نياڻين کي راندين جا موقعا ڏيو، سندن حوصلا افزائي ڪريو!
راندين جو ميدان رڳو جسماني طاقت، رفتار ۽ مقابلي جو ذريعو نه، پر خود اعتمادي، همت، نظم ۽ محنت سان اڳتي وڌڻ جو هڪ اهم رستو پڻ آهي. ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اهو پنهنجي نياڻين کي اڳتي وڌڻ جا ڪيترا موقعا فراهم ڪري ٿو. جيڪڏهن ڇوڪرين کي تعليم سان گڏ راندين جي ميدان ۾ به برابر جا موقعا ڏنا وڃن، ته اهي نه رڳو پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن ٿيون، پر ملڪ ۽ قوم جو نالو پڻ روشن ڪري سگهن ٿيون. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اڄ به ڇوڪرين جي راندين ۾ شرڪت کي سماجي پابندين، محدود سوچ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب گهربل اهميت نه ٿي ڏني وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن سوچ کي تبديل ڪري نياڻين لاءِ راندين جا دروازا وسيع ڪيا وڃن. 54هين قومي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ 2026ع ۾ سنڌ جي ماهه نور فاطمه، واپڊا جي نازيا ۽ اعليٰ تعليمي ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ڪنزا فاطمه جون ڪاميابيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڇوڪريون مناسب موقعا ملڻ تي قومي سطح تي پنهنجي قابليت مڃرائي سگهن ٿيون. چيمپيئن شپ جي شروعاتي ڏينهن سنڌ جي ماهه نور فاطمه عورتن جي پنج هزار ميٽر ريس واڪ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري صوبي لاءِ پهريون سون جو تمغو کٽيو. واپڊا جي عماره منور چانديءَ ۽ پنجاب جي سويرا ڪانسيءَ جو تمغو حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي هڪ نياڻيءَ قومي سطح تي پنهنجي صوبي جو نالو روشن ڪيو.
عورتن جي 800 ميٽرن جي ڊوڙ ۾ واپڊا جي نازيا مقرر فاصلو 2 منٽ ۽ 25.10 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري سون جو تمغو حاصل ڪيو، جڏهن ته ايڇ اي سي جي ندا ڪريم چانديءَ ۽ واپڊا جي ردا ڪانسيءَ جو تمغو کٽيو. ٻئي پاسي عورتن جي 400 ميٽرن جي رڪاوٽن واري ڊوڙ ۾ ايڇ اي سي جي ڪنزا فاطمه پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. واپڊا جي مسرت شاهين چانديءَ ۽ جويريا خان ڪانسيءَ جو تمغو ماڻيو. اهي ڪاميابيون ظاهر ڪن ٿيون ته ڇوڪرين ۾ محنت، صلاحيت ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو موجود آهي؛ ضرورت رڳو کين مناسب ماحول ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي آهي. انهن ڪاميابين کي رڳو تمغن تائين محدود ڪري نه ڏسڻ گهرجي، پر انهن کي مثبت سماجي تبديليءَ جي امڪان طور سمجهڻ گهرجي. جڏهن ڪا ڇوڪري قومي سطح تي ڪاميابي حاصل ڪري ٿي، ته اها ٻين ڪيترين ئي ڇوڪرين لاءِ اتساهه ۽ اميد جو سبب بڻجي ٿي. اهڙيون ڪاميابيون انهن خاندانن جي سوچ تي به مثبت اثر وجهي سگهن ٿيون، جيڪي اڃا تائين نياڻين جي راندين ۾ شرڪت بابت خدشا رکن ٿا. تنهنڪري رانديگرياڻين جي محنت کي مڃتا ڏيڻ، سندن ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين وڌيڪ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ جهڙي وڏي ۽ ثقافتي طور شاهوڪار صوبي ۾ ڇوڪرين جي راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ خاص قدم کڻڻ گهرجن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن سان گڏ ٻهراڙين ۽ ننڍن تعلقن ۾ به ڪيتريون ئي باصلاحيت ڇوڪريون موجود ٿي سگهن ٿيون، جيڪي راندين ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش رکن ٿيون، پر مناسب ميدانن، راندين جي سامان، تربيت ڏيندڙن ۽ مقابلن جي کوٽ سبب سندن صلاحيتون سامهون نه اچي سگهنديون آهن. جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي صلاحيت ڏيکارڻ جو موقعو ئي نه ملندو، ته سندس قابليت جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي؟
سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي، تعليم کاتي، مقامي حڪومتن ۽ راندين جي تنظيمن کي گڏجي هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڇوڪرين لاءِ باقاعده مقابلا ڪرائڻ گهرجن. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ راندين جون سرگرميون وڌايون وڃن ۽ ضلعي سطح کان صوبائي سطح تائين مقابلن جو منظم سلسلو قائم ڪيو وڃي، جيئن باصلاحيت رانديگرياڻين کي قومي مقابلن تائين پهچڻ جو موقعو ملي. خاص طور تي ٻهراڙين جي ڇوڪرين لاءِ محفوظ راندين جا ميدان، عورت تربيت ڏيندڙ، مناسب سامان ۽ آمدرفت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ضروري آهي. ڇوڪرين جي تربيت کي وقتي سرگرميءَ بدران مستقل عمل بڻايو وڃي. راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڇوڪرين لاءِ وظيفا، مالي سهائتا، انعام ۽ اعليٰ تربيت جا موقعا پڻ پيدا ڪرڻ گهرجن. اسڪولن ۾ راندين کي پڙهائيءَ کان گهٽ اهميت ڏيڻ بدران، انهن کي شاگردياڻين جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه جو لازمي حصو سمجهيو وڃي. والدين کي به اها ڳالهه سمجهائڻ گهرجي ته راندين ۾ شرڪت ڇوڪرين جي تعليم يا شخصيت جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ نه، پر خود اعتمادي، صحت ۽ ذميواريءَ جو احساس وڌائڻ جو ذريعو آهي. اسان جي معاشري ۾ اڃا تائين ڪجهه اهڙا رويا موجود آهن، جن تحت ڇوڪرين جي صلاحيتن کي سندن جنس جي بنياد تي محدود ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن سماجي دٻاءُ، ڪڏهن سهولتن جي کوٽ ۽ ڪڏهن خاندانن جا خدشا نياڻين جي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏ خاندانن، استادن، سماجي اڳواڻن ۽ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇوڪرين جي حوصلا افزائي ڪرڻ، سندن محنت کي ساراهڻ ۽ کين پنهنجن مقصدن تائين پهچڻ ۾ مدد ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ماهه نور فاطمه، نازيا ۽ ڪنزا فاطمه جون ڪاميابيون اسان کي اهو پيغام ڏين ٿيون ته صلاحيتن کي جنس جي بنياد تي نه، پر محنت ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پرکڻ گهرجي. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڇوڪرين لاءِ راندين جا موقعا وڌايا وڃن ۽ هر ضلعي ۾ باقاعده مقابلا ڪرايا وڃن، ته مستقبل ۾ وڌيڪ نياڻيون قومي ۽ بين الاقوامي مقابلن ۾ صوبي جي نمائندگي ڪري سگهن ٿيون. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته انهن ڪاميابين مان سبق حاصل ڪري عملي قدم کڻن. نياڻين کي راندين جا موقعا ڏيڻ، سندن حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ سندن ڪاميابين کي مڃتا ڏيڻ رڳو راندين جي ترقي نه، پر هڪ صحتمند، خود اعتماد ۽ ترقي پسند سماج جي تعمير ڏانهن اهم قدم آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟