مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن
بلاگ

داستانِ گل (داستان ارڙهون)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان گهربل آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

”هڪ استاد واري زندگيءَ جي ابتدا“ مان اقتباس

پهرين انگريزيءَ ۾ سوال پڇيائين ته، ”ٻڌاءِ مئڪس بيئر بوم ڪير آهي؟“ ?Who is Max Beerbohm سوال ته واقعي غير معمولي ۽ ڏکيرڙو هو، پر منهنجو مطالعو جارج برنارڊشا George Bernard Shaw ۽ سندس سهيوڳين بابت چڱو هو، اِن ڪري هڪدم ٻڌايومانس ته، ”سائين هن جو پورو نالو سر هينري ميڪسملن مئڪس بيئربوم Max Beerbohm هو ۽ هُو آسڪروائيلڊ جو دوست ۽ همعصر نثرنگار هو ۽ پنهنجي بهترين مضمون نگاريءَ جي ڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ 24 ورهين جي ڄمار ۾ نانءُ پيدا ڪيو هئائين ۽ فقط هڪ ناول ”زليخا ڊابسن“ Zulikha Dobson لکيو هئائين. خاطر طرح سان هن جا ڪتابن تي تبصرا ”لنڊن ٽائيمز“ ۽ ”گارجيئن“ ۾ جڳ مشهور هئا ۽ هن کي ادبي دنيا ۾ وڏي پذيرائي مليل هئي“.