هڪ طاقتور نوجوان ولي عهد تاريخ جي ڪمزور سطح تائين
محمد بن سلمان جي پيءُ شاهه سلمان بن عبدالعزيز پنهنجي خانداني روايتن کي هڪ پاسي رکي پنهنجي پٽ محمد بن سلمان کي نئون ولي عهد نامزد ڪري ڇڏيو ۽ ايئن 2006ع ۾ ٺاهيل بيعت ڪائونسل جيڪا تمام گهڻي بااثر ۽ بزرگ شهزادن ۽ ان جي ويجهن مائٽن تي مشتمل هئي ۽ نئين ولي عهد جي نامزدگي وقت صلاح مشوري ۽ اتفاق راءِ سان نئون ولي عهد چونڊيندي هئي، ان جو اثر ختم ٿي ويو. ان کان اڳ سعودي عرب ۾ بادشاهه پنهنجي پٽ کي نامزد ڪرڻ بجاءِ اقتدار پنهنجي ڀاءُ ڏانهن منقتل ڪندو هو. جنهن سان هڪ گڏيل طاقتور خانداني نظام هلي رهيو هو ۽ اندروني شورشن جو خطرو گهٽ هو. محمد بن سلمان هڪ طاقتور ولي عهد جي طور اڀري سامهون آيو ۽ هن ويزن 2030 ڏئي دنيا کي پيغام ڏنو ته سعودي عرب 2030ع ۾ صرف تيل جي معيشت تي نه بلڪه سياحت جي معيشت بڻجي ويندو. تيزيءَ سان سرمائيڪاري اچڻ لڳي، نيوم سٽي تي معيشت جو وڏو حصو خرچ ٿيڻ لڳو، پر اوچتو ئي اوچتو سڄي بساط اونڌي ٿي وئي. هن وقت ايم بي ايس هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي، جتي نه صرف کيس ٻاهريان، پر اندروني خطرا به اڳيان اچي سگهن ٿا. عالمي رپورٽن ۽ اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ جي انگن اکرن مطابق سعودي عرب پنهنجي دفاعي تي بجيٽ 80 کان 85 ارب آمريڪي ڊالر خرچ ڪري ٿو، جيڪو ان جي قومي پيداوار جو لڳ ڀڳ 6.5% ٿئي ٿو. ان هوندي به هو حوثي حملا آورن کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي. تازو انصار الله پاران سعودي عرب جي رياض ايئرپورٽ کي ميزائيلن ۽ ڊرون حملن سان نشانو بڻايو ويو. سعودي عرب جي سڀ کان اهم معيشت تيل جون تنصيبات جنهن ۾ آرامڪو فيسلٽيز شامل آهن، انهن جي سائيٽن ۽ آئل فيلڊن کي ميزائيلن ۽ ڊرونن سان فائر ڪيو ويو. سعودي عرب جون ينبع ۽ جده واريون بندرگاهون جيڪي ڳاڙهي سمنڊ ۾ آهن انهن مان گذرندڙ تجارتي تيل جي ٻيڙن کي به ڊرونن ۽ بيلسٽڪ ميزائيلن کان سڌو خطرو آهي.
سعودي عرب جي روز جي 8.4 ملين بيرل تيل جي پيداوار جيڪا روز 6 کان 7 ملين بيرل هئي، هاڻ 4.4 ملين تائين پهچي وئي آهي. دنيا تبديل ٿي چڪي آهي. پراڻن معاهدن جي جاءِ تي نوان معاهدا ۽ پراڻن اتحادن جي جاءِ تي نوان اتحاد ٿي رهيا آهن. سعوديه ۽ آمريڪا جو 1974ع ۾ ٿيل پيٽرو ڊالر معاهدو جنهن تحت آمريڪا کي سعوديه کي فوجي تحفظ فراهم ڪرڻو هو، تازو سعودي عرب ان جي تجديد کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اهو آمريڪا لاءِ قابل قبول ناهي. هاڻي سعوديه صرف ڊالر تي نه بلڪه بدلجندڙ صورتحال سان چين جي اڀرندڙ طاقت کي ڏسندي تيل چين جي ڪرنسي “يووان” يا ٻين ڪرنسين ۾ وڪڻڻ لاءِ آزاد آهي. سعوديه جو برڪس تنظيم ۾ شامل ٿيڻ به ان حڪمت عمليءَ جو حصو آهي. وقت ثابت ڪيو ته آمريڪا سعوديه لاءِ ڪڏهن به بااعتماد ساٿي نه رهيو.
عملي طور آمريڪا ڪڏهن به سعوديه کي تحفط نه ڏئي سگهيو. حوثي حملن يا ٻين بحرانن ۾ سعوديه اڪيلو رهيو. اهڙي صورت ۾ پيٽرو ڊالر جي پابنديءَ کي برقرار رکڻ سعوديه لاءِ ڏکيو ٿي پيو. سعوديه جي آزاديءَ جي اظهار کيس انصارالله جي حملن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن وقت ولي عهد وقت جي دو ڌاري تلوار سان مقابلو ڪري رهيو آهي. هڪڙي پاسي 2030ع وارو پروجيڪٽ جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هي منصوبو پورو نه ٿيو ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري ان سطح تي نٿي اچي ته سعوديه جي معيشت کي سخت نقصان پهچندو. ايم بي ايس جي 2030ع ويزن ظاهر ڪرڻ کانپوءِ دنيا ۾ کيس هڪ طاقتور ولي عهد طور ڏٺو پئي ويو، اهو آمريڪا لاءِ برداشت ڪرڻ ڏکيو هو. پيٽرو ڊالر معاهدي مان نڪرڻ کانپوءِ ايم بي ايس برداشت ڪرڻ اڃان ڏکيو ٿي پيو. آمريڪا سعوديه کي پنهنجي دٻاءُ ۾ رکي سندس سلامتيءَ جو انحصار پاڻ تي قائم ڪيو. آمريڪا جو ايران مٿان حملو، اسٽريٽ آف هرمز ۽ باب المندب جي بندش کانپوءِ اها صورتحال سعوديه جي ناڪابندي بڻجي وئي. آمريڪي پاليسي اها رهي آهي ته وچ اوڀر جا ملڪ پنهنجا تڪرار پاڻ ۾ حل نه ڪري سگهن ۽ چين کي به انهن جي پٺيان ڏسڻ نٿو چاهي. ايم بي ايس جو چين ۽ ٻين اڀرندڙ طاقتن ڏانهن جهڪاءُ ئي کيس ان موڙ تي آندو آهي. مڪه معاهدي باوجود پاڪستان يا ترڪيه به ان جنگ ۾ سڌا سنوان انصارالله سان سامهون نٿا ٿيڻ چاهين. جڏهن ڪوبه ملڪ بحران ۾ ڦاسي ٿو ته وڏيون طاقتون ان جي مدد لاءِ صرف ان وقت اچن ٿيون، جڏهن سندن مفاد متاثر ٿيندا هجن. هن وقت آمريڪا حوثين سان ڳالهه ٻولهه ڪري پاڻ کي محفوظ ڪيو آهي، پر سعوديه لاءِ ڪابه رعايت حاصل ناهي ڪئي. آمريڪا به انصار الله سان سڌي جنگ لاءِ تيار ناهي. ساڳئي ريت چين به انصارالله سان جنگ نٿو ڪرڻ چاهي. مصر، فرانس، برطانيه سڀ پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل آهن ۽ سعوديه جي ان بحران ۾ انهن ملڪن جو ڪوبه مفاد سڌو سنئون متاثر نه پيو ٿئي. اهڙي وقت ۾ سعوديه کي ايران طرفان سفارتي مليل مدد وٺڻ جي ضرورت آهي. ايران سعوديه کي انصار الله سان ٺاهه ڪرائڻ جي آڇ ڪئي آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ کي ضرورت وقت عملي مدد حاصل نه ٿي سگهي ۽ ان جا سڀ مفاد خطري ۾ هجن ته دانشمندي اها آهي ته سفارتڪاري ذريعي دشمن سان سنئون سڌو ڳالهيون ڪري پنهنجن مفادن کي محفوظ ڪجي. هن وقت ايم بي ايس وٽ انصارالله سان ڏي وٺ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي. حالتون 2015ع کان مختلف آهن، جڏهن سعوديه کلم کلا يمن جي حوثين تي حملا ڪري زميني ۽ فضائي عسڪري مهم جو آغاز ڪيو هو، اڄ حالتون کيس انهيءَ ساڳئي ڪمزور دشمن اڳيان جهڪڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟