مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وهمن کان پري، مسرور زندگي

Hakeem Prem Chandwani ڪالم نگار، شاعر

ايم.اي (اڪنامڪس)، ايل.ايل.بي (فاضل طب ۽ جراحت)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وهمن کان دور رهندا آهيون،
تڏهن مسرور رهندا آهيون.
انسان جي زندگيءَ جا ڪيترائي ڏک حقيقتن کان گهٽ ۽ ذهن جي پيدا ڪيل خدشن کان وڌيڪ جنم وٺندا آهن. ڪڏهن ڪو اڻڄاتل خوف دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه کي پنهنجي انداز سان سمجهي غلط نتيجو ڪڍبو آهي، ته ڪڏهن ايندڙ وقت بابت اهڙا انديشا پالجن ٿا، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح وهم آهستي آهستي سوچ تي قبضو ڪري وٺندو آهي ۽ انسان موجوده خوشي وڃائي، غير موجود مصيبتن جي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. وهم ذهن جي اها دري آهي، جنهن مان حقيقت کي ڏسڻ بدران شڪ جا پاڇا نظر اچن ٿا. جيڪو ماڻهو هر ڳالهه ۾ منفي مطلب ڳولهي ٿو، هر خاموشيءَ کي ناراضگي سمجهي ٿو ۽ هر تبديليءَ کي خطرو تصور ڪري ٿو، تنهن لاءِ زندگيءَ جون آسانيون به ڏکيون بڻجي وڃن ٿيون. ان جي ابتڙ، جيڪو ماڻهو حقيقت کي حقيقت جي اک سان ڏسي ٿو، پنهنجي سوچ کي دليل، شعور ۽ تجربي سان سنواري ٿو، اهو حالتن جي وچ ۾ به سڪ جو رستو ڳولهي وٺي ٿو. وهم رڳو ذاتي زندگيءَ کي متاثر نٿو ڪري، پر رشتن جي وچ ۾ به فاصلا پيدا ڪري ٿو. شڪ وڌي وڃي ته اعتماد ڪمزور ٿئي ٿو، اعتماد ڪمزور ٿئي ته محبت جي جاءِ تي بدگماني اچي ٿي ۽ بدگماني وڌي وڃي ته مضبوط رشتا به اندر کان کوکلا ٿيڻ لڳن ٿا. ڪيترائي رشتا ڪنهن وڏي واقعي سبب نه، پر ننڍين ننڍين غلط فهمين ۽ ذهن ۾ پيدا ٿيل مفروضن سبب ختم ٿيندا آهن. زندگيءَ جو حسن ان ڳالهه ۾ آهي ته هر خيال کي سچ نه سمجهجي ۽ هر انديشي کي حقيقت جو درجو نه ڏجي. سوال ڪجي، ڳالهه سمجهجي، حقيقت کي پرکجي ۽ پوءِ راءِ قائم ڪجي. خاموشيءَ کي هميشه دشمني، اختلاف کي نفرت ۽ فاصلي کي بي رخي سمجهڻ ضروري ناهي. ڪڏهن ماڻهو پاڻ به پنهنجي مسئلن ۾ مصروف هوندو آهي؛ هر خاموش چهرو اسان جي خلاف ناهي هوندو. سڪون جو تعلق صرف حالتن سان ناهي، سوچ سان به آهي. جنهن ذهن ۾ هر وقت شڪ، خوف ۽ خدشا گردش ڪندا رهن، اتي آسائشون به بي معنيٰ محسوس ٿين ٿيون؛ جڏهن ته صاف سوچ رکندڙ انسان محدود وسيلن ۾ به دل جو اطمينان برقرار رکي سگهي ٿو. ان ڪري زندگيءَ کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ دنيا بدلائڻ کان اڳ پنهنجي سوچ کي ترتيب ڏيڻ ضروري آهي. وهمن کي دروازو بند ڪري ٻاهر ڪڍڻ جو مطلب بي فڪري يا حقيقتن کان اک موڙڻ ناهي؛ بلڪه حقيقت کي قبول ڪرڻ، غير ضروري خوف کي رد ڪرڻ ۽ پنهنجي ذهن کي بي بنياد خدشن کان آزاد رکڻ آهي. جيڪو انسان هر ڳالهه کي پرکڻ، سمجهڻ ۽ پوءِ قبول ڪرڻ سکي ٿو، اهو ٻين جي لفظن جو غلام نٿو رهي، پر پنهنجي شعور جو ساٿي بڻجي وڃي ٿو. اسان جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ مان بي بنياد وهم، شڪ ۽ غير ضروري خدشا گهٽ ڪري ڇڏيون ته شايد ڪيترائي اهڙا ڏک پاڻمرادو ختم ٿي وڃن، جن کي اسان سالن کان پنهنجي قسمت سمجهندا آيا آهيون. خوشي هميشه وڏين ڪاميابين جي محتاج ناهي؛ ڪڏهن صاف ذهن، مطمئن ضمير، سچا رشتا ۽ بي خوف ننڊ به زندگيءَ جون وڏيون نعمتون هونديون آهن. درحقيقت ڳالهه ايتري ئي آهي ته حقيقت کي حقيقت رهڻ ڏيون ۽ وهم کي وهم کان وڌيڪ اهميت نه ڏيون. ذهن کي شڪن جي بازار بڻائڻ بدران شعور جو گهر بڻايون. ڇاڪاڻ⁠ ته جڏهن انسان بي بنياد خوفن کان آزاد ٿي سوچڻ سکي ٿو، تڏهن دل تي بار گهٽجي ٿو، نظر نيڪ ٿئي ٿي ۽ زندگيءَ ۾ مسرت لاءِ نوان در کلي وڃن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو