مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عورت جو هر روپ عظيم آهي

Mulazim Shanbani

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عورت، اهو لفظ، اهو نالو، جنهن ۾ محبت جي خوشبو، قربانيءَ جي روشني، وفا جي علامت ۽ خلوص جو پيغام سمايل آهي. عورت کان بغير زندگي اڌوري آهي. ڇاڪاڻ⁠ ته عورت ئي اها هستي آهي، جيڪا هر روپ ۾ پنهنجو پاڻ وساري ٻين جي خوشين لاءِ جيئندي آهي. شايد اهوئي سبب آهي، جو عورت کي هر روپ ۾ عظمت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. عورت جڏهن ماءُ بڻجي اچي ٿي، تڏهن دنيا ۾ رحمت بڻجي اچي ٿي. ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ته ماءُ جي محبت کان وڌيڪ پاڪ ۽ بي لوث محبت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. اهي لفظ ئي عورت جي عظمت جو وڏو ثبوت آهن. ماءُ اها هستي آهي، جيڪا پنهنجي ننڊ، آرام ۽ سڪون جون گهڙيون قربان ڪري، پنهنجي ٻار جي خوشين لاءِ هر تڪليف برداشت ڪري ٿي. سندس دعائن ۾ اولاد لاءِ محبت، سندس اکين ۾ اميد ۽ سندس دل ۾ اولاد جي خوشحال مستقبل جا خواب سمايل هوندا آهن ۽ جڏهن عورت ڀيڻ بڻجي اچي ٿي، تڏهن ڀاءُ لاءِ محبت، خلوص ۽ پنهنجائپ جو ڇانورو بڻجي بيهي ٿي. ڀيڻ جي مسڪراهٽ ۾ سڪون، سندس دعائن ۾ حفاظت ۽ سندس قربانين ۾ بي مثال محبت لڪل هوندي آهي. ڀيڻ جو رشتو اهڙو آهي، جيڪو ڏکن ۾ همت ۽ خوشين ۾ ٻيڻو سڪون بڻجي ساٿ ڏيندو آهي.
جڏهن عورت زال بڻجي اچي ٿي، تڏهن زندگيءَ جي سفر ۾ همسفر بڻجي، ڏک سک ۾ ساٿ نڀائي ٿي. هوءَ پنهنجي محبت، سمجهه ۽ خلوص سان گهر کي جنت بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. زندگيءَ جي ڏکين گهڙين ۾ همت بڻجي بيهي ٿي ۽ خوشين جي لمحن ۾ پنهنجي ساٿ سان زندگيءَ کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿي. گهر جي ننڍڙي جنت جو هر رنگ عورت جي محبت، قرباني ۽ پنهنجائپ سان روشن هوندو آهي ۽ جڏهن عورت ڌيءَ بڻجي اچي ٿي، تڏهن گهر ۾ برڪت، روشني ۽ مرڪون کڻي اچي ٿي. ڌيءَ گهر جي رحمت آهي، جنهن جي موجودگيءَ سان دلين ۾ خوشين جا گل ٽڙن ٿا. سندس معصوم مرڪ گهر جي ماحول کي خوشگوار بڻائي ٿي ۽ سندس محبت والدين جي زندگيءَ ۾ اهڙو سڪون پيدا ڪري ٿي، جنهن جو ڪو ملهه ئي ناهي.
حقيقت اها آهي ته ڪائنات جي حسن، زندگيءَ جي سونهن ۽ سماج جي اڏاوت ۾ عورت جو ڪردار نهايت اهم آهي. جيڪڏهن عورت نه هجي ها، ته زندگي ڄڻ بنجر زمين هجي ها، جتي محبت جا گل نه ٽڙن ها ۽ پنهنجائپ جا رنگ نه وکِرن ها.
هڪ شاعر ڪيڏو نه سچ چيو آهي:
وجودِ زن سي هي تصوير ڪائنات مين رنگ،
اسي ڪي ساز سي هي زندگي ڪا سوزِ درون.
عورت جي عظمت کي سمجهڻ ۽ سندس وجود جو قدر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته عورت صرف گهر جو حصو نه، پر سماج جو بنياد آهي. هڪ پڙهيل لکيل عورت نه رڳو پنهنجي زندگي سنواري ٿي، پر پنهنجي اولاد جي تربيت ۽ تعليم ذريعي سڄي نسل جي مستقبل کي روشن بڻائي ٿي. ماءُ جي تربيت ئي ٻارن جي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته عورت کي تعليم ڏيو، عزت ڏيو، تحفظ ڏيو، سندس حقن جو احترام ڪريو ۽ سندس صلاحيتن کي مڃتا ڏيو. ڇاڪاڻ ته عورت ئي اها هستي آهي، جيڪا نسلن کي سنوارڻ سان گڏ سماج جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هوءَ ماءُ آهي ته دعائن جو ڇانورو آهي، هوءَ ڀيڻ آهي ته محبت جو پهاڙ آهي، هوءَ ڌيءَ آهي ته رحمت جو گل آهي، هوءَ زال آهي ته زندگيءَ جي سفر جو سهارو آهي. بيشڪ، عورت جو هر روپ، هر رنگ ۽ هر رشتو عظمت جو آئينو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو