ناٽڪ-قسط پهرين: هميشه جوان
Kamran Jatoi انجنيئر، تعليمدان، مفڪر، ليکڪ
اليڪٽريڪل انجنيئر (فلسفو، سائنس، اينٿروپالاجي پسنديده موضوع)
(ايلس گرسٽنبرگ جو 1922ع ۾ لکيل هي هِڪ ائڪٽ وارو ناٽڪ”EVER YOUNG”(هميشه جوان) عورتن جي نفسيات، وڏي عمر ۾ جوان رهڻ جي خواهش، سچ ۽ ڪوڙ جي سحر انگيزي ۽ سڀ کان وڌيڪ “محبت جي وهم” تي ٻڌل هڪ شاهڪار آهي. ڪيڏي نه مهارت سان ليکڪا ڏيکاريو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن “هڪ خوبصورت ڪوڙ” انسان جي زندگي کي معجزي وانگر بدلائي ڇڏيندو آهي ۽ کيس لَڪُڻَ کانسواءِ هلڻ جي سگهه ڏئي ڇڏيندو آهي-(مترجم)
ڪردار :
* مسمات فيبي پين ڊيڪسٽر-هڪ رعبدار، دولتمند ۽ پنهنجي عمر لڪائيندڙ بيواھہ.
* مسمات ائگنيس ڊورچسٽر-هڪ سادي، پُرسڪون، ڳوٺاڻي جائيداد جي مالڪياڻي ۽ بيواھہ، جيڪا هر وقت سُئيءَ سان اُڻت جو ڪم ڪندي رهندي آهي.
* مسمات وليم بلانچارڊ- هڪ نازڪ، لَڪَڻُ جي سهاري هلندڙ وڏي عمر جي مائي، جيڪا مڙس کان طلاق وٺي چڪي آهي.
* مسمات ڪيرولين ڪورٽني پيج-هڪ مڪار، پر بيحد سُهڻي، اڇن وارن واري عورت، جنهن ڪيتريون ئي شاديون ڪيون آهن ۽ هاڻي به مڱيل آهي.
منظر:
(پام بيچ جي مشهور ‘پوئنسيانا هوٽل’ جي لابي جي هڪ ڪُنڊ. هتي کجيءَ جي وڻن جي اوٽ ۾ تيلي واريون ڪرسيون (چٽسالي وارن گدن سان) رکيل آهن. پريان ڪنهن مڌر آرڪيسٽرا جو ڌيمو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي.)
(مسمات پين ڊيڪسٽر ساڄي پاسي کان ايئن داخل ٿئي ٿي، ڄڻ ڪا وڻندڙ ڪُرسي ڳولهي رهي هجي. هوءَ ڪُرسين کي اڳتي پوئتي ڪري پنهنجي مرضيءَ مطابق رکي ٿي. سندس پٺيان مسمات ڊورچسٽر اچي ٿي، جيڪا پڻ پنهنجي لاءِ ڪُرسي چونڊي ٿي. مسمات پين ڊيڪسٽر جو چهرو کڻي گهنجيل آهي، پر سندس تيز ۽ طنزيه اکين، سنهڙي چيلهه واري (Tungkar seat) فگر رکندڙ ۽ زنده دل شخصيت مان عمر جو بلڪل اندازو نٿو ٿئي. کيس جامني رنگ جو قيمتي ريشمي لباس پاتل آهي ۽ ڳچيءَ ۾ هيرن جو گلوبند اٿس. سندس اڇا وار تمام مهارت سان سنواريل آهن ۽ مينڪيور ٿيل هٿن ۾ هيرا چمڪي رهيا آهن. هوءَ هڪ هيرن جڙيل چشمو استعمال ڪري ٿي ۽ هٿ ۾ هوٽل جي ڪمري جي وڏي چاٻي اٿس. هوءَ ڪنهن راڻيءَ وانگر ڪُرسيءَ تي ويهي ٿي.)
مسمات پين ڊيڪسٽر: ائگنيس! رات مانيءَ تان ايئن ڀَڄڻ جي ڪا ضرورت ڪونه هئي، هتي ڪُرسين جي ڪا کوٽ ته نه هئي.
(مسمات ڊورچسٽر سندس پٺيان اچي ٿي. هوءَ اڇن وارن واري هڪ مٺڙي ۽ پرسڪون چهري جي مالڪياڻي آهي (سندس وار فيشن مطابق ناهن سنواريل). سندس چهري تي ائين لالي آهي، ڄڻ پاڻ سڄي زندگي گهر کان ٻاهر سڪون سان رهي هجي. هن عينڪ پاتي آهي. سونهري ريشمي لباس پاتل اٿس ۽ مٿس پراڻي فيشن جا زيور (ايئرنگ، ڪنگڻ، پينڊنٽ، منڊيون) ڪجهه وڌيڪ ئي لڙڪيل آهن، جن ۾ عقيق، سون ۽ ڪارا پٿر جَڙيل آهن. هن جي هٿ ۾ هڪ وڏو هٿ ٿيلهو آهي، جنهن مان هوءَ ويهندي ئي اُن ۽ اڻڻ واريون شيون ڪڍڻ شروع ڪري ٿي. نيري رنگ جي اُن جو ذرو ۽ ٻار جو اُڻيل جوراب سندس هٿ ۾ آهن.)
مسمات ڊورچسٽر: اسان ڪالهه رات به رڳو ان ڪري موقعو وڃائي ويٺا هئاسين، ڇاڪاڻ ته تون ڪافي پيئڻ دوران اڌ ڪلاڪ اتي ئي ويهي رهي هئينءَ.
مسمات پين ڊيڪسٽر: (رعبدار انداز ۾) مان هميشه ڪافيءَ جي هر ڍُڪ جو مزو وٺندي آهيان. جڏهن ٿامس زنده هو، تڏهن به مان ائين ئي ڪندي هئس. اسان جي خاندان جي اها روايت رهي آهي ته اسين ڪافيءَ تي وقت ڏيندا آهيون.
مسمات ڊورچسٽر: (مٺڙي آواز ۾) جيڪڏهن اسين هڪ منٽ اڃان دير ڪريون ها ته هتي هڪ به ڪُرسي خالي نه مِلي ها. هاڻي ٻڌاءِ، توکي ڪهڙي ڪُرسي پسند آهي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: هڪ ڪُرسي مسمات بلانچارڊ لاءِ بچائي رک. جڏهن اسين ڊائننگ روم مان نڪري رهيا هئاسين، تڏهن مون کيس هن طرف اچڻ جو اشارو ڪيو هو.
مسمات ڊورچسٽر: (ويهندي) کيس هيءَ ڪُنڊ پسند ايندي. هتان اسين لابيءَ مان لنگهندڙ هر ماڻهوءَ تي نظر رکي سگهون ٿا.
مسمات پين ڊيڪسٽر: (چشمو اکين تي رکندي) اڄ رات اسان کي ڪيترا عجيب خيال ۽ ڪيترا ڊيڄاريندڙ چهرا ڏسڻا پوندا؟ سچ پچ ائگنيس، مان چاهيان ٿي ته تون اهي پراڻي فيشن جا ڪارا ۽ پيلا پٿر پهرڻ بند ڪرين. تون هن ڪٻاڙ کي وڪڻي ڪي نوان ۽ جديد زيور ڇو نٿي وٺين؟ (ويهي ٿي.)
مسمات ڊورچسٽر: اوه، مڙس جي وفات کانپوءِ مون کي ڪڏهن به نئين زيور خريد ڪرڻ جي خواهش ئي ناهي ٿي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: پر ان ڳالهه کي ته گهڻو وقت ٿيو آهي! ٿامس جي وڃڻ کان پوءِ مون پنهنجي هيرن جا سڀئي سيٽ نئين سر تيار ڪرايا آهن. ايتري قدر جو مون پنهنجي شاديءَ جي منڊيءَ کي رِجائي، ان کي نارنگي جي گُلن واري نئين ڊيزائن ۾ تبديل ڪرائي ڇڏيو آهي.
مسمات ڊورچسٽر: هوءَ ڏس، اڄ جيڪا نئين ڪنوار آئي آهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ڪٿي آهي؟
مسمات ڊورچسٽر: هوڏانهن، ڦهاري جي ويجهو، ان مائيءَ ته تمام گهڻو کليل لباس پاتو آهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مون کي نظر نٿي اچي.
مسمات ڊورچسٽر: هوءَ ان ٿنڀي جي پٺيان هلي وئي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مون کي نظر نٿي اچي! تو مون کي تڏهن ڇو نه ٻڌايو، جڏهن هوءَ اڃان ٿنڀي جي پٺيان نه وئي هئي؟
مسمات ڊورچسٽر: فيبي، جيڪڏهن تون پنهنجي تڪبر کي ٿورو پاسي تي رکين ته تون مون وانگر ڪا سٺي عينڪ پائي سگهين ٿي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مان بلڪل صاف ڏِسي سگهان ٿي.
مسمات ڊورچسٽر: خير، مان توکي هن چشمي استعمال ڪرڻ تي ملامت نٿي ڪريان. اهو واقعي تنهنجي ‘پين ڊيڪسٽر واري شاهي انداز’ ۾ وڌيڪ رعب پيدا ڪري ٿو.
مسمات پين ڊيڪسٽر: (مرڪندي) ڇا! تون اڃان تائين منهنجي ان رعب کان متاثر آهين؟
مسمات ڊورچسٽر: مان گذريل پنجاهه سالن کان متاثر آهيان… هاءِ فيبي! ڇا واقعي پنجاهه سال گذري ويا جڏهن تون ۽ مان پهريون ڀيرو ڪنهن محفل جي زينت بڻيون هيوسين؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: (هيڏانهن هوڏانهن احتياط سان ڏسندي) ششش! هوٽل وارن کي خبر نه پوڻ ڏجانءِ ته مان ستر سالن جي آهيان.
مسمات ڊورچسٽر: ڪوبه اندازو نٿو لڳائي سگهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مان پاڻ به اها عمر محسوس نٿي ڪريان، پر مان توکي ٻڌايان، هي اڄڪلهه جون نيون ڇوڪريون، سندن مغرور انداز، سندن فلسفياڻيون ڳالهيون ۽ عام جڳهين تي سگريٽ پيئڻ … اهي مون کي ڪنهن نانيءَ يا ڏاڏيءَ واري خاني ۾ فِٽ نه ٿيون ڪري سگهن. نه! مان گهٽ ۾ گهٽ ٻيا ويهه سال اڃان زنده رهنديس، صرف ان لاءِ ته مان انهن نئين ڇوڪرين کي شاديءَ جي مصيبتن ۾ ڦاسندي ڏِسي سگهان ۽ ان سان مون کي سڪون ملندو.
مسمات ڊورچسٽر: تون انهن نئين ڇوڪرين سان ايڏو ضد ڇو ٿي رکين؟ تون ته کين ڊيڄاريو ڇڏين. جتي به هجن، اهي احترام طور تنهنجي لاءِ رستو ڇڏي ڏينديون آهن. لِفٽ هجي، لنگهه هجي، ناچ جو ڪمرو هجي يا سمنڊ جو ڪنارو، اهي هميشه تنهنجو احترام ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. سڀ چونديون آهن “صبح جو سلام، مسمات پين ڊيڪسٽر”، “ٻپھريءَ جو سلام، مسمات پين ڊيڪسٽر”، “شام جو سلام، مسمات پين ڊيڪسٽر” … پر اهي مون کي ڪڏهن به ناهن ڏِسنديون، جيتوڻيڪ اسين هتي گهڻي وقت کان وٺي رهيل آهيون.
مسمات پين ڊيڪسٽر: اهو ان ڪري جو تون اهو ماحول پيدا ئي ناهين ڪندي جيڪو سندن ڌيان ڇڪائي. مان کين ڊيڄارڻ لاءِ پين ڊيڪسٽر خاندان جا سڀئي رعبدار طريقا استعمال ڪندي آهيان: مان چاهيان ٿي ته اهي نيون ڇوڪريون ۽ سندن هوشيار جوان منهنجي لاءِ رستو خالي ڪن. سندن جهڙي جواني ۽ سونهن هاڻي مون وٽ ناهي، پر منهنجو دٻدٻو مٿن اڃان تائين قائم آهي. مان هڪ وڏ گهراڻي جي خاتون آهيان، ان سوسائٽي جي ميمبر آهيان، جنهن ڪڏهن نيويارڪ تي حڪومت ڪئي هئي ۽ ڪنهن حد تائين اڃان به ڪري ٿي ۽ اهي منهنجي اڳيان تان جو جهڪنديون رهنديون، جيستائين منهنجي سِسيءَ ۾ ساهہ آهي!
مسمات ڊورچسٽر: منهنجي خيال ۾ تون اڄ جي نئين نسل تان سڙين ٿي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ها، مان سڙندي آهيان، مان سخت سڙندي آهيان!
مسمات ڊورچسٽر: پر فيبي، اسان پنهنجو دور گذاري چڪا آهيون، هاڻي سندن وارو آهي. هي اسان جو وقت آهي ته اسين آرام سان ويهون ۽ کين موقعو ڏيون.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ائگنيس، تون لانگ آئلينڊ تي پنهنجي جائيداد ۾ رهي صحتمند ته رهي آهين، پر تون اونهاري کانپوءِ پنن ۽ گلن کي سُڪندي ڏٺو آهي ۽ تون سياري جي آمد کي اڻٽر سمجهي ويٺي آهين… خير، منهنجا وار کڻي برف وانگر اڇا هجن، پر منهنجو رت اڃان تائين ڳاڙهو ۽ گرم آهي!
مسمات ڊورچسٽر: تنهنجي اها توانائي سڀني لاءِ هڪ معجزو آهي. تنهنجو ڪلب جو ڪم، شهري ۽ سماجي قيادت… هيستائين جو ڊاڪٽر به توکي ڏسي حيران ٿي ويندا آهن.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ڊاڪٽر منهنجا سڀ کان وڏا دشمن آهن. اهي مون کي چوندا آهن ته هي نه کاءُ، هو نه ڪر. اهي مون کي چوندا آهن ته مان پوڙهي پئي ٿيان، مون کي آرام ڪرڻ گهرجي. مان آرام ڪرڻ نٿي چاهيان، مان پوڙهي ٿيڻ نٿي چاهيان. جيڪا ڪا ليڊر رهي هجي، اها پاڻ کان ننڍي عمر جي عورتن کي پنهنجي جاءِ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي.
مسمات ڊورچسٽر: تنهنجو دٻدٻو اڃان تائين قائم آهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: اهو ان ڪري قائم آهي. ڇاڪاڻ ته مان چاهيان ٿي ته اهو قائم رهي، مان ان کي هٿن مان وڃڻ نٿي ڏيان، پر مون کي ان لاءِ هر سال اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي. هن نئين آزاد نسل تي پنهنجو دٻدٻو رکڻ لاءِ مون کي هر سال اڃان وڌيڪ سخت، اڃان وڌيڪ رعبدار ۽ اڃان وڌيڪ خوفناڪ ٿيڻو پوندو آهي. (کاٻي پاسي ڏِسندي) هوءَ ڏِس، اها ننڍڙي مغرور نينگري مي وگهام. هوءَ ارڙهن سالن جي آهي ۽ ايڏي بدتميز آهي، جو منهنجي دل چوندي آهي ته کيس مار ڪڍان.
مسمات ڊورچسٽر: اهي سڀ تنهنجو خوف کائينديون آهن، فيبي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: (هڪ طنزيه مرڪ سان) مان به اهائي اميد ڪريان ٿي. جيستائين منهنجي ساهہ جي آخري تند موجود آهي، مان پاڻ کي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڌِڪڻ نه ڏينديس!
مسمات ڊورچسٽر: (ساڄي پاسي نهاريندي) شام جو سلام، مسمات بلانچارڊ.
مسمات پين ڊيڪسٽر: اسان تنهنجي لاءِ ڪرسي بَچائي رکي آهي.
(مسمات بلانچارڊ داخل ٿئي ٿي. هوءَ عمر جي ڪري ٿوري جُهڪيل آهي ۽ کيس هلڻ لاءِ لَڪڻ جي ضرورت آهي. سندس لڪڻ سونهري مٿي وارو آهي، جنهن تي جامني رنگ وارو پکو ۽ سونهري ڄار وارو ٿيلهو لٽڪيل آهي. سندس کاٻي هٿ ۾ هڪ ڪتاب آهي. هن نيري رنگ جو تمام نفيس لباس ۽ قيمتي پراڻي ليس پاتي آهي. سندس چهرو ڪنهن تراشيل هيري وانگر آهي، جنهن تي ڪو گهنج ناهي ۽ سندس مُرڪ ڪنهن جوان ڇوڪريءَ جهڙي جاندار آهي. هن هيرن جو هار پاتو آهي، پر هٿن ۾ ڪا مُنڊي ناهي.)
مسمات بلانچارڊ: شام جو سلام مسمات پين ڊيڪسٽر، مسمات ڊورچسٽر.
مسمات ڊورچسٽر: (مسمات بلانچارڊ کي سهارو ڏيندي) ويهه، مسمات بلانچارڊ.
مسمات بلانچارڊ: نه، مهرباني، مون کي سهارو نه ڏيو. مان جلد ئي هن لَڪڻ کي ڦِٽو ڪرڻ واري آهيان.
مسمات پين ڊيڪسٽر: لَڪڻ کي ڦِٽو ڪرڻ واري آهين؟
مسمات بلانچارڊ: (اکين ۾ چمڪ سان) ها، هفتي کن ۾ مون کي ان جي ضرورت نه پوندي.
مسمات ڊورچسٽر: مون به ڪالهه هڪ عورت بابت ٻُڌو هو، جنهن لَڪڻ جو استعمال ڇڏي ڏنو.
مسمات بلانچارڊ: اها ڪير هئي؟
مسمات ڊورچسٽر: (ساڄي پاسي اشارو ڪندي) اها گيمپيئن… نالو الائجي ڇا اٿس، هوڏانهن بيٺي آهي، جنهن جي ڇاتيءَ تي سڙيل’V’ جو نشان آهي، هن مون کي سڄي ڪهاڻي ٻُڌائي هئي، پر هاءِ افسوس، مون کي نالا ياد ئي ناهن رهندا.
مسمات بلانچارڊ: مون کي ان کان پُڇڻو پوندو.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مسمات بلانچارڊ، ڇا تون اڳي کان وڌيڪ سگهاري پئي ٿين؟
مسمات بلانچارڊ: مون کي سگهارو ٿيڻو ئي پوندو. مان لَڪڻ تي ڀاڙڻ مان ٿڪجي پئي آهيان. مان جتي به وڃان ٿي، ماڻهو منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ ڊوڙندا آهن. مرد مدد ڪندا آهن، عورتون پنهنجن مردن کي موڪلينديون آهن، ڊرائيور، بيل بواءِ، ويٽر… ايتري قدر جو اهي نوجوان ڇوڪريون به…
مسمات پين ڊيڪسٽر: نوجوان ڇوڪريون! مون کي يقين نٿو اچي!
مسمات بلانچارڊ: اهي نوجوان ڇوڪريون منهنجي آسپاس ائين پيون گهمنديون آهن، جيئن مڇر… سڀ گڏجي مون کي هلائڻ چاهينديون آهن. منهنجي دل چوندي آهي ته کين هن لَڪڻ سان ماريان (لَڪڻ کي لوڏيندي). منهنجي ڪمزوريءَ تي سندن هي احترام منهنجي بيعزتي آهي. ڪاش اهي بدتميز هجن ها!
مسمات ڊورچسٽر: مسمات پين ڊيڪسٽر ته رڳو اهائي دانهن پئي ڪئي ته اهي تمام گهڻيون بدتميز آهن.
مسمات پين ڊيڪسٽر: بدتميز! ها، اهي آهن!
مسمات بلانچارڊ: جيڪڏهن اهي تنهنجي اڳيان بدتميزي ڪن ٿيون ته اهو تنهنجي لاءِ تحفو آهي. اهي توکي پوڙهي ۽ لاچار نٿيون سمجهن. مان سندن ان همدرديءَ کان بيزار آهيان. هڪ ٻن ڏينهن ۾ هن پراڻي لَڪڻ کي اُڇلائي ڇڏينديم! (هوءَ لَڪڻ کي هڪ پاسي اُڇلائي ٿي).
مسمات پين ڊيڪسٽر: مسمات بلانچارڊ!
مسمات بلانچارڊ: هي ڪو رڳو ڏيکاءُ ناهي، مان سچ پئي چوان!
مسمات ڊورچسٽر: پر تو ته چيو هو ته تون گذريل پندرهن سالن کان هي لَڪڻ استعمال ڪري رهي آهين.
مسمات بلانچارڊ: ها، تڏهن ئي ته هاڻي هي اُڇلائڻ جي لائق ٿي ويو آهي. هي منهنجي سڀ کان پُراڻي ٽَنگ آهي ۽ مان هن کي هاڻي ڦِٽو ڪنديس.
مسمات ڊورچسٽر: پُراڻي؟
مسمات بلانچارڊ: ڇا توکي ڪو شڪ آهي؟
مسمات ڊورچسٽر: منهنجي پياري مسمات بلانچارڊ، تو چيو ته تنهنجو لَڪڻ تنهنجي سڀ کان پُراڻي ٽَنگ آهي…
مسمات بلانچارڊ: ها، بلڪل ائين ئي آهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: (مذاق ڪندي) مسمات ڊورچسٽر شايد اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ته باقي ٽَنگون ڪيتريون پُراڻيون آهن؟
مسمات بلانچارڊ: باقي ٽَنگون صرف نون مهينن کان وڌيڪ پراڻيون ناهن!
مسمات ڊورچسٽر: نون مهينن جون!
مسمات بلانچارڊ: ڇا تنهنجو خيال آهي ته مون کي نوي سال چوڻ گهرجي ها؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: ڇا اهو سچ جي وڌيڪ ويجهو نه هجي ها؟
مسمات بلانچارڊ: (فتح جي انداز ۾)، پر اهو سچ ناهي! حيران ڪندڙ سچ اهو آهي ته منهنجون ٽنگون ايڪهتر سالن جون ناهن، اهي صرف نون مهينن جون آهن. مان هڪ حيرت انگيز ڪتاب پڙهي رهي آهيان. (ڪتاب مٿي کڻي ڏيکاري ٿي).
مسمات ڊورچسٽر: ڪهڙو ڪتاب آهي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: (چشمو لڳائي پڙهندي) “سچائي ۽ جواني” (Truth and Youth).
مسمات بلانچارڊ: هي ڪتاب چوي ٿو ته اسان جي جسم جو هرهڪ جيو گهرڙو (سيل) هر نون مهينن کانپوءِ مڪمل طور تي نئون ٿي ويندو آهي.
مسمات ڊورچسٽر: مون ان باري ۾ ٻُڌو هو. منهنجي ڌيءَ به اهڙو ڪو ڪتاب پڙهي رهي هئي، نالو وسري ويو اٿم.
مسمات بلانچارڊ: هر سيل پاڻ کي ان سوچ جي مطابق نئون ڪندو آهي، جيڪا اسان جو لاشعور کيس ڏيندو آهي. جڏهن اسين پوڙها ٿيندا آهيون، اسين ذهن ۾ پوڙهائپ جو خيال رکندا آهيون ۽ جيو گهرڙن تي به اهوئي اثر پوندو آهي، پر جيڪڏهن اسين پوڙهائپ جي ان وهم مان نڪري وڃون ته اسين هميشه جوان رهي سگهون ٿا.
مسمات پين ڊيڪسٽر: هي ڪتاب مون کي ڏي. مان جوانيءَ لاءِ پوري دولت خريدڻ لاءِ تيار آهيان.
مسمات بلانچارڊ: اسان کي جوانيءَ لاءِ پئسا ڏيڻ جي ضرورت ناهي. اسان کي رڳو اهو سوچڻو آهي ۽ اهو بڻجي ڏيکارڻو آهي. اهي چون ٿا ته اها سٺي ڳالهه آهي، جيڪر توهان کي پورو يقين هجي.
مسمات ڊورچسٽر: منهنجي ڌيءَ ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهي هئي… هاءِ افسوس، مون کي نالا، عنوان ۽ نمبر ڪڏهن به ياد ناهن رهندا!
…(هلندڙ)…
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟