مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خوف ۽ برداشت جي تاريخ کي سچائيءَ سان سمجهڻ ئي تاريخ سان انصاف آهي

Riaz Ahmed Soomro

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

خوف انسان جي فطرت ۾ آهي، خطري جي سامهون جسم ۽ ذهن جو خبردار ٿيڻ ڪا خامي نه، بقا جو فطري طريقو آهي، پر برداشت جو مطلب خوف کان خالي هجڻ ناهي، خوف هوندي به پنهنجي فيصلي، اصول يا ساٿيءَ سان بيهي سگهجي ٿو. اها قوت ڪنهن کي فطري طور ڪجهه وڌيڪ ملي سگهي ٿي، پر اها رڳو ڄمڻ سان مقرر نٿي ٿئي. خوف انسان ۾ فطري آهي، پوءِ به سياسي قيدي، ڌاڙيل يا عام ڏوهاري سخت پڇا ڳاڇا ۾ ڪهڙن سببن ڪري خاموش رهي ٿو، اقرار ڪري ٿو يا پنهنجن جا نالا بچائي ٿو؟ تربيت، مقصد سان وابستگي، ساٿين تي اعتماد ۽ ذهني تياري ماڻهوءَ جي ڏکين حالتن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائي سگهن ٿا. نفسياتي تحقيق ۾ به برداشت کي هڪ اهڙي صلاحيت طور ڏٺو ويو آهي، جيڪا ماحول ۽ سکيا سان بدلجي سگهي ٿي، البته ان جو مطلب اهو ناهي ته هر ماڻهوءَ کي تشدد لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو يا تشدد سهڻ کي تربيت جو سٺو نتيجو چئي برداشت يا بهادري جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.
اسلام ۾ خوف ۽ اميد انسان جي اخلاقي تربيت جا ٻه پاسا آهن، گناهه ۽ حساب جو خوف ۽ نيڪيءَ جي ثواب جي اميد، پر وڏي اخلاقي آزمائش اها آهي ته ماڻهو اڪيلائيءَ ۽ دٻاءُ ۾ ڪهڙي نيت سان بيهي ٿو، سزا کان بچڻ لاءِ، انعام جي آسري تي يا پنهنجي ضمير ۽ حق جي خاطر؟ سياسي قيديءَ جي ثابت قدمي، ڌاڙيل جي ساٿيءَ لاءِ خاموشي ۽ عام ماڻهوءَ جي سچ ڳالهائڻ کي هڪ ئي نالي سان بهادري نٿو چئي سگهجي، هر عمل جي نيت ۽ نتيجي کي به ڏسڻو پوندو.
اڄ کان ٽيهه، چاليهه سال اڳ واري سنڌ کي ياد ڪجي ته سوال رڳو اهو ناهي ته ڪنهن وڌيڪ مار کاڌي، سوال اهو به آهي ته ماڻهن ڪهڙي مقصد يا مجبوريءَ ۾ اها مار سٺي ۽ ڪهڙو راز بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. سياسي قيدي، هٿيار کڻي ڪچي ۾ ويل ماڻهو ۽ چوريءَ جي الزام ۾ لاڪ اپ ۾ پيل ماڻهو سڀ رياستي تشدد يا پڇا ڳاڇا جو شڪار رهيا آهن، پر سندن حالتون ۽ وفاداريون هڪجهڙيون نه هيون. تاريخي رڪارڊ مان ڪنهن هڪ کي سڀني کان وڌيڪ برداشت ڪندڙ قرار ڏيڻ ممڪن ناهي، پر ڪي نالا ۽ واقعا اهڙا آهن، جن مان ان وقت جي سختيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن مان پنهنجي ئي ننڍپڻ ۽ ماضيءَ تي نظر ٿو وجهان ته مون کي گرم تئي تي ويهاريل هڪ وجود ٿو ياد اچي، ڪاٺ جي پيتين کي ويڙهيل لوهي پٽن سان ڪٽجندڙ ڪو ٻار ٿو ياد اچي، ڪنهن کي وڻ سان ٻڌي پاڻي هاري ماڪوڙن کان چڪرائڻ ياد ٿو اچي ۽ ڪجهه ظلمن ۽ جبر کان تنگ ٿي باغي بڻجي فجر ويل گهر وارن لاءِ هڪ خط لکي، ڌاڙيل ٿيڻ لاءِ ڪو ڀڳل نوجوان ياد ٿو اچي ۽ زماني جي بندشن جو باندي بڻيل هڪ منڌل نوجوان ياد ٿو اچي.
بين الاقومي اڳواڻن ۾ منڊيلا قيد جون اذيتون برداشت ڪري، پنهنجي مقدمي کي پنهنجو سياسي پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ جو ذريعو بڻايو. 1964ع ۾ هن عدالت ۾ ڪيل تقرير ۾ پنهنجي جدوجهد جو مقصد بيان ڪيو. اها تقرير گڏيل قومن جي ويب سائيٽ تي محفوظ آهي.
ڀڳت سنگهه ۽ ٻين انقلابي قيدين جيل ۾ بک هڙتال ذريعي سياسي قيدين سان سلوڪ بابت احتجاج ڪيو. اهو سندس جسماني تڪليف قبول ڪرڻ سان گڏ منظم سياسي احتجاج جو مثال آهي. گانڌيءَ 1922ع جي مقدمي ۾ پنهنجي موقف جو بيان ڏنو ۽ سزا قبول ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر برمنگهم جيل مان خط لکي قيد کي عدم تشدد واري احتجاج جي دليل ۾ تبديل ڪيو.
سنڌ جي سياسي قيدين ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي جيل واري برداشت بابت رڳو سندس موت جي ڪوٺڙيءَ مان لکيل ڪتاب “جيڪڏهن مان قتل ڪيو وڃان” ۾ جيل جي حالتن، مقدمي ۽ سندس موقف بابت سندس پنهنجا لفظ شامل آهن. 1978ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڏانهن موڪليل سندس خط ۾ هن اڪيلائي، بيماري ۽ علاج نه ملڻ جي شڪايت ڪئي. هن لکيو ته جيل جي حالتن خلاف هو بک هڙتالون ڪري چڪو هو. ساڳئي خط ۾ هن اسپتال منتقل ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو ته هو ڀڄڻ وارو ناهي. سياسي قيدين جي سختين بابت وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته سينٽرل جيلن بابت سنڌي مضمونن ۾ وڌيڪ نالا اچن ٿا. هڪ مضمون موجب شهيد نذير عباسي، ڄام ساقيءَ کي جيل ۾ سختيون ڏنيون ويون، امداد چانڊيو ۽ شير محمد مڱريي کي ڏهه ڏهه ڪوڙا هنيا ويا ۽ ٻنهي مجموعي طور ست سال جيل ڪاٽي. ساڳئي احوال ۾ ڏاڏو متارو ڏاهري، محمد سليمان ڏاهري، ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ، ڊاڪٽر خان محمد لغاري، عنايت هيسباڻي، محمد خان سولنگي، اسرار لانگاهه، وزير لاکو ۽ حسن راڄڙ سميت ٻين سياسي قيدين جا نالا ڏنل آهن. مضمون ٻڌائي ٿو ته سياسي قيدي بند وارڊ، ڏنڊا ٻيڙين ۽ ڊگهين بک هڙتالن کي منهن ڏيندا هئا.
ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڦٽڪن ۽ ڪوڙن جي پهلو کي به وساري نٿو سگهجي. ايم آر ڊيءَ جي دور ۾ برداشت جو هڪ اهڙو باب به آهي، جنهن جا قيدي اڃان تائين نالن کانسواءِ تاريخ ۾ بيٺل آهن. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽن ۽ ٻين هم عصر دستاويزن کي ڌيان ۾ آڻجي ته ڪوڙن جي سزا ملڻ، سزا تي عمل ٿيڻ ۽ پوليس جي پڇا ڳاڇا دوران مار کائڻ تي الاهي ڳالهيون نظر مان گذرن ٿيون، جيئن جيل جي قيدي جاويد نعماني 1984ع جي مئي مهيني واري واقعي جو احوال ڏئي ٿو. سندس چوڻ موجب، سنڌ جي جيل ۾ 15 سياسي قيدين کي فوجي عدالتن ڪوڙن جي سزا ڏني هئي. اهي پيپلزپارٽي، هاري ڪاميٽي، عوامي تحريڪ ۽ پي ايس ايف سان لاڳاپيل هئا. قيدين درخواست ڪئي ته جيڪڏهن فوجي اختيارين رمضان ۾ ڪوڙا نه هڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ته سزا رمضان کان اڳ ڏني وڃي. اختيارين ٽال مٽول ڪئي ته قيدين بک هڙتال ڪئي، پوءِ 15 ڄڻن کي مجموعي طور 200 ڦٽڪا هنيا ويا.
انهيءَ ڳانڍاپي جي پسمنظر ۾ ڏسبو ته ذوالفقار قادريءَ جو ڪتاب “جيل ڊائري جا ورق” ۾ قادري لکي ٿو ته 14 آگسٽ 1981ع تي مارشل لا خلاف سرگرمين جي الزام ۾ کيس ۽ توصيف ملڪ کي گرفتار ڪيو ويو. ملٽري ڪورٽ ۾ پيشيءَ وقت ساڻن گڏ پرو چانڊيو، سندس ڀاءُ علي گوهر چانڊيو، نادر جسڪاڻي ۽ سندن ٽولي جا ٻيا ماڻهو به پيش ٿيا. قادريءَ جي يادگيريءَ موجب، پرو چانڊيو سياسي قيدين کان پڇيو ته کين ڪهڙي واردات ۾ آندو ويو آهي، سياسي ڪارڪنن جواب ڏنو ته سندن ڏوهه مارشل لا خلاف تقريرون ۽ سرگرميون آهن. جنهن تي پرو کين چيو، “ان کان ته چڱو هو اسان سان جوڙ هڻو ها.”
ڪچي ۽ ڪاڇي جي ڌاڙيلن بابت هڪ ٻي سنڌي لکڻيءَ ۾ مبين ڏاهري، صديق ڳهيلو، پرو چانڊيو، گوهر چانڊيو، ڪارو ڪرڪلي ۽ سرور چانڊيو جا نالا گڏ اچن ٿا. ليکڪ دعويٰ ڪري ٿو ته اهي پوليس ۽ مقامي وڏيرن جي ظلمن کان باغي ٿي ڌاڙيل بڻيا. اها لکڻي انهن نالن ۽ مقامي روايتن جو سراغ ڏئي ٿي، پر “ظلم سبب ڌاڙيل ٿيڻ” کي هر فرد لاءِ ثابت ٿيل حقيقت چوڻ ڪجهه اٻهرائپ ٿيندي. وڏي پسمنظر لاءِ امداد حسين سهتي جي ڌاڙيل راڄ جو ڏهاڪو 1984ع کان 1995ع تائين نالي تحقيقي ڪم جو حوالو به اهم آهي. اهو شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيل پي ايڇ ڊي ٿيسز ۽ پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان ڇپيل ڪتاب طور سڃاتو وڃي ٿو. اهو ڪتاب سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ڏوهن ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪيل قدمن جو تاريخي جائزو ڏئي ٿو.
ڪامريڊ غلام رسول سهتي پنهنجي اڻ چپيل ڪتاب ۾ هڪ هنڌ ذڪر ڪيو آهي، جڏهن هو مير ٿيٻي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کانپوءِ ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ مير ٿيٻي کي ڇڏرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ ويندو هو ته هن کي ڌاڙيلن طنزيه طور چيو هو اڄڪلهه جيڪي چورن مان ڌاڙيل پيا ٿين، اهي ته اهڙا آهن جو اهي پوليس جي هڪ واردات به برداشت نٿا ڪري سگهن، انهن ۾ ڪجهه ته اهڙا به آهن، جيڪي موچڙا لڳڻ تي گهر ۾ پيل پنهنجين زالن جا ڳهه به کڻي اچي ٿاڻي تي جمع ٿا ڪرائين ته هي به اسان ڦر ڪيا هئا. مرحوم ڪامريڊ غلام رسول سهتي اهڙي قسم جي خواهش به لکي آهي ته سياسي قيدين، ڌاڙيلن ۽ چورن جي مارن پچائڻ تي ڪنهن پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي ٿيسز طور تحقيق لاءِ ڪم سونپيو وڃي. جيڪو رٽائرڊ پوليس آفيسرن، سياسي قيدين، ڌاڙيلن ۽ چورن کان ڄاڻ گڏ ڪري.
آخرڪار برداشت کي نه ڪنهن هڪ ڌر، نه ڪنهن هڪ لقب ۽ نه ئي رڳو جسم تي لڳل ڌڪن سان ماپي سگهجي ٿو. اصل سوال اهو آهي ته ماڻهو خوف جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي ضمير، ساٿين ۽ اصولن سان ڪيئن بيهي ٿو. تاريخ ۾ ڪيترن جا نالا لکجي ويا، ڪيترن جا اڃان اوجهل آهن، پر هر خاموشيءَ ۽ هر قربانيءَ کي بنا جاچ جي بهادري يا بزدليءَ جو نالو ڏيڻ بدران، سچائيءَ سان سمجهڻ ئي تاريخ سان انصاف آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو