مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 سنڌ ڪابينا ۾ 4 نوان وزير ۽ ٻه صلاحڪار شامل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ڪابينا ۾ 4 نوان وزير ۽ 2 صلاحڪار شامل ڪيا آهن. هنن نون وزيرن ۾ سيد ناصر حسين شاهه، عبدالباري پتافي، اڪرام ڌاريجو ۽ سهيل انور شامل آهن. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چئن وزيرن ۽ صلاحڪارن کان حلف کڻايو. سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ وزيرن جو تعداد هاڻي 18 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته سيد ناصر حسين شاهه ۽ عبدالباري پتافي اڳ ۾ به ڪابينا جا وزير هئا پر هنن ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجي سيٽن سان استعيفيٰ ڏني هئي. حلف نامي کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ جي وڏي وزير ٻن نون صلاحڪارن جي مقرري جي به منظوري ڏني آهي. ٻنهي نون صلاحڪارن ۾ نثار کهڙو ۽ سيد اعجاز علي شاهه شيرازي شامل آهن. هاڻي وڏي وزير جي صلاحڪارن جو تعداد 4 ٿي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو