مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماٺيڻي ماڻهوءَ جي نوڪري جو مانائتو سفر: گلزار علي تنيو جي رٽائرمينٽ تي دوستاڻو تاثر

Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار

PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪي ماڻهو محفل ۾ پنهنجي ڳالهائڻ سان سڃاتا ويندا آهن، ڪي پنهنجي خاموش موجودگيءَ سان. پهرين قسم جا ماڻهو محفل کي آواز ڏيندا آهن، ٻئي قسم جا ماڻهو ان کي اهڙو سڪون ڏيندا آهن، جنهن جي اهميت سندن غير موجودگيءَ ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. اسان جو دوست گلزار علي تنيو انهن ماٺيڻن ماڻهن مان آهي، جيڪي ٿورو ڳالهائين ٿا، پر پنهنجي سادگي، شائستگي ۽ سڀاءَ سان دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺن ٿا. سندس رٽائرمينٽ جو موقعو مون لاءِ هڪ دوست جي ملازمت واري سفر تي نظر وجهڻ سان گڏ، انهن ورهين کي ياد ڪرڻ جو به موقعو آهي، جن ۾ اسان جي واقفيت آهستي آهستي پنهنجائپ ۾ بدلجي وئي.
رٽائرمينٽ زندگيءَ جي ڪتاب جو اهو موڙ آهي، جتي روزاني فرضن جو هڪ باب پورو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ جيئڻ جو نئون باب کلي ٿو. آفيس جا دروازا، ميز تي رکيل فائلون ۽ وقت جون پابنديون پوئتي رهجي وڃن ٿيون، پر سالن جي محنت، گڏ گذاريل گهڙيون ۽ انساني رشتا ماڻهوءَ سان گڏ هلندا رهن ٿا. هڪ استاد جي زندگيءَ ۾ هن موڙ جي معنيٰ اڃان وڌيڪ گهري آهي. هو اهڙن ذهنن سان ڪم ڪندو آهي، جيڪي اڳتي هلي الڳ الڳ واٽن تي نڪري ويندا آهن. انهن مان ڪيترن سان سندس ٻيهر ملاقات به نه ٿيندي آهي، پر پڙهائڻ جو اهو تعلق سندن زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ باقي رهندو آهي.
گلذار علي تنيو 15 آڪٽوبر 1967ع تي نصيرآباد ۾ عبدالخالق تنيو جي گهر جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1993ع ۾ انگريزيءَ ۾ ماسٽرز ڪيائين. ساڳئي سال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج، شاهه فيصل ڪالوني، ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اتان شروع ٿيل تدريسي سفر، ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو، گريڊ ويهين ۾ پهتو ۽ پرنسپال جي عهدي تائين ترقي حاصل ڪئي. 14 آڪٽوبر 2026ع تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، گلستانِ جوهر، ڪراچيءَ مان رٽائرمينٽ حاصل ڪري لڳ ڀڳ 33 ورهين جي ملازمت جو هڪ ڊگهو سفر پورو ڪيو. اهڙو سفر سرڪاري رڪارڊ ۾ مقرري، ترقي ۽ رٽائرمينٽ جي تاريخن سان لکيو ويندو آهي، پر انهن تاريخن جي وچ ۾ هڪ ماڻهوءَ جي عمر جا ڪيڏا نه گهڻا ڏينهن هوندا آهن: صبح جو ڪم تي پهچڻ، ڪلاس وٺڻ، ذميواريون نڀائڻ، ساٿين سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ بدلجندڙ حالتن سان پاڻ کي ٺهڪائڻ. انهن سڀني ڏينهن کي ڪنهن هڪ سروس بڪ ۾ پوريءَ طرح سمائي نٿو سگهجي. ڪنهن جي پيشاور زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ سندس عهدن سان گڏ، سندس شخصيت جي ان انساني پاسي کي به ڏسڻو پوي ٿو، جيڪو روزمره جي ورتاءَ ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
تنيو صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات، جيستائين ياد پوي ٿو، 2004ع يا 2005ع ڌاري منوهر شام ڪرائي هئي. منوهر شام ۽ تنيو صاحب هڪ ئي ڪاليج ۾ پروفيسر هئا ۽ اڳ ئي هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئا. ان وقت اها هڪ عام واقفيت هئي؛ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي اها ملاقات دوستيءَ جي اهڙي سلسلي جو حصو بڻبي، جنهن ۾ سالن جا سال، سالگراهن جون خوشيون ۽ راتين جون ڪچهريون گڏ ٿي وينديون. هاڻي پوئتي نهاريان ٿو ته ان پهرين ملاقات ۽ اڄ جي وچ ۾ رڳو وقت جو فاصلو نٿو ڏسان؛ ڪيترين ئي گڏ گذاريل گهڙين جي گرمجوشي به محسوس ڪريان ٿو. اسان جي دوستن جي هڪ ننڍڙي سنگت آهي، جنهن ۾ منوهر شام، تنيو صاحب، جاويد حاجاڻو، محمد بخش سومرو ۽ مان شامل آهيون. اڪثر مهيني ۾ هڪ ڀيرو مانيءَ جي بهاني گڏ ٿيندا آهيون. ماني به پاڻ پچائيندا آهيون. انهيءَ گڏجي رڌڻ، ويهڻ ۽ کائڻ ۾ جيڪا پنهنجائپ آهي، سا ڪنهن وڏي اهتمام جي محتاج ناهي. ويڪ اينڊ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۾ اڪثر گڏ ھوندا آھيون. اهڙين ملاقاتن ۾ روزاني مصروفيتن جي وچ ۾ رهجي ويل ڳالهيون به نڪري پونديون آهن ۽ دوستن جي خير خبر به ٿي ويندي آهي. هڪ ٻئي جون سالگراهون ملهائيندي اهو احساس به ٿيندو آهي ته عمر جا وڌندڙ سال، جڏهن دوستن سان گڏ ڳڻجن ٿا، تڏهن انهن ۾ هڪ الڳ مٺاس اچي وڃي ٿي.
اسان جي محفل جو پنهنجو رنگ آهي. منوھر شام ۽ جاويد حاجاڻو وڏا ڳالهائو ۽ ڀوڳائي آهن؛ سندس ڳالهين ۽ چرچن سان ڪچهريءَ ۾ جان اچي ويندي آهي. هو ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندا آهن ۽ محفل ۾ ٽهڪن جو سبب بڻجندا آھن. باقي منهنجون ۽ تنيو صاحب جون ڳالهيون ته تمام جلدي کٽي وينديون آهن! پوءِ اسان جي حصي ۾ ٻڌڻ، مرڪڻ ۽ ٻين جي ڳالهين جو مزو وٺڻ اچي ويندو آهي. دوستيءَ جو حسن به شايد اهوئي آهي ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي طبيعت مطابق جاءِ ملي ٿي. ڪنهن جو ڳالهائڻ وڻندو آهي، ڪنهن جو ٻڌڻ، ۽ ڪنهن جو رڳو گڏ ويٺل هجڻ ئي دل کي خوش ڪندو آهي. تنيو صاحب طبيعت ۾ خاموش ۽ ماٺيڻو آهي. سندس جواب سڌا ۽ چٽا هوندا آهن، جيڪو چوڻو هوندو اٿس، سو بنا گهڻي ڊيگهه جي چئي ڇڏيندو آهي. سندس اها مختصر گوئي دوستن لاءِ هاڻي هڪ سڃاتل انداز بڻجي وئي آهي. ان سان گڏ سندس شائستگي ۽ سٻاجهڙائيءَ جو پنهنجو مان آهي. هو انهن ماڻهن مان آهي، جن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ “جينٽل مين” بنا تڪلف چئي سگهجي ٿو. سندس ماٺ ۾ اوپرائپ ڪانهي؛ اها دوستن سان گڏ ويهڻ ۽ محفل جو حصو رهڻ جي هڪ سادي، مانائتي صورت آهي. اسان جي سنگت جي هڪ خاص روايت رمضان شريف جي آخري هفتي واري “سحري پارٽي” آهي. اها هڪ مانيءَ کان گهڻو وڌيڪ، سڄي رات جي ڪچهري هوندي آهي. رات ڳالهين، چرچن ۽ گڏ ويهڻ ۾ گذري ويندي آهي، پوءِ صبح جو سحري ٿيندي آهي ۽ روزيدار دوست روزو رکي گهر موٽندا آهن. انهن راتين ۾ وقت کي ڄڻ ڪا تڪڙ نه هوندي آهي. روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي ملاقاتون گهڙيال ڏسي پوريون ڪرڻيون پونديون آهن، سي هتي رات جي وسعت ماڻينديون آهن. صبح ٿيندي محسوس ٿيندو آهي ته هڪ ٻي سهڻي ياد اسان جي دوستيءَ ۾ شامل ٿي وئي آهي.
انگلينڊ جر شاعر الفريڊ لارڊ ٽينيسن، پنهنجي نظم يوليسس (Ulysses) ۾ لکي ٿو: “مان انهن سڀني جو حصو آهيان، جن سان زندگيءَ ۾ منهنجو واسطو پيو آهي.” هن سٽ ۾ انسان جي سڄي سفر جو هڪ گهرو احساس سمايل آهي. اسان جن ماڻهن سان ملون ٿا، جن سان ڪم ڪريون ٿا ۽ جن سان وقت گذاريون ٿا، اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسان جي شخصيت جو حصو بڻجي وڃن ٿا. تنيو صاحب جي زندگيءَ ۾ شاگردن، ساٿي استادن ۽ دوستن جون يادون شامل آهن؛ اسان جي يادگيرين ۾ سندس خاموش، شائسته موجودگي شامل آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهو هڪ ٻئي جي زندگيءَ ۾ پنهنجي حصي جي روشني ڇڏي ويندا آهن. رٽائرمينٽ تي گهڻو ڪري عهدي تان موڪلائڻ جو ذڪر ٿيندو آهي، پر هن موقعي تي ان وقت ڏانهن به ڏسڻ گهرجي، جيڪو هاڻي ماڻهوءَ کي پاڻ لاءِ ملڻ وارو آهي. جن ڪتابن کي فرصت سان پڙهڻ رهجي ويو، جن هنڌن کي ڏسڻ جي خواهش اڌوري رهي، جن پنهنجن سان ويهي ڊگهي ڪچهري ڪرڻ لاءِ وقت گهٽ مليو، تن سڀني ڏانهن موٽڻ جو موقعو اچي ٿو. ڊگهي ملازمت کانپوءِ پنهنجي ڏينهن جي ترتيب پاڻ چونڊڻ به زندگيءَ جي هڪ سهڻي نعمت آهي.
انگريز شاعر رابرٽ برائوننگ (Robert Browning) پنهنجي نظم ربي بن عزرا (Rabbi Ben Ezra) جي شروعات ۾ گڏجي عمر وڌائڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو، “زندگيءَ جو بهترين حصو اڃان اچڻو آهي.” رٽائرمينٽ جي موقعي تي اهي لفظ هڪ دلڪش اميد بڻجن ٿا. ايندڙ عمر پنهنجي اندر پڙهڻ، سکڻ، گهمڻ، پنهنجن کي وقت ڏيڻ ۽ تجربي کي ٻين سان ونڊڻ جا ڪيترائي امڪان رکي ٿي. ماڻهوءَ وٽ هاڻي سالن جي سمجهه به هوندي آهي ۽ انهن ننڍين خوشين جي سڃاڻپ به، جيڪي مصروفيت ۾ نظر کان رهجي وينديون آهن. تنيو صاحب لاءِ اسان جي نيڪ تمنا آهي ته سندس ايندڙ ڏينهن صحت، سڪون ۽ پنهنجن جي قربت سان ڀرپور هجن. عمر جي هن نئين باب ۾ کيس پنهنجي پسند جا ڪم ڪرڻ، دل گهريا ڪتاب پڙهڻ ۽ فرصت جون گهڙيون ماڻڻ جو موقعو ملي. اسان جي سنگت لاءِ هو ساڳيو دوست رهندو، جنهن جا جواب مختصر آهن، پر جنهن سان گڏ گذاريل وقت جون يادون ڊگهيون آهن.
رٽائرمينٽ ۽ جنم ڏينهن جو هڪ ٻئي پٺيان اچڻ به زندگيءَ جو هڪ سهڻو اتفاق آهي. هڪ ڏينهن هو سالن جي ملازمت کي الوداع چوي ٿو، ته ٻئي ڏينهن عمر جي نئين سال ۾ قدم رکي ٿو. ڄڻ وقت سندس اڳيان هڪ ئي موقعي تي ٻه در کولي ٿو: هڪ فرضن کي ارپيل ورهين جي مانائتي پڄاڻيءَ جو، ٻيو پنهنجي لاءِ جيئڻ جي نئين شروعات جو. اهڙيءَ ريت سندس جنم ڏينهن جي خوشيءَ ۾ فرصت، سڪون ۽ دل جي رهجي ويل خواهشن کي وقت ڏيڻ جي اميد به شامل ٿي وڃي ٿي. ان لاءِ کيس 60 هون جنم ڏينھن به مبارڪ ھجي.
ڪاليج جي ذميوارين مان موڪلائڻ کانپوءِ به اسان جي گڏ پچندڙ مانيءَ وٽ سندس جاءِ رهندي، سالگراهن تي سندس موجودگيءَ جو انتظار رهندو ۽ سحريءَ جي ڪچهريءَ ۾ سندس ماٺيڻي مرڪ جو پنهنجو حصو رهندو. منوھر شام جا شاھ جا شعر ۽ جاويد حاجاڻو جا چرچا محفل کي گرمائيندو رهندا، منهنجون ۽ تنيو صاحب جون ڳالهيون وري جلدي کٽي وينديون ۽ پوءِ به ڪچهري هلندي رهندي. دوستيءَ جون ڪي سهڻيون ڳالهيون لفظن کانسواءِ به سمجهه ۾ اچي وينديون آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو