آمريڪا جون مڊٽرم چونڊون ۽ يو اين او جو روزانو پنجن بحرين جهازن جو ڀاڻ سپلاءِ ڪرڻ جي درخواست
هن وقت آمريڪا جنگ سان گڏوگڏ زرعي مسئلن ۾ به ڦاٿل آهي. انهيءَ ڪري عام ماڻهو مهانگائيءَ جو شڪار آهي ۽ مهانگي ڊيزل سبب زراعت جو شعبو متاثر ٿي رهيو آهي. آمريڪا دنيا ۾ ڊيزل ۽ پيٽروليم مصنوعات جو وڏو پيداواري ملڪ آهي، پر پوءِ به روس مان ڊيزل درآمد ڪرڻ تي ٽيرف جي پابندي هٽائڻ جي پويان ڪيترائي معاشي سبب آهن. آمريڪا جي مقامي ڪچي تيل جو معيار مختلف آهي. جنهن مان عام طور تي ڊيزل تيار ناهي ڪيو ويندو ۽ جيڪو تيار ڪيو ويندو آهي اهو به ٻاهر اماڻيو ويندو آهي. ان ڪري اتان جون رفائنريون ۽ ڪمپنيون ڊيزل تيار ڪرڻ لاءِ روس يا وچ اوڀر جي ملڪن مان ڪچو تيل درآمد ڪنديون آهن. آمريڪا صنعتي ملڪ سان گڏ هڪ وڏو زرعي ملڪ پڻ آهي. جيڪي زرعي رياستون آهن اهي ڊيزل جو تمام گهڻو استعمال ڪن ٿيون. آمريڪي قانون مطابق پنهنجي ملڪ کان ٻاهريون ڊيزل وڌيڪ سستو پوي ٿو. ان جي پنهنجي ڊيزل جي پيداوار هوندي به زراعت ۽ ٽرانسپورٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ درآمد جي گهرج پوي ٿي. عالمي منڊيءَ ۾ روسي ڊيزل سستو هوندو آهي ۽ آمريڪا پنهنجو ڊيزل ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪندو آهي. ٽرمپ جو نعرو آهي “پهرين آمريڪا” اتي نومبر ۾ مڊٽرم چونڊون ٿي رهيون آهن. گهريلو کاڌي پيتي جون شيون گئس ۽ گهرن جا ڪرايا وڌي رهيا آهن. ملڪ جي پرڏيهي پاليسين سبب ٽرمپ جي مقبوليت تيزيءَ سان هيٺ آئي آهي. جيئن ته مڊٽرم چونڊون ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن، ان ڪري مخالف ڊيموڪريٽ پارٽي کيس سندس حڪومتي پاليسين، صحت جي نظام ۽ زرعي مسئلن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي. ڳرا ٽيرف لڳائڻ سبب ڊيزل مهانگي ٿيڻ جو سڌو سنئون اثر آمريڪي زراعت تي پيو آهي. جنهن سبب زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلين سبب هن وقت ڪجهه رياستن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب پڻ هاري اڳ ئي پريشان آهن. جيئن زوهران ممداني نيويارڪ جو ميئر چونڊيو ويو آهي، جنهن جو تعلق ڊيموڪريٽ پارٽيءَ سان آهي. ان کان علاوه شڪاگو جو ميئر برينڊن جانسن پڻ ڊيموڪريٽ سان تعلق رکي ٿو. مطلب ته ڊيموڪريٽ ٻيهر مقبول ٿي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملڪن کي پنهنجا ڪيل فيصلا پنهنجي ئي هٿن سان رد ڪرڻا پوندا آهن. حڪومتن کي پنهنجي ملڪي ۽ عوامي مفادن لاءِ پنهنجي انا قربان ڪرڻي پوي ته ڪرڻ گهرجي. هن وقت ٽرمپ زراعت ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪرڻ لاءِ روس جي ڊيزل ۽ تيل تي لڳايل ٽيرف جيڪو 35 کان 50 سيڪڙو هو، ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن ڀارت يا يورپي ملڪن روس مان سستو تيل گهرائڻ پئي چاهيو ته ٽرمپ انهن جي مٿان ثانوي پابنديون لڳائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، پر هن وقت وائٽ هائوس هارين ۽ ووٽرن جي ناراضگيءَ کي دور ڪرڻ ۽ ڊيزل جي وڌندڙ اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روس مان ڊيزل گهرائي روس جي به عيد ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا کيس يوڪرين سان جنگ کي طويل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
يو اين او مطابق هن وقت اوڀر آفريقا جا ڪيترائي ملڪ ڏڪار جي ويجهو پهچي چڪا آهن، لکين ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن. ڳوٺن جا ڳوٺ لڏي رهيا آهن. زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻهو مشڪل صورتحال ۾ آهن. سندن بار بار امداد جي اپيلن کي نه پيو ٻڌو وڃي، تڏهن يو اين او انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي آهي. هن وقت اسٽيٽ آف هرمز جي لنگهه بند ٿيڻ سبب تنگي جي ڪري يوريا، امونيا ۽ سلفر جهڙن ڀاڻن جي انهن ملڪن ۾ خاص کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي. يو اين او اها اپيل انهن ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ ڪئي آهي، جتي خوراڪ جو بحران، خالي پيٽ ۽ فاقاڪشي واري حالت پيدا ڪري چڪو آهي. جنهن ۾ اوڀر آفريقا جو سوماليه جتي کاڌ خوراڪ جي 50 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي. ايٿوپيا يوريا ڀاڻ جي وقت سر نه ملڻ سبب ايندڙ فصل جي وقت سر پوکي نه ٿيڻ سبب خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهي ٿو. سوڊان جتي نيم فوجي تڪرار هلي رهيا آهن اتي به يو اين ترجيحي بنيادن تي ڀاڻ پهچائڻ چاهي ٿي. ڪينيا ۽ ڏکڻ سوڊان به ڀاڻ جي کوٽ هيٺ آهن. ڏکڻ ايشيا جا ملڪ يمن، افغانستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا پڻ ان لسٽ ۾ شامل آهن. يونائيٽيڊ نيشن جو بنيادي نقطو اهو آهي ته جيڪڏهن انهن ملڪن کي گهربل ڀاڻ وقت سر نه پهچايو ويو ته هارين جي پوک بيڪار ويندي. جنهن کانپوءِ انهن ملڪن ۾ لکين ماڻهو بک ۽ فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويندا.
ملڪن جي غلط پاليسين سبب دنيا جو عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. وري جڏهن طاقتور حڪمران ڪنهن سبب پاڻ متاثر ٿين ٿا ته پوءِ پنهنجن مڙهيل پاليسين کي قلم جي هڪ ئي جنبش سان ختم ڪري ڇڏين ٿا. جيئن هن وقت صدر ٽرمپ روس تان ٽيرف جي پابندي نرم ڪري ڊيزل گهرائڻ جي موڪل ڏني آهي. اميد آهي ته ڀاڻ پيدا ڪندڙ ملڪ جن ۾ چين، روس، ڪئناڊا، مرڪزي ايشيا ۾ قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ عمان شامل آهن. اهي جلد ئي يو اين او جي گهربل روزانو پنجن بحري جهازن جيترو ڀاڻ انهن ملڪن ڏانهن اماڻيندا، جتي پهچڻ سان ايندڙ سال خوراڪ جو مسئلو حل ٿي سگهندو. ان لاءِ هرمز جو کلڻ ۽ محفوظ هجڻ لازمي آهي. ڇو ته ٽرمپ پنهنجي ضد تان لهي آمريڪا جي هارين جا مسئلا حل ڪري رهيو آهي ته ڀاڻ جي کوٽ جو شڪار ملڪن جا مسئلا به حل ٿيڻ گهرجن. نه ته هيءَ دنيا بک جي دوزخ ۾ تبديل ٿي ويندي. بک به هڪ هٿيار آهي، پر غريب ملڪن کي ان هٿيار سان مارڻ انسانيت جي خلاف آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن زراعت ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟