پي ايم ڊي سي ۾ 1400 سيٽن جو معاملو: حقيقتون، غلط فهميون ۽ عوامي مفاد
هن مھل سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) خيبر پختونخواهه، بلوچستان، پنجاب ۽ اسلام آباد کي الڳ الڳ 1,400 اضافي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل سيٽون فراهم ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته سنڌ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ سان ناانصافي جو احساس ڪيترن ئي شعبن ۾ موجود رهي ٿو، پر هن مخصوص معاملي ۾ اها دعويٰ درست نه آهي ۽ اصل صورتحال بابت غلط فهمي پيدا ڪري ٿي.
پي ايم اينڊ ڊي سي مجموعي طور 1,400 اضافي سيٽن جي منظوري ڏني آهي، جيڪي خيبر پختونخواهه، بلوچستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري۽ پنجاب جي سرڪاري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ ورهايون ويون آهن. اهو معاملو چئن ئي علائقن کي الڳ الڳ 1,400 سيٽون ڏيڻ جو ناهي.
تصديق ٿيل ورڇ (30 سيپٽمبر 2026ع جي رپورٽن مطابق، جيڪا 5 آڪٽوبر 2026ع تائين برقرار آهي):
1. پنجاب: لڳ ڀڳ 475 سيٽون، 2. خيبر پختونخواهه: 150سيٽون، 3. بلوچستان: 50 سيٽون، 4. وفاقي الاٽمينٽ: لڳ ڀڳ 725سيٽون (اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٻي وفاقي ڪوٽا شامل.)
هن مخصوص الاٽمينٽ ۾ سنڌ لاءِ ڪابه اضافي سيٽ منظور نه ڪئي وئي آهي. وفاقي 725 سيٽن جي اندروني ورڇ ۾ 325 سيٽون اعليٰ تعليمي ڪميشن جي اڳوڻي فاٽا ۽ بلوچستان اسڪالرشپ انتظامن تحت، 250 سيٽون وفاقي ميڊيڪل ڪاليج ۽ لاڳاپيل ادارن لاءِ ۽ 150 سيٽون ٻين صوبن ۾ وفاقي ڪوٽا تحت شامل آهن.
پي ايم ڊي سي جي باضابطا وضاحتن ۾ چيو ويو آهي ته سيٽن جي منظوري قانوني ۽ ريگيوليٽري معيارن، ڪاليجن جي گنجائش، تدريسي عملو، اسپتالن ۾ تربيتي سهولتون ۽ انفرااسٽرڪچر جي بنياد تي ٿي آهي. ساڳيا معيار سرڪاري ۽ پرائيويٽ ٻنهي ادارن تي لاڳو ٿين ٿا. خيال رھي تھ اضافي ميڊيڪل يا ڊينٽل سيٽون رڳو صوبي جي آبادي، سياسي مطالبي يا جذباتي دٻاءُ جي بنياد تي پاڻمرادو نه رکيون وينديون آهن. پي ايم ڊي سي جو عمل هڪ ريگيوليٽري عمل آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عملي عنصر شامل هوندا آهن. انهن ۾ شامل آهن:
1. لاڳاپيل ڪاليج يا صوبائي صحت کاتي پاران باضابطا درخواست جي جمع ڪرائڻ.
2. تدريسي عملي جي تعداد ۽ قابليت جي تصديق.
3. اسپتالن ۾ بسترن جو تعداد، مريضن جو دٻاءُ ۽ ڪلينڪل تربيتي سهولتن جي دستيابي.
4. ليبارٽرين، لائبريري، ليڪچر هال ۽ ٻين انفرااسٽرڪچرل ضرورتن جو معيار پورو ڪرڻ.
5. انهن سڀني جي باضابطا انسپيڪشن ۽ منظوري.
جيڪي صوبا يا علائقا هن مرحلي ۾ اضافي سيٽون حاصل ڪري سگهيا، انهن پنهنجي ڪاليجن جي گنجائش کي ظاهر ڪندي باضابطا درخواستون پيش ڪيون هيون ۽ گهربل معيار پورا ڪيا هئا. پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه ادارن ان عمل کي مڪمل ڪيو. هن مخصوص مرحلي لاءِ سنڌ پاران اهڙي وڏي پيماني تي باضابطا ۽ مڪمل درخواست سامهون نه آئي، جنهن جي بنياد تي پي ايم ڊي سي اضافي سيٽون مختص ڪري سگهي ها. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اهو عمل خودڪار نه هوندو آهي. صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ميڊيڪل يونيورسٽين کي پاڻ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن گنجائش موجود هجي، پر درخواست نه ڏني وڃي يا درخواست ۾ گهربل دستاويز ۽ ثبوت نه هجن ته پوءِ سيٽون منظور نه ٿينديون آهن. هن مرحلي ۾ سنڌ جي صورت ۾ اهوئي عنصر غالب نظر اچي ٿو. يقينن سنڌ جي شاگردن کي وڌيڪ موقعن جي ضرورت آهي. سنڌ جي آبادي، نوجوانن جي تعداد ۽ ميڊيڪل تعليم جي طلب کي نظر ۾ رکندي، اضافي سيٽن جو مطالبو جائز آهي، پر ان مطالبي کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ صرف الزام تراشي ڪافي نه آهي. حقيقي امتياز تڏهن ثابت ٿيندو، جڏهن اهو ظاهر ٿئي ته سنڌ جي ڪاليجن وٽ گنجائش موجود هئي، باضابطا درخواستون ڏنيون ويون هيون، معيار پورا ڪيا ويا هئا، پر پوءِ به انهن کي رد ڪيو ويو. هن وقت تائين اهڙو ثبوت سامهون نه آيو آهي. تنهنڪري ٻنهي سوالن کي هڪٻئي سان ملائي هڪ ئي نتيجو ڪڍڻ غلط فهمي پيدا ڪري ٿو. پهرين سوال جو جواب عملي ۽ انتظامي آهي؛ ٻئي سوال جو جواب سياسي ۽ جذباتي نه، پر ثبوتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي.
سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ وڌيڪ شاگردن لاءِ گنجائش پيدا ڪري سگهجي ٿي. مسئلو اهو آهي ته موجود گنجائش کي باقاعده منصوبابندي، وقت سر درخواست ۽ ريگيوليٽري معيار پورا ڪرڻ ذريعي اضافي سيٽن ۾ تبديل نه ڪيو ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا رڳو شڪايت يا احتجاج تائين محدود نه رهن، پر عملي قدم کڻن. سڀ کان پهرين سرڪاري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي موجوده گنجائش جو جامع جائزو ورتو وڃي. جتي تدريسي عملو، اسپتالون، ليبارٽريون ۽ ٻيون سهولتون موجود هجن، اتي پي ايم ڊي سي کان اضافي سيٽن لاءِ فوري ۽ باضابطا درخواست ڏني وڃي. ٻئي طرف جتي سهولتون ناڪافي هجن، اتي انفرااسٽرڪچر، تدريسي عملو ۽ ڪلينڪل تربيت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ واضح، وقت بند ۽ مالي طور تي ڀرپور منصوبو جوڙيو وڃي. اضافي سيٽن جو مطالبو تڏهن ئي اثرائتو ٿيندو، جڏهن صوبو اهو ثابت ڪري سگهي ته هو انهن شاگردن کي معياري طبي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ هر سال خالي رهجي ويندڙ سيٽن جو مسئلو پڻ الڳ توجهه جو طلبگار آهي. جيڪڏهن منظور ٿيل سيٽون هر سال خالي رهن ٿيون ته ان جا سبب معلوم ڪرڻ گهرجن ته جيئن هڪطرف شاگردن جا تعليمي موقعا ضايع نه ٿين ۽ ٻئي طرف موجود تعليمي وسيلا غير موثر نه رهن.
وفاقي سطح تي پڻ سنڌ جي شاگردن لاءِ برابر موقعن ۽ شفاف پاليسي بابت اثرائتي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. تنهن هوندي به، هن معاملي کي رڳو صوبائي تعصب يا سياسي الزام تراشيءَ جو موضوع بڻائڻ بدران اهڙن عملي مطالبن ۾ تبديل ڪرڻ وڌيڪ فائديمند ٿيندو، جن سان سنڌ جي شاگردن کي سڌو سنئون فائدو پهچي. ميڊيڪل تعليم جهڙي حساس معاملي ۾ غير مصدقه معلومات جي پکيڙ خاص طور نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. سوشل ميڊيا تي اهو تاثر ڏيڻ ته چئن ئي علائقن مان هر هڪ کي الڳ الڳ 1,400 سيٽون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته حقيقت ۾ 1,400 مجموعي اضافي سيٽون آهن، عوام کي اصل معاملي کان گمراهه ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح اهو نتيجو ڪڍڻ به درست ناهي ته ڪنهن مخصوص مرحلي ۾ سنڌ کي اضافي سيٽون نه ملڻ جو لازمي مطلب اهو آهي ته صوبي سان ڄاڻي واڻي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. جيڪڏهن درخواست، گنجائش، ريگيوليٽري شرطن يا گهربل دستاويزن جو معاملو موجود هجي ته ان جو جواب سياسي نعرن بدران حقيقتن ۽ سرڪاري رڪارڊ مان ڳولهڻ گهرجي.
سوشل ميڊيا تي ڪنهن به دعويٰ کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعلانن، سرڪاري دستاويزن ۽ معتبر ذريعن ذريعي ان جي تصديق ضروري آهي. خاص طور تعليم ۽ نوجوانن جي مستقبل سان لاڳاپيل معاملن ۾ غير مصدقه ڄاڻ نه رڳو عوامي جذبن کي ڀڙڪائي سگهي ٿي، پر اصل مسئلي جي حل جي راهه به وڌيڪ ڏکيو بڻائي سگهي ٿي. سنڌ جي شاگردن جو مستقبل سياسي سرسي ۽ اجائي هاءِ گهوڙا کان وڌيڪ اهم آهي. تنهنڪري اصل مطالبو اهو هجڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل تعليم جي گنجائش وڌائي وڃي، موجوده سهولتن کي بهتر بڻايو وڃي، خالي سيٽن جي مسئلي جو حل ڳولهيو وڃي ۽ اضافي سيٽن لاءِ مھلائتي ۽ اثرائتي نموني درخواستون ڏنيون وڃن. حقيقي صوبائي مفاد ان ۾ آهي ته اسان جذباتي دعوائن بدران درست حقيقتن کي بنياد بنايون، غلط معلومات کان پاسو ڪريون ۽ حڪومت توڙي لاڳاپيل ادارن کان اهڙن جوڳن قدمن جو مطالبو ڪريون، جن جي نتيجي ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ طبي تعليم جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿين. حقيقتن جي درست سمجهه ۽ عملي جاکوڙ ئي سنڌ جي شاگردن جي جائز مفادن جي تحفظ جو موثر رستو آهي، نه ڪي هٿرادو پوسٽون ۽ هٿ ٺوڪيون ڪوڙيون خبرون يا افواهه.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟