مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن
بلاگ

داستانِ گل (داستان سورهون)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان گهربل آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

”قصو ظفر حسن شاهه سان ملڻ جو“ مان اقتباس

اسان سڀني ويس ڌارين کي مُبلغ ”هڪ هڪ سئو رپيا“ انعام طور ڏنو، پر هن خاڪسار لاءِ ٻن سئو روپين جو اعلان ڪيائين. ڇاڪاڻ ته چيائين ته تو بحيثيت ڊائريڪٽر ۽ ائڪٽر ”ٻن روپن“ ۾ پاڻ ملهايو آهي. 1972ع جي اهڙي سستائيءَ واري وقت ۾ 200 روپيا اڄ جي ويهن هزارن برابر آهن. مون کي ياد آهي ته هڪ سئو روپين جي مون هڪ عدد اوني Woolen پَتلون ورتي هئي ۽ هڪ 100 ۾ ”ريڊرس ڊائجسٽ جي اِنسڪائلوپيڊڪ ڊڪشنري“ ڪراچيءَ مان پوسٽ ذريعي گهرائي هئم، جنهن جهڙي ٻي ڪا به ”ٽي جلدي ڊڪشنري“ اڃا تائين مون نه ڏٺي ۽ نه پڙهي آهي.