سنڌ جي شهرن ۾ آباديءَ جو دٻاءُ، صنعتي گدلاڻ ۽ شهري منصوبابنديءَ جي کوٽ
Muhi uddin Jokhio
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار
شهر ڪنهن به سماج جي معاشي، سماجي ۽ تهذيبي ترقيءَ جا عڪس هوندا آهن، پر جڏهن شهرن ۾ آباديءَ جو دٻاءُ وڌي وڃي، گهٽيون ڪچري سان ڀرجي وڃن، نيڪال جو نظام ناڪاره بڻجي وڃي ۽ انساني آباديءَ جي وچ ۾ قائم ڪارخانن مان دونهون ۽ زهريلو مادو خارج ٿيڻ لڳي، تڏهن ترقيءَ جا دعوٰي سوالن جي گهيري ۾ اچي وڃن ٿا. اڄ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي آباديءَ جي واڌ، صفائيءَ جي ناقص انتظامن، صنعتي گدلاڻ ۽ غير منظم شهري منصوبابنديءَ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
ڪراچيءَ کان حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن تائين آباديءَ ۾ واڌ سبب رهائش، پاڻي، صحت، تعليم ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن تي دٻاءُ وڌيو آهي. ڳوٺن ۾ روزگار جا محدود موقعا، زرعي معيشت جون مشڪلاتون ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ ماڻهن کي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا، پر آباديءَ جي واڌ سان گڏ شهري سهولتن ۾ مناسب واڌ نه ٿيڻ سبب ڪيترائي علائقا ڳُتيل آبادين، ٽريفڪ، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ گندي پاڻيءَ جي مسئلن ۾ ڦاسي پون ٿا. اصل سوال آباديءَ جو وڌڻ به آهي، پر ان کان وڌيڪ ان جي ضرورتن مطابق منصوبابندي نه ٿيڻ آهي.
شهرن جي گهٽين، بازارن ۽ رهائشي علائقن ۾ ڪچري جا ڍير، کليل ناليون ۽ بيٺل ڪنو پاڻي انتظامي ڪمزورين کي ظاهر ڪن ٿا. ڪچري مان پيدا ٿيندڙ ڌپ، مڇرن جي واڌ ۽ ڪني ماحول سبب شهرين جي صحت متاثر ٿيڻ جا خطرا وڌن ٿا. ميونسپل ڪميٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته صفائيءَ جو مستقل نظام قائم ڪن، ڪچري کي مناسب نموني ٺڪاڻي لڳائين ۽ نيڪال جي نظام کي فعال رکن. ساڳئي وقت شهرين کي به گهرجي ته ڪچرو نالين ۽ روڊن تي اڇلائڻ کان پاسو ڪن. تنهن هوندي به عوامي شعور جي کوٽ کي ادارن جي ناڪاميءَ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي.
هن سڄي بحران جو هڪ اهم ۽ اڪثر نظرانداز ٿيندڙ پاسو صنعتي گدلاڻ آهي. ڪيترن ئي شهرن جي ڀرپاسي صنعتي سرگرمين، ڪارخانن ۽ صنعتي زونن جي موجودگيءَ سبب ماحول تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. جڏهن صنعتي يونٽ رهائشي علائقن جي ويجهو قائم ٿين ٿا ۽ انهن مان نڪرندڙ دونهين، ڪيميائي مادن ۽ گندي پاڻيءَ جي مناسب صفائيءَ جو انتظام ايس او پيز مطابق نٿو ڪيو وڃي، تڏهن ماحولياتي ۽ انساني صحت جا سنگين خدشا پيدا ٿين ٿا. هوا ۾ نقصانڪار زهريلا ذرڙا ۽ گئسون، پاڻيءَ ۾ صنعتي گدلاڻ ۽ زمين تي ڪيميائي مادا ماحولياتي نظام کي نقصان پهچائين ٿا.
سوال اهو آهي ته ڇا صنعتي ترقيءَ جي نالي ۾ شهرين جي صاف هوا، صاف پاڻي ۽ صحتمند ماحول جي حقن کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ صنعتون روزگار ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهن، پر انهن جي قيام ۽ آپريشن ۾ ماحولياتي قانونن جي پابندي به اوتري ئي ضروري آهي. صنعتي ترقيءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪارخانن جو گند، واهن يا ٻين آبي ذخيرن ۾ ڇوڙيو وڃي، يا دونهين سبب ڀرپاسي جي رهواسين کي صحت جا خطرا برداشت ڪرڻا پون. لاڳاپيل ادارن کي صنعتي يونٽن جي باقاعدي جاچ ڪرڻ گهرجي. قانونن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. شهري منصوبابنديءَ جي کوٽ به انهن مسئلن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. جڏهن رهائشي آباديون، صنعتي يونٽ، بازارون ۽ ٽرانسپورٽ جا مرڪز ڪنهن جامع ماسٽر پلان کان سواءِ وڌن ويجهن ٿا، تڏهن شهرن جو ماحولياتي ۽ سماجي توازن متاثر ٿئي ٿو. صنعتي ۽ رهائشي علائقن جي مناسب ورهاست، ماحولياتي اثرن جو جائزو، حفاظتي ضابطا ۽ نيڪال جو انتظام ڪنهن به سنجيده شهري رٿابنديءَ جا بنيادي جزا آهن. ساڳئي وقت قدرتي نالن، پارڪن ۽ کليل زمينن تي قبضن کي روڪڻ ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ مناسب بندوبست ڪرڻ به ضروري آهي.
سنڌ جي شهرن کي بهتر بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومت، مڪاني ادارن، ماحولياتي تحفظ جي ادارن ۽ ترقياتي کاتن کي گڏيل ذميواري نڀائڻ گهرجي. شهرن لاءِ مستقبل جي آباديءَ کي نظر ۾ رکي ماسٽر پلان تيار ڪيا وڃن، صفائيءَ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي، صنعتي گدلاڻ جي باقاعدي نگراني ڪري ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي ۽ عوام کي ادارن جي ڪارڪردگيءَ بابت آگاهه رکيو وڃي. ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت، قانون تي بنا فرق عملدرآمد ۽ ماهرن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي.
سنڌ جي شهرن جو بحران رڳو گدلاڻ يا وڌندڙ آباديءَ جو مسئلو ناهي، پر اهو حڪمراني، ماحولياتي انصاف ۽ انساني زندگيءَ جي معيار سان لاڳاپيل آهي. شهرن جي ترقيءَ کي رڳو بلند عمارتن، نون روڊن ۽ صنعتي پيداوار سان ماپڻ بدران اهو ڏسڻ گهرجي ته عام ماڻهوءَ کي صاف هوا، پيئڻ جو محفوظ پاڻي، صاف گهٽيون ۽ صحتمند ماحول ڪيترو ميسر آهي. معاشي ترقي تڏهن ئي حقيقي ترقي چئبي، جڏهن ان جا فائدا ماڻهن تائين صحيح معنيٰ ۾ پهچن ۽ ان جي قيمت سندن صحت ۽ ماحول کي نقصان جي صورت ۾ ادا نه ڪرڻي پوي. سنڌ جي شهرن کي اهڙي منصوبابنديءَ جي ضرورت آهي، جيڪا ترقيءَ سان گڏ انسان، فطرت ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ کي به يقيني بڻائي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟