاءِ مذهبي سياست کان پليندي ڇوٽڪاري جو ڏس شاعريءَ وسيلي ڏنو، ڪيترن ئي ظاهري مذهبي رواداري رکندڙن ۽ اندر ۾ دوئي رکندڙن کان پاسو ڪرڻ جو سڏ ڏنو، جيڪو ڪم هن قرآن پاڪ، تفسير ۽ حديثن جي معلومات سان پڙهڻ وارن ڏي شاعريءَ معرفت منتقل ڪيو ڀائپي ۽ اخلاقيات کي نصيحتي نموني سان پيش ڪيو.
هن تحقيق جي هر باب ۾ حوالا موجود آهن. آخر ۾ طويل ببليوگرافي آهي، رسالن مان چونڊيل بيتن جا سُر ۽ داستان ڄاڻايل آهن موضوع مطابق لطيفي تحقيق ڪارائتي چئبي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟