سنڌي ڪھاڻيءَ جو بي باڪ ۽ باغي آواز
Shabnam Gul
ڪالم نگار
امر جليل سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهو بي باڪ ۽ باغي آواز آهي، جنهن وجودي بحران، رياستي ڏاڍ ۽ سماجي منافقت خلاف پنهنجي ڪهاڻيءَ کي هڪ تکو فڪري هٿيار بڻايو. سندس اڏول لکڻين ۾ پڙهندڙ کي رڳو واقعاتي بيان نٿو ملي، بلڪه ڪافڪائي ويڳاڻپ، علامتي سياهه طنز(Black Humor) ۽ بي باڪ مڪالمن ذريعي هو قومي ضمير جي مئل احساسن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي سڃاڻپ ۽ حق لاءِ ڌونڌاڙي بيهاري ٿو.
سنڌي افساني کي خوابن، رومانوي بيخودي ۽ فرضي دردن مان ٻاهر ڪڍي سڌو سنئون رياستي جبر ۽ ديس جي وجودي سوالن سامهون بيهارڻ وارو سڀ کان بي باڪ قلم امر جليل جو ئي رهيو آهي. سندس لکڻين ۾ پڙهندڙ کي رڳو ڪا وندر يا سٺو بيانيو نٿو ملي، پر هتي اڻکٽ سياهه طنز(Black Humor) هيٺان دٻيل سنڌ جو قومي درد ۽ اندروني ٽوڙ ڦوڙ تمام گهري شدت سان محسوس ٿئي ٿي. هو طنز جو هڪ خنجر هٿ ۾ کڻي سماجي منافقت ۽ حاڪم طبقن جي چهرن تان نقاب لاهڻ ڄاڻي ٿو.
فني لحاظ کان کيس، پرکجي ته امر جليل روايتي ڊگها واقعاتي پلندا ٻڌڻ بدران منظر نگاريءَ سان پڙهندڙ کي ڌونڌاڙي ڇڏيندو آهي.
“سرد لاش جو سفر”: هي فقط ڪنهن بي جان مڙهه جو احوال ناهي، پر ڪافڪائي انداز ۽ جادوئي حقيقت پسنديءَ جي ميلاپ مان ٺهيل اها سخت تمثيل آهي، جتي ضمير وڪڻندڙ، بي حس ۽ غلام قوم پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ تائين جي حق لاءِ سڪي ٿي.
“ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي موت”: هتي ليکڪ ڪنهن مووي ڪئميرا وانگر ٽيڪنيڪ(Camera-eye) ڪتب آڻي ٿو. هڪ پاسي اسلام آباد جي، پر سڪون، روشن شاهراهن ۽ آئيني ايوانن جو دٻدٻو آهي ته ٻئي پاسي رت ۾ ٻڏل بي وس مظلوم. لفظن جي نعرن بدران منظرن جو اهو تضاد پاڻ ئي هڪ خاموش دانهن بڻجي وڃي ٿو.
“شيطان جو سنگسار” ۽ “غفا”: امر جليل مذهبي ڏيکاءُ ۽ اندروني منافقت کي کولي رکڻ لاءِ خود ڪلامي(Interior Monologue) جو ڏانءُ اختيار ڪيو. حج جي ميدان تي لڳندڙ هر پٿر انسان جي ٻاهرئين رسم ۽ سندس اندر ۾ ڦرندڙ درندگيءَ واري ڍونگ جو چٽو حساب وٺي ٿو.
“ڳيري جو موت”: انتهائي باريڪ بينيءَ (Micro-detailing) ذريعي پکيءَ جي معصوم ڦٿڪڻ کي سڄي سنڌي قوم يا ڪنهن به لاچار انسان جي وجودي بي وسيءَ جو علامتي استعارو بڻايو ويو آهي.
امر جليل جو سڀ کان وڏو ۽ ڪارگر هٿيار طنز آهي. هو ڏکين سياسي حالتن، آمريت جي دورن ۽ مذهبي يا سماجي منافقت تي سڌيءَ ريت نعريبازي ڪرڻ بدران اهڙي ريت کلندي کلندي ڳالهه چئي ويندو آهي، جو کل جي پردي پٺيان لڪل تلخ حقيقت ۽ گهرو درد پڙهندڙ جي دل ۾ چڀي ويندو آهي.
سندس ڪهاڻيون ڪنهن سڌي پٽڙيءَ تي هلندڙ واقعن جو نالو ناهن، جتي رڳو اڳ، وچ ۽ پڄاڻي هجي. ڪردار اوچتو حال مان نڪري ماضيءَ ۾ هليا ويندا آهن. ذهن ۾ اُٿندڙ خيالن، سوچن، وسوسن ۽ يادن جو بي ترتيب وهڪرو ئي ڪهاڻيءَ جي اصل بناوٽ ٺاهيندو آهي.
ڪهاڻي هلندي هو ڪيترن ئي هنڌن تي افسانوي فضا کي هڪ پاسي رکي، سڌو سنئون پڙهندڙ سان ڳالهائڻ لڳندو آهي. اهو بي ساخته انداز ائين لڳندو آهي ڄڻ ليکڪ سامهون ويهي ڪو راز ونڊي رهيو هجي، جنهن سان پڙهندڙ رڳو تماشائي نه، پر ڪهاڻيءَ جو ساٿي بڻجي ويندو آهي.
سياسي ۽ رياستي پابندين جي زماني ۾ هو حقيقت پسنديءَ کي علامتن ۽ تجريد جي پوشاڪ پارائي ٿو. هن جا ڪيترائي منظر ۽ ڪردار پنهنجي ذات ۾ رڳو ماڻهو نه، پر ظلم، بي وسي، خوف يا مزاحمت جا استعارا بڻجي سامهون اچن ٿا.
امر جليل ڪهاڻيءَ کي روايتي انجام تائين ناهي پهچائيندو. پڄاڻي اڪثر اهڙي غير متوقع، تيز ۽ سٽ ڏيندڙ حقيقت تي ٿيندي آهي، جتي ڪهاڻي ته کٽي ويندي آهي، پر پڙهندڙ جي من اندر سوالن، بي چيني ۽ سوچ جا اڻ کٽ سلسلا شروع ٿي ويندا آهن.
امر جليل جي تحريرن ڪڏهن به پراڻي هجڻ جو احساس ناهي ڏياريو. ڇاڪاڻ ته سندس فڪر انساني ضمير جي آزادي، منافقت خلاف بغاوت ۽ رياستي توڙي سماجي ناانصافين جي چئلينج تي ٻڌل آهي. هو هر نئين نسل يا نوجوان وٽ ان ڪري هميشه مقبول رهندو پيو اچي، جو نوجوانن جو رت روايتي بندشن، ڪوڙين ريتن ۽ جبر کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي هوندو ۽ کين پنهنجي ان اندروني اڻتڻ، بي چيني ۽ باغياڻي سوچ جو سڀ کان گھرو عڪس امر جليل جي تکي طنز، بي باڪ لھجي ۽ رومانوي، پر تلخ حقيقت نگاريءَ ۾ نظر ايندو آهي. سندس چڀندڙ جملا ۽ غير روايتي انداز نئين نسل کي محض ڪهاڻي نٿا ٻڌائين، پر سندن اندر خودداري، فڪري سوچ ۽ سوال اُٿارڻ جو حوصلو جاڳائين ٿا، جنهن سبب هو وقت جي هر وڇوٽيءَ کي اورانگهي، اڄ به نون پڙهندڙن جي دلين ۽ ذهنن تي ائين ئي راڄ ڪري ٿو جيئن ڪالهه ڪندو هو.
امر جليل تي جڏهن به سنڌي سماج سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ ڏاڍ جو بار وڌيو ته ڪڏهن ڪڏهن سندس فن سڌي احتجاج ۽ بياني نعري(Direct Polemic) ۾ ضرور بدلجي ويو، پر ان جي باوجود سندس بي باڪ مڪالما ۽ قومي دردن جي گهري سڃاڻپ کيس سنڌي ادب ۾ اھڙو سگهارو آواز بڻائي ٿي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟