مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا (آخري قسط)

Abdul Sattar Laghari استاد، ليکڪ، مترجم

ايم.اي سنڌي، مترجم، مختلف ڪتاب مرتب ڪندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عظيم اداڪار سان گذاريل ڇھ ڏينهن:
ڀاونا سونيا ھڪ مشھور فلمي صحافي آھي، ھن مونسان فلم “خدا گواهه” جي شوٽنگ دوران ڇھه ڏينھن گڏ گذاريا ھئا، انھن ڇھن ڏينھن جي روئداد ھن پنھنجي رسالي ۾ پڻ شايع ڪئي، مان پنھنجي پڙھندڙن لاءِ خصوصي طور اھو ليک پنھنجي ڪٿا ۾ شامل ڪري رھيو آھيان.
ھڪ وڏي اداڪار جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي؟ اھو ڪيئن سوچيندو آهي؟ ھو ڇا کائيندو آهي؟ ڇا ھو سيٽ تي ڪم ڪرڻ دوران عام ماڻھن سان ڳالھائيندو آھي؟ پنھنجي اسٽاف سان ھن جو رويو ڪيئن ھوندو آھي؟ ھيٺ آئون خدا گواهه فلم جي شوٽنگ دوران ڇھن ڏينھن جو مشاهدو پيش ڪري رھيو آھيان، جنھن ۾ توهان کي مٿين سوالن جا جواب ملي ويندا. (ڀاونا سونيا)
سومر: ھو محبوب اسٽوڊيو جي اسٽيج نمبر 2 تي شوٽنگ ڪري رھيو آھي، ھي جيل جو سين آھي. اميتاڀ بچن کي قيدين وارا ڪپڙا پاتل آهن، اميتاڀ جو ميڪ اپ ڪندڙ ديپڪ مون کي ٻڌائي ٿو ته; “صاحب اڄ ئي لنڊن مان پھتو آھي ۽ ھن وقت ھو سفر جي ڪري گھڻو ٿڪل آھي.” مون جڏهن اميتاڀ کان لنڊن جي سفر بابت پڇيو ته چيائين; “لنڊن پنھنجي علاج لاءِ ويو ھئس، ھن شوٽنگ جو اڳ ئي واعدو ڪري ڇڏيو ھئم، ان ڪري علاج اڌ ۾ ڇڏي واپس ھليو آيس.” اميتاڀ ڏسڻ ۾ ئي بيمار لڳي رھيو ھو. شوٽنگ دوران جڏھن وقفو ٿيو ته ھو ڪنڊ ۾ اڪيلو ويھي رھيو ۽ آسمان کي تڪڻ لڳو. اڄ گھڻي گرمي ھئي ۽ سيٽ تي رش به گھڻي آھي. ھو انھي تي ڌيان نه ڏئي رھيو آھي، شايد گھڻو ٿڪل آھي. ڊائريڪٽر جيڪو ھاڻي ئي پھتو آھي، کيس پنھنجو ھيرو پگھر ۾ شل نظر اچي ٿو. ھو پنھنجي عملي کي رڙ ڪري چوي ٿو؛ “اڙي ايئر ڪولر ھلايو نه، ڇا پيا ڪيو.” ۽ پوءِ ايئر ڪولر ھلايو وڃي ٿو. ايئر ڪولر جي ھوا لڳڻ کانپوءِ اميتاڀ سڪون محسوس ڪري ٿو. ان وقت ئي ڪو ماڻھو چانھه کڻي اچي ٿو ۽ پوءِ ھو چانھه پيئڻ لڳي ٿو. سندس خاص ملازم پراوين اندر اچي ٿو، سائين ھي چانھه توھان لاءِ ناھي ۽ پوءِ پراوين پنھنجي مالڪ کان چانھه جو ڪوپ وٺي واپس کڻي وڃي ٿو. ڪجھه منٽن کان پرواين اميتاڀ جي ذاتي ڪوپ ۾ چانھه کڻي اچي ٿو ۽ مُنا بسڪيٽ به کڻي آڻي ٿو. پراوين ٻڌائي ٿو ته؛ “صاحب کي اڪثر بک جي خبر ئي نٿي پوي، اسان جڏهن سندس اڳيان کائڻ جي ڪا شيءِ رکندا آھيون ته ھو کائڻ شروع ڪندو آهي ۽ پوءِ کيس بک جو احساس ٿيندو اٿس. ايئن ڪڏھن ڪڏھن ٿيندو آهي. اڪثر ايئن به ٿيندو آهي ته اسان کانئس پڇڻ کان بغير سندس اڳيان کائڻ لاءِ ڪا شيءِ رکندا آھيون ته ھو سختي سان منع ڪندو آهي. اھو سندس موڊ تي ھوندو آھي ۽ موڊ بدلجندي دير نه لڳندي آهي.” ڪجھه دير کانپوءِ ڊائريڪٽر شاٽ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، گيت “بڇڙا يار ملادي، هائي ربا” فلمائي رھيو ھو. وڇوڙي جو ماريل ھيرو شديد ڪرب ۾ پنھنجي محبوبه لاءِ گيت ڳائي ٿو. ھي سين ٻيھر فلمايو وڃي ٿو، پر ڊائريڪٽر مطمئن نٿو ٿئي. ٽئين ٽيڪ وٺڻ کان پھرين ڊائريڪٽر مگل آنند ھيرو وٽ وڃي ٿو ۽ کيس سمجھائي ٿو ته; “سائين ڪردار اذيت ۾ آھي، پر پراميد آهي، کيس يقين آهي ته ھو جلدي ئي پنھنجي محبوبه سان ملندو، ان ڪري ھو خوش به آهي. آئون چاھيان ٿو ته توھان مسڪرايو ۽ ٿورو خوش ٿيڻ جي پڻ ڪوشش ڪيو.” اميتاڀ ھا ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو ۽ پوءِ سين فلمايو وڃي ٿو.
اڱارو: صبح جا ست لڳي پنجيتاليھه منٽ ٿيا آهن، آئون ۽ اميتاڀ مگل ڊبنگ ٿيٽر وڃڻ لاءِ تيار آھيون. اميتاڀ صبح جي وقت ڊبنگ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. بنگلي ۾ باغ جي ٻاھران ھڪ مندر آھي، اميتاڀ پوڄا ڪرڻ کان بغير گھر کان ٻاھر نه نڪرندو آهي. ھو وين تي پنھنجي مخصوص سيٽ تي ويھڻ کانپوءِ ٽيپ ھلائي ٿو. وين جي شيشن جا پردا پري ڪندو آهي ۽ ان دوران ھو بادام کائيندو رھندو آھي. مون پھريون ڀيرو اميتاڀ وٽ ايڏا وڏا بادام ڏٺا آهن. اميتاڀ وٽ ھر روز ڪيتريون ئي اخبارون پڻ ھونديون آھن، جيڪي ھو واري واري سان پڙھندو رھندو آھي. آئون وين جو جائزو وٺان ٿي. وين ۾ ھڪ وڏو بيڊ، ھڪ بيسن، ھڪ باٿروم ۽ ٽي ڪرسيون آھن. بيڊ جي هيٺان ۽ مٿان خالي جاءِ کي اسٽور طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسٽور ۾ ڪپڙا، ڪراڪري، ڪيسٽون، ڪتاب ۽ جوتا پيل آھن. پراوين فخر سان ٻڌائي ٿو ته؛ “صاحب يونٽ جا جوتا استعمال نه ڪندو آهي، پنجويھن سالن کان ھن ھر فلم ۾ پنھنجا جوتا پائي ڪم ڪيو آهي.” بستري تي کير جھڙي اڇي چادر وڇايل آهي ۽ چار وڏا وھاڻا رکيل آھن، ٻه سيراندي کان ۽ ٻه پيراندي کان. اميتاڀ ھر شيءِ کي ترتيب سان رکڻ جو قائل آھي ۽ ٿوري ئي بي ترتيبي کيس پريشان ڪري ڇڏي ٿي. ھو ٻڌائي ٿو ته; “وين کيس سندس دوست فلم ڊائريڪٽر موھن ڊيسائي ڏني ھئي، پر سفر دوران سمھڻ کيس پسند ناھي، ان ڪري بيڊ کي گھڻو ڪري ڊيسڪ طور استعمال ڪندو آھيان.” اميتاڀ جتي به وڃي ٿو ته فائيلون، فولڊر، ڪمپيوٽر شيٽون، فيڪس، رولز، ڊائريون، سھڪي جو ڦوھارو، رامائڻ ۽ ڀڳوت گيتا ساڻس هميشه گڏ ھوندا آھن. ھڪ ايئر فريشنر به ھوندو آھي، صبح جو سوير وين ۾ ويھڻ کان پھرين ايئر فريشنر جي ڇڻڪار ڪندو آهي، ان کانسواءِ ھڪ ڪاري لوئي پڻ ھوندي اٿس، جيڪا ھميشه جسم کي ويڙھي ھلندو آھي. ايئر ڪنڊيشن جي ڪري وين ۾ ٿوري به ٿڌ محسوس ٿيندي اٿس ته يڪدم لوئي پنھنجي جسم کي ويڙھي ڇڏيندو آهي. ڇو ته سھڪي جو مريض آھي. اميتاڀ رڪارڊنگ تي پھچڻ مھل پنھنجو وقت دعا سلام تي بلڪل به ناھي وڃائيندو. ھو ھڪ ڪرسي تي ويھي رڪارڊ ڪرڻ واري کي اھو سين ھلائڻ لاءِ چوندو آهي، جنھن جي ڊبنگ ڪرڻي ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھو ريھرسل به ڪندو آهي، پر اڪثر ڪري ڊبنگ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. سندس ويجھو پاڻي جو ڀريل ھڪ گلاس رکيل ھوندو آھي، پر اھو پيئندو ناھي، ھو چانھه يا ناشتو پڻ اتي نه ڪندو آهي. اميتاڀ بچن ھيڊ فون استعمال نه ڪندو آهي ۽ مائڪرو فون ۾ تقريبن سرٻاٽ ڪندو آهي، ڊائيلاگ شيٽ ۽ ھڪ مارڪر سندس جھولي ۾ پيل ھوندا آھن. ھو رڪارڊ ڪرڻ واري سان بنھه گھٽ ڳالھائيندو آھي، فقط ٻه ٽي جملا ڳالھائيندو آھي، مثال طور: ڇا آئون مڪمل سين ٻڌي سگھان ٿو؟ اسان ٽيڪ ڪري سگھون ٿا؟ يا مون کي ھڪ ٻي ٽيڪ جي ضرورت آھي. ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ ھو جڏھن اتان واپس ويندو آهي ته رڪارڊ ڪرڻ وارو سندس وڏي ساراهه ڪندو آهي؛ “اميتاڀ بچن ھڪ عظيم ترين شخصيت آھي، کيس ريھرسل جي ضرورت نه پوندي آهي ۽ نه ئي ھو رٽو ھڻندو آھي، ھو ھر مڪالمو بھترين انداز سان ادا ڪندو آهي، سندس تلفظ پڻ عاليشان ھوندا آھن، سڀ جيڪڏھن اميتاڀ وانگر ڪم ڪن ته مزو اچي وڃي.”
اربع: ڏينھن جا ڏھه ٿيا آهن، اميتاڀ ميڪ اپ واري ڪمري ۾ آھي ۽ اخبار پڙھي رھيو آھي، ھڪ ڪنڊ ۾ سندس ميڪ اپ وارو ديپڪ ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي تياري ڪري رھيو آھي. ديپڪ ٽيبل تي ھڪ اڇو ڪپڙو وڇائي ٿو ۽ پوءِ سڀ شيون ڦڻيون، ڪاسميٽڪس ۽ ميڪ اپ جو سامان ھڪ ھڪ ڪري اتي رکي ٿو. ديپڪ اھو ڪم بغير ڪنھن آواز ڪرڻ جي، بلڪل خاموشي ۾ ڪندو آهي. ميڪ اپ روم جو دروازو کليل آهي، پروڊڪشن اسسٽنٽ، ڪينٽين وارو ڇوڪرو ۽ اميتاڀ جو ذاتي ملازم پراوين مختلف ڪمن جي سلسلي ۾ ڪمري ۾ اچي وڃي رھيا آھن. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اميتاڀ اٿي آئيني جي سامهون اچي ويھي ٿو. ان کان اڳ ھو سوني زنجير، موتين جو ھار، گھڙي، چشمو ۽ کاٻي ٻانھن ۾ ٻڌل ڪارو ڌاڳو لاھي رکي ٿو. ھو ڪرسي تي ويھي وڏو ساھ کڻي ٿو ۽ پوءِ اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو. اھو ديپڪ لاءِ اشارو آھي، ھاڻي آئون ميڪ اپ لاءِ تيار آھيان. ڏھن منٽن ۾ ميڪ اپ ٿي وڃي ٿو، پر اميتاڀ ايئن محسوس ڪرائي ٿو ڄڻ ھو صدين کان ڪرسي تي ويٺل ھجي. ديپڪ مون کي ٻڌائي ٿو ته؛ “صاحب رسم طور ڪيل ڪم کي برداشت نه ڪندو آهي.” اميتاڀ بچن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته: “مون کي ان ڳالھه کان نفرت آهي، ماضي ۾ مون کي ميڪ اپ جي ضرورت نه پوندي ھئي، پر ھاڻي مون کي ان جي ضرورت پوي ٿي، منھنجي ميڪ اپ مين کي ڪافي تڪليف ٿيندي ھوندي، ڇو ته ھن کي ھڪ پوڙھي ماڻھو کي نوجوان ڪرڻو پوندو آهي.” اميتاڀ جي اھا ڳالھه ديپڪ کان برداشت نه ٿيندي آهي ۽ وچ ۾ ڳالھائڻ لڳندو آهي ته، نه سائين توھان اڃان جوان آھيو. ميڪ اپ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، ھاڻي ڏاڙھي لڳائي وڃي ٿي، جيئن ئي ديپڪ ھٿ وڌائي ٿو ته اميتاڀ بيھي رھي ٿو ۽ وڏي آواز ۾ چوي ٿو؛ “ھي اڄ منھنجو آخري تجربو آھي، جڏھن ڏاڙھي لڳي وڃي ٿِي ته آئون صرف ٻڌي سگھندو آھيان، ڳالھائي ناھيان سگھندو.” ان کانپوءِ ھو جلدي ڪاسٽيوم پائڻ لاءِ باٿ روم ھليو وڃي ٿو. ھو اڇي رنگ جا ڪپڙا پائي ٻاھر اچي ٿو ۽ لانگ بوٽ پائي ٿو. آخري مرحلو پٽڪي واري جو ھوندو آھي، جنھن کي اميتاڀ دادا چئي سڏيندو آھي. پندرھن منٽن کانپوءِ اميتاڀ بچن جي مٿي تي ساڍا ٽي ميٽر جو ڪپڙو ويڙھيو وڃي ٿو، ڇو ته پٽڪي واري ھمراھ جو قد ننڍو ۽ اميتاڀ قد جو ڊگھو آھي، ان ڪري کيس ڪرسي تي ويھڻو پوندو آهي. دادا ڪرسي جي چوڌاري ڦري پٽڪو ٻڌندو آهي. انھيءَ مرحلي دوران اميتاڀ جو ڪنڌ ھيٺ ھوندو آھي.
خميس: مون پاڻ ڳڻيا آھن، اڄ سيٽ جي ٻاھران ٽي سئو ماڻھو ملڻ آيا آھن. چار فري لانس صحافي، ٻه ايڊيٽر، ٻه ٽي وي سيريل ڊائريڪٽر، ھڪ ٽي وي سيريل ليکڪ، ھڪ ريڊيو ڪمپيئر، پروڊيوسر جي زال، فلم سوسائٽي جو صدر (جيڪو اميتاڀ ميلو ڪرائڻ جو خواھشمند آھي)، روٽري ڪلب جو صدر، (جيڪو اميتاڀ کي پنھنجي فنڪشن جي دعوت ڏيڻ آيو آھي)، ٻه نوجوان ڊائريڪٽر، ٽي پروڊيوسر، ڪجھه جونيئر آرٽسٽ ۽ ھڪ اسسٽنٽ ڊانس ڊائريڪٽر به موجود آهن. ھڪ سينيئر ڪوريو گرافر جيڪو انھيءَ اسٽوڊيو ۾ شوٽنگ ڪرائي رھي آھي، (اھا ڪنھن غلط فھمي جي وضاحت ڪرڻ آئي آهي، ھو چوي ٿي ته منافق افواهه ڦھلائي، اسان لاءِ ڏچا ڪرائي ٿا وجھن) ھڪ چائلڊ اسٽار کانئس مدد وٺڻ آيو آهي. ڪيترائي ماڻهو آھن، لسٽ ڊگھي آھي… ٻي شھر کان آيل ھڪ مداح، جنھن اميتاڀ جي تصويرن جو البم ٺاھيو آھي، ھو اميتاڀ کان آٽوگراف وٺڻ آيو آهي. ھڪ لوڪ فنڪاره جي خواھش آھي ته اميتاڀ سندس ڪيسٽ ريليز ڪري، ھو انھيءَ يادگار لمحن جي تصويرن کي محفوظ ڪرائڻ لاءِ ھڪ فوٽو گرافر کي پڻ گڏ وٺي آئي آھي. ھڪ مراٺي پروڊيوسر جي خواهش آهي ته اميتاڀ سندس فلم جي آڊيو ڪيسٽ ريليز ڪري. چندي گڙھ کان ڪيترائي مداح اميتاڀ سان فقط ھٿ ملائڻ آيا آھن. ٽين وڳي سيٽ تي ٿوري افراتفري پيدا ٿئي ٿي، ڇو ته شوٽنگ لاءِ جنھن گھوڙي جي ضرورت آھي، اھو بيمار آھي. جانورن جي ڊاڪٽر کي گھرايو وڃي ٿو. گھڻو وقت گذري وڃي ٿو. ڊائريڪٽر ھيرو کي آرام ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، پر اميتاڀ نٿو وڃي، اتي ئي پيل ھڪ کٽ تي ويھي رھي ٿو. ڪجھه دير کانپوءِ ھو ليٽي پوي ٿو ۽ کيس ننڊ اچي وڃي ٿي. پروڊيوسر من موھن ڊيسائي اميتاڀ ڏي اشارو ڪري چوي ٿو؛ “ڇا توهان کي يقين ايندو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو اداڪار ايڏي گوڙ ۾ ننڊ ڪري رھيو آھي.” آئون يقين ڪري سگھان ٿو، ٻه ڏينھن اڳ جي ڳالهه آهي، ھو “جيل” فلم جي سيٽ تي ھن کان به وڌيڪ گوڙ ۾ ستو ھو ۽ ڊائريڪٽر مڪل آنند به ڏٺو ھو. پندرھن سال اڳ “ڪالا پٿر” جي شوٽنگ دوران يش چوپڙا چيو ھو; “ھو ڪوئلي جي کاڻ ۾ به سمھي سگھي ٿو. جڏهن ھو جاڳندو ته منھن تي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا هڻي چوندو، ريڊي سر.” ھاڻي به ھو جڏھن جاڳيو آهي ته ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي پراوين کي ڳولهي ٿو. ڪجھه ئي دير ۾ پراوين چانھه جو ڪوپ کڻي پھچي وڃي ٿو، ھو چانھه جو ڪوپ نٿو وٺي. پراوين مون کي ٻڌائي ٿو ته؛ “مون کي خبر ھئي ته ھو چانھه نه پيئندو. جڏھن منھن تي ڏاڙھي پائيندو آهي ته ان دوران نه کائيندو آھي ۽ نه ئي پيئندو آهي.” ھو پنھنجي مالڪ جي موڊ کان بخوبي واقف آهي. اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو ٿڪائيندڙ رھيو، پر اميتاڀ ھڪ لمحي لاءِ به بيزاري جو اظهار نه ڪيو، نه ئي ڪنھن کي دڙڪا ڏنائين. شام جو سامان سيھڙڻ تائين ھو انتھائي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندو آهي. جيئن ئي ميڪ اپ روم ۾ پھچندو آھي، يڪدم ڏاڙھي لاھي سڪون محسوس ڪندو آهي. ديپڪ مون کي ٻڌائي ٿو ته; “جڏھن صاحب کي ڪاوڙ ايندي آهي ته خاموش ٿي ويندو آهي. ھڪ اھڙو مرحلو به آيو، جڏھن ھن ڏينھن ۽ ٻه راتيون شوٽنگ هلي، انھن ڏينھن ۾ مشڪل سان ٻه ڪلاڪ سمھي سگھيو ھو. ٽن چئن شفٽن کانپوءِ سڀ بيزار ٿي پوندا ھئا، پر اميتاڀ ڪڏھن به ڪاوڙ نه ڪئي. توھان اميتاڀ کي ڏاڙھي پاتل ڏٺو آهي، اھا اداڪارن لاءِ ڪنھن سزا کان گھٽ ناھي، ڏاڙھي پائڻ کانپوءِ سخت خارش ٿئي ٿي، پر توھان کي محسوس ٿيو ھوندو ته اميتاڀ جي منھن تي ھڪ لمحي لاءِ به تڪليف ظاھر نه ٿي ھوندي.”
جمعو: اميتاڀ سيٽ تي اچي ٿو، چوڪيدار پنھنجي مخصوص انداز سان ڀت ۾ لٺ ھڻي ٿو. اھو ان جو خاص انداز آھي ته ھيرو سيٽ تي پھچي ويو آهي. اڄ اميتاڀ ھڪ ٻارڙي سان گڏ شوٽنگ ڪري رھيو آھي، ننڍڙي ٻارڙي کي ڪيترائي مڪالما ادا ڪرڻا آهن. اميتاڀ ان ننڍڙي ٻارڙي سان تمام گھڻي شفقت سان ڳالھائي ٿو. ھو ڪنھن سوچ ۾ گم آھي، مون کي خيال اچي ٿو ته ڳالھايان، پر ڳالھائڻ جي شروعات ڪٿان ڪيان. اوچتو ھو ڳالھائڻ شروع ڪري ٿو؛ “لفظ ‘بالي ووڊ’ ضرور ڪنھن صحافي ايجاد ڪيو ھوندو ۽ پوءِ اھو آھستي آھستي استعمال ھيٺ آيو ھوندو. اڄ جڏهن آئون ملڪ کان ٻاھر ويندو آھيان ته مثال طور: ‘ويگن شو’ ۾ مون کي بالي ووڊ اسٽار طور متعارف ڪرايو وڃي ٿو. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فلمون ٺاھڻ وارو ملڪ ھالي ووڊ ان نقل کي ڇو استعمال ٿو ڪري. آخر اھو لفظ ڇو؟ ٻيو ڪو لفظ ڇو نٿو استعمال ڪيو وڃي. ڇا اسان ان لفظ کان وڌيڪ بھتر جا حقدار ناھيون؟ ان جو تجزيو ڪجي ته خبر پوندي ته اھا ھڪ پراڻي احساس ڪمتري جي پيداوار آهي. اسان ھي جيڪو ھٿ ٻڌي نمسڪار ڪندا آھيون، اھو به ھڪ قسم جي اطاعت ۽ غلامي جو اظھار آھي. ٻاھرين ملڪن ۾ اسان اداڪارن کي مذاق جو نشانو بڻايو ويندو آهي. اھڙي طرح ‘فلمي’ لفظ تي به مون کي اعتراض آھي، انھيءَ فلمي لفظ جي ڪھڙي معنيٰ آھي؟ ڪير مون کي ھن لفظ جي معنيٰ ٻڌائي. اسان کي اھو ٻڌايو وڃي ته ھن لفظ کي اسان مٿان ڇو ٿاڦيو ويو آهي. ماڻھو سياستدان ۽ اسمگلرن لاءِ اھڙا لفظ ڇو نٿا استعمال ڪن. جڏھن اداڪار ٻين مشھور ماڻھن سان ايندا آهن ته انھن کي وڌيڪ توجهه ڏني ويندي آهي. اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي؟ ڇا تفريح مھيا ڪرڻ گناھ آھي؟ الميو اهو آهي ته جڏھن باھ لڳي، ڏڪار اچي يا ڪا ٻوڏ اچي ته اسان کي گھرائي فنڊ گڏ ڪيو ويندو آهي. ھندي سئنيمائن کي پنجھتر سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، حڪومت ان کي انڊسٽري قرار ناھي ڏنو. اسان تي مسلسل اھو الزام لڳايو وڃي ٿو ته اسان پنھنجي فلمن ۾ تشدد جي پرچار ڪندا آھيون. ماڻھو پوليس ۽ سياستدانن تي اعتراض ڇو نٿا ڪن؟ حقيقي زندگي ۾ جيترو تشدد ۽ رتو ڇاڻ ٿي رھيو آھي، اسان فلمن ۾ ان جو چوٿون حصو به نٿا ڏيکاريون. بدقسمتي سان شوبز ھڪ ڪاروبار آھي، جنھن تي تنقيد ڪرڻ ھر ڪو پنھنجو حق سمجھي ٿو. ھو ان ڳالھه تي غور نٿا ڪن ته اسان کي غير فطري ۽ ايبنارمل حالتن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن آئون صبح جو اسٽوڊيو ايندو آھيان ته منھنجي سامھون سوين مسئلا ھوندا آھن، جنھن کي يڪدم سلجھائڻو ھوندو آھي. ميڪ اپ روم کان سيٽ تي پھچڻ تائين ڪيترائي مسئلا رونما ٿي چڪا ھوندا آھن. جنھن ۾ منھنجي صحت جا مسئلا پڻ ھوندا آھن. اسان آرٽسٽ آھيون، ڇا اسان جو معاشرو اسان کي پنھنجين صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ جو موقعو ڏيندو آهي؟ ڇا اسان جي نجي زندگي جو احترام ڪيو وڃي ٿو؟ ڇا ڪنھن اھو سوچو آھي ته اسان به انسان آھيون، اسان کي به ڪي حادثا پيش آيا ھوندا، ان دوران اسان خوشي جا سين فلمبند ڪرايا ھوندا. آئون پنھنجون تڪليفون نه پيو ٻڌايان، پر جيڪي ماڻھو صبح جو نائين وڳي کان پنجين وڳي تائين مختلف ڪم ڪار يا نوڪريون ڪندا آهن، اھي اھڙا قسم جا دٻاءُ برداشت نٿا ڪن، جيڪي اسان ڪندا آھيون. ڪيترائي ماڻھو صبح جو سيٽ تي ايندا آهن، ھو چوندا آهن ته اسان صرف سلام پيش ڪرڻ لاءِ ايندا آھيون. ٺيڪ آ اسان سندن احترام ڪيون ٿا، پر جنھن ڳالھه کي نظرانداز ڪندا آهن، اھا ھي آھي ته، انھن کان اڳ پنجاھ ماڻھو اھو جملو ڳالھائي ويندا آهن ۽ ان کانپوءِ اچڻ وارا به اھوئي جملو ڳالھائيندا. ھي آھي اھا قيمت جيڪا توھان کي پنھنجي ڪاميابي جي بدلي ادا ڪرڻي پوندي آهي. آخرڪار اسان به انسان آھيون، اسان کان به نالا وسري سگھن ٿا، ماڻھو جا چھرا وسري سگھن ٿا. جڏھن ايئن ٿيندو آهي ته ماڻھو اسان کي مغرور چوندا آهن. جيڪي ماڻھو با اختيار آھن، انھن جو حال ته بدترين آھي. انڪم ٽيڪس آفيسر، بئنڪن جا ملازم، آڊيٽرز، ڪسٽم آفيسر ۽ پوليس وارا شوٽنگ ڏسڻ ايندا آهن ۽ توقع رکندا آهن ته کين سٺا نظارا ڏيکاريا وڃن. جڏهن توھان شوٽنگ ۾ مصروف ھجو ۽ اھڙن ماڻھن تي توجهه نه ڏئي سگھو ته پوءِ مصيبت لاءِ تيار رھو. توھان جو فون مھينن جا مھينا خراب ھوندو، توھان جي فلمن کي سينسر ڪيو ويندو ۽ ٻاھرين دورن دوران توھان جو سامان ضبط ڪيو ويندو… اھا آھي توھان جي ڪاميابي!”
ڇنڇر: ڪلھه اميتاڀ بچن پنھنجو حفاظتي جيڪيٽ لاھي ڇڏيو ھو، اڄ ٻيھر ھن پاتو آهي. اھا ڪا غير معمولي ڳالھه ناھي، اميتاڀ بچن سان لاڳاپيل ماڻھو سندس تبديل ٿيندڙ موڊ جا عادي ٿي ويندا آهن. شوٽنگ شروع ٿيڻ کان پھرين ھو ٻڌائيندا آهن، آئون رات سمھي نه سگھيس، آئون گھڻو ٿڪل آھيان. شوٽنگ اڄ صبح ٿيڻي ھئي، پر گذريل رات اميتاڀ کي دم جو دورو پيو، ان ڪري شوٽنگ ملتوي ڪرڻي پئي. بيماري جي ڪري ھو ٿڪل ٿڪل نظر اچي رھيو آھي. يش چوپڙا جيڪو پنھنجي ڀائٽي روي چوپڙا سان گڏ شوٽنگ ڪري رھيو آھي، اھو ساڻس ملڻ اچي ٿو. ان جي وڃڻ کانپوءِ شيو لوشن جي خوشبو فضا ۾ دير تائين ھوندي آھي. اميتاڀ چوي ٿو ته؛ “ڇا توهان محسوس ڪيو آهي ته خالي ڪمرا به ساھ کڻندا آهن. جيڪڏهن توھان ٻڌي سگھو ٿا ته خاموشي به ڳالھائيندي آھي. ڇا توھان ايئرڪنڊيشن جا سرٻاٽ ٻڌي سگھو ٿا؟ اھا اسان کي ٻڌائيندي آهي ته ٿڪي چڪي آھيان، ڀتيون اسان کي ٻڌائينديون آھن ته ڪلر جي ضرورت آھي.” ھو منھنجي چھري تي پريشانيءَ جو تاثر ڏسي مسڪرائڻ لڳي ٿو;” منھنجي ڳالھين تي گھڻو سنجيده نه ٿجان.” ھو گفتگو جو موضوع مٽائيندي چوي ٿو ته; “سڄي شھر ۾ منھنجون پراڻيون فلمون ھلايون پيو وڃن، جڏھن به منھنجي ڪا پراڻي فلم ھلندي آھي ته ماڻھو مون تي الزام ھڻندا آھن ته آئون پنھنجي مشھوري مان فائدو حاصل ڪري رھيو آھيان. مون تي اھو به الزام ھنيو وڃي ٿو ته آئون پنھنجي مد مقابل ھيرو جي نئين فلم کي ناڪام بنائڻ لاءِ ايئن ڪندو آھيان. ڪير به اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ته ڇا اھو سڀ ڪجھه منھنجي مرضي سان ٿي رھيو آھي، سچي ڳالھه اھا آھي مون کي ته اھا خبر ئي ناھي ھوندي ته منھنجي ڪا پراڻي فلم ھلائي پئي وڃي. ايترو عرصو گذري وڃڻ باوجود به ھر ماڻھو ‘شعلي’ جي بزنس جي ڳالهه ڪري ٿو. جيستائين منھنجو تعلق آهي ته مون کي صرف ھڪ ڀيرو فقط ھڪ لک رپيا مليا ھئا. ان کانپوءِ ڪيترا ڀيرا فلم ھلائي وئي، مون کي ڪا خبر ناھي ۽ نه ئي مون کي ڪو ھڪ رپيو به مليو آهي.” ھو ڏکارو ٿي ويو ۽ پوءِ ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ مانجهاندي ۾ ٻيھر خوش ۽ کلندي نظر اچي ٿو. پراوين ماني ميز تي لڳائي ٿو، پھرين ھو چادر وڇائي ٿو، ان کانپوءِ ٿڌي پاڻي جو گلاس ۽ کنگھه جو شربت رکي ٿو. اميتاڀ بچن ڏسندو رھي ٿو; “ھن دفعي ڊاڪٽر مون کي سڀئي دوائون کائڻ کان منع ڪيو آهي، ھو چوي ٿو آئون بلڪل تندرست آھيان، ھاڻي مون کي صرف وزن گھٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ان کانپوءِ اوڪي ٿي ويندس.” ھو طنزيه لھجي ۾ کلي ٿو; “منھنجو خيال آھي ته ان خطرناڪ حادثي کانپوءِ آئون مڪمل طور تي اوڪي نٿو ٿي سگھان.” ٿوري وقت لاءِ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. پوءِ ھو گفتگو جو موضوع بدلائي پنھنجي ٻارن متعلق چوي ٿو; “ٻارن کي ڪلھه شام جو سيٽ تي وٺي آيا ھئا، ھو منھنجي ميڪ اپ ڪرڻ تائين موجود ھئا. اسان ڪارٽر روڊ، باندرا تائين ڊگھي مسافت ڪئي ھئي. ڪلھه سج لھڻ وارو منظر ڏاڍو حسين ھو، ڇا توھان ڏٺو ھو؟ اسان وين سمنڊ جي ڪناري تي روڪرائي چاٽ کاڌي، ڏاڍو مزو آيو. پوءِ اسان ٻارن جي زور ڀرڻ تي پري ويو شو ڏسڻ وياسين. حالانڪه منھنجو موڊ نہ ھو، پر ٻارن جي اصرار تي وڃڻو پيو.”
ھو گھڻو خوش ھو، آئون به خوش ھئس ۽ منھنجي خوشي جو سبب فقط اھو ھو ته ھو خوش ھو.
…(پورو ٿيو)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو