سنڌ جي تاريخدان مولائي شيدائي ۽ عالم مولانا دين محمد وفائي جون قبرون غير محفوظ
بروهي قبيلو ۽ خاندان سنڌ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آباد آهي. صدين کان بروهي قبيلا سنڌ جي مٽيءَ سان جڙيل آهن. رحيمداد خان مولائي شيدائي جنهن جو تعلق شهواڻي بروهي قبيلي سان هو. سندس پيدائش 1894ع ۾ سکر ۾ ٿي. رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ ڌرتيءَ تي جنم ورتو ته هن پنهنجي جنم جو پورو پورو حق به ادا ڪيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي جنهن سڄي حياتي پنهنجي قلم سان پورهيو ڪري سنڌ جي تاريخ، ثقافت، تمدن ۽ ارتقا جي تحقيق لاءِ ڪم ڪيو. هن “جنت السنڌ” ڪتاب جنهن ۾ سنڌ جي قديم دور کان وٺي برطانوي دور تائين جي مذهبي، تمدني، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ کي قلمبند ڪيو، جيڪو اڄ سنڌ جي تاريخ جو انسائيڪلوپيڊيا چيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هن “تاريخ تمدنِ سنڌ” ۽ بلوچستان ۽ ٻيا تاريخي مقالا لکيا. سندس لکڻيءَ جو انداز تحقيق ۽ مشاهدي تي ٻڌل هو. هن ڪيترائي علمي ۽ ادبي مقالا اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ لکيا. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته مولائي شيدائي جهڙا عظيم عالم جن پنهنجي ادبي پورهئي سان سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪيو، اڄ سندس قبر جي مٿان انتظاميه جي مجرماڻي غلفت ۽ خاموشيءَ جي ڪري سندس قبر جا نشان غائب ٿي چڪا آهن، جيڪا سنڌ جي شهر سکر جي “آدم شاهه ڪلهوڙو” جي تاريخي قبرستان ۾ واقع هئي. هن وقت لينڊ ۽ بلڊر مافيا غير قانوني طريقي سان تاريخي قبرستانن جي زمينن تي قبضا ڪندي ۽ قبرن کي مسمار ڪندي هائوسنگ اسڪيمون قائم ڪندا اچن.
ان کان علاوه سنڌ جي نامور عالم، سياستدان، صحافي، مورخ ۽ تحريڪ آزاديءَ جي سرگرم مجاهد مولانا دين محمد وفائي جنهن جي پيدائش پڻ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٿي، جنهن پنهنجي قلم ۽ تقرير سان سنڌي سماج جي سياسي ۽ صحافتي خدمت ڪئي. جنهن پنهنجي علمي ۽ فڪري سرگرمين جو مرڪز سکر کي بڻايو. پاڻ عربي، فارسي ۽ اسلامي علمن تي عبور رکندو هو. هو مشهور اخبار “الوحيد” جو ڪجهه عرصو ايڊيٽر پڻ رهيو، جيڪا آزاديءَ کان اڳ آزادي پسند اڳواڻن جي ترجمان اخبار هئي. مولانا ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ هندو مسلم اتحاد جو حامي هو، بعد ۾ تحريڪ پاڪستان جو حصو بڻيو. هنن ٻنهي عالمن، محققن پنهنجي عملي جدوجهد، فڪر ۽ قلم سان سنڌ جي خدمت ڪئي، پر اڄ اهي ٻئي پنهنجي مدفن ۾ محفوظ نه رهي سگهيا آهن، جنهن جي ذميدار سنڌ حڪومت آهي. اوقاف کاتو اهڙين قبرن جو خاص تحفظ ڪري ٿو، جتان کيس مال ملي ٿو. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي، مقامي حڪومتن، بلدياتي ادارن، روينيو کاتي ۽ خاص محڪمه ثقافت ۽ آثار قديمه جي نه صرف ذميداري بلڪه فرض آهي ته جيڪي قبرون آثار قديمه ۽ ثقافت جي ذميداريءَ هيٺ اچن ٿيون انهن جو خاص خيال رکي ۽ انهن جي مرمت ۽ حفاظت ڪئي وڃي، انهن جا قطبا درست ڪيا وڃن. هن وقت آدم شاهه ڪلهوڙو قبرستان ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي جي قبر ۽ سکر جي تاريخي قبرستان واريءَ جي تڙ ۾ مولانا دين محمد وفائي ۽ ٻين قومي محسنن جون قبرون غير محفوظ آهن. سنڌ حڪومت پنهنجن مخصوص ادارن جي ذريعي جن کي اهڙين قبرن جي ذميداري ڏنل آهي، اهي عوام کي هڪدم ان ڳالهه جو جواب ڏين ته مولائي شيدائي جي قبر جا آثار ڪنهن گم ڪيا آهن. سندس قبر جا نشان ڪنهن ميساري ان زمين تي ڪهڙي لينڊ مافيا گروپ قبضو ڪيو آهي. نه صرف ايترو، بلڪه ڪمشنر سکر کي هڪدم ايڪشن کڻندي اهڙن ڏوهارين خلاف ايف آءِ آر درج ڪري، سنڌ جي ثقافتي ورثي کي مخصوص ايس او پيز تحت ان کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي.
سرمائيداري نظام هر جاءِ تي پنهنجا پير کوڙي رهيو آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اهي ڏوهاري بڻجي اسان جي ثقافتي ورثي يا اسان جي ابن ڏاڏن جي قبرن کي لتاڙي انهن مٿان هائوسنگ اسڪيمون تعمير ڪن. سنڌي ادبي سنگت، صحافي برادري، ثقافتي ادارن ۽ سماجي اڳواڻن کي هن سلسلي ۾ ڀرپور گهر ڪرڻ گهرجي ته مولائي شيدائي جي قبر کي هڪدم بحال ڪيو وڃي ۽ ان کي محفوظ ڪٽهرو لڳائي ان مٿان سندس ڄم ۽ وفات جي تاريخ جو قطبو لڳائي محفوظ ڪري سندس ثقافتي حيثيت کي بحال ڪيو وڃي. ان کان علاوه دين محمد وفائي جهڙن عالمن جون قبرون پڻ جيڪي هن وقت خطري ۾ آهن ۽ جهري چڪيون آهن، انهن کي به ٻيهر تعمير ڪري انهن جي مٿان نوان قطبا لڳائي سندن ثقافتي حيثيت بحال ڪئي وڃي. جيڪا قوم پنهنجن عالمن، رهنمائن، ليکڪن ۽ تاريخدانن جي قبرن جي حفاظت نٿي ڪري سگهي، سرمائيدارن ۽ مافيائن کي اها کلي ڇوٽ ڏئي ٿي ته اهي سندن ورثي کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيندا وڃن، اها قوم به لينڊ مافيا جي هٿان محفوظ نٿي رهي سگهي. اسان کي ان ڳالهه جي به خبر ناهي ته هن وقت سکر جي تاريخي قبرستان “واريءَ جو تڙ” ۾ مولانا دين محمد وفائي ۽ ٻين قومي محسنن جون قبرون ڪهڙي حال ۾ آهن. اتان جي عوام، صحافين ۽ ادبي حلقن کي هڪدم سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙن مجرمن جي مجرماڻين سرگرمين خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، جيڪي اسان جي ورثي کي پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟