مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آفيسرن سنڌ جي صحت واري نظام کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، جج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته آفيسرن سنڌ جي صحت واري نظام کي تباه ڪري ڇڏيو آهي. ٻن ججن تي مشتمل بينچ جي صدارت ڪندي جسٽس صلاح الدين چيو ته گڏيل قومن ايڊز ۽ کاڌ خوراڪ واري معاملي سبب سنڌ کي صوماليه سان ڀيٽيو آهي. هن وڌيڪل چيو ته ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز جي پوسٽ بيڪار ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڊائريڪٽر جنرل صرف اسپتالن کي سپروائيز ڪري ٿو. هي ڳالهيون جسٽس صلاح الدين، پٿورو تعلقي  اسپتال جي حالت تي داخل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيون.  هن ٻڌڻي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ابراهيم ميمڻ به موجود هيو . هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي هيلٿ ٻڌايو ته سنڌ اندر 9 ورٽيڪل پروگرام هلي رهيا آهن. جن کي 19 ۽ 20 گريڊ جا آفيسر آزادانا طور تي هلائي رهيا آهن. جنهن جي جواب ۾ جسٽس صلاح الدين چيو ته ورٽيڪل پروگرام ته ڊي جي هيلٿ اختيار هيٺ نه ٿا اچن. ان ڪري اهڙن پروگرامن کي گڏ ڪري ڇو نه ٿو هلا يو وڃي ڊي جي هيلٿ جواب ڏنو ته 2002 تائين اهو سسٽم ڊي جي هيلٿ جي ڪنٽرول ۾ هيو.  جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي مان صرف اسپتالن کي سپروائيز ڪري سگهان ٿو. ڊپٽي سيڪريٽري چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪيو آهي ته سيشن جج کي اسپتالن جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي کليل ڪچهري لڳائڻ گهرجي. جنهن جي جواب ۾ جسٽس صلاح الدين چيو ته ڊي جي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پنهنجن آفيس ۾ بت بڻيا ويٺا هوندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته توهان ورٽيڪل سسٽم جي نالي تي صحت جي نظام کي تباه ڪري ڇڏيو آهي. ان جي پويان ضرور ڪا منطق هوندي. پر گڏيل قومن سنڌ  کي صوماليه سان ڀيٽيو آهي جيڪا حالت 20 سال اڳ نه هئي. اسان هن صورت حال تائين ڇو پهتا آهيون.  ڊي جي هيلٿ ابراهيم ميمڻ ڪورٽ کي ٻڌايو ته پٿورو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جون نيون پوسٽون آنديون ويون آهن. 9 ڊاڪٽر اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهيا هيا. هاڻي اتي 15 نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسپتالن لا ءِ 75.183 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پر هن وقت به اسپتالن ۾ مرمت جي ڪم جي ضروورت آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو