مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: گُل بَهار

Akhtar Hafeez تعليمدان، ڪهاڻيڪار، صحافي، مترجم

2023ع ۾ انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊر شپ پروگرام ھيٺ صحافي جي حيثيت ۾ آمريڪا جا مختلف ادارا گهمي چڪو آھي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران فيلوشپ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪندڙ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

”هوءَ آئي، هُن ڏٺو ۽ هُن کٽي ورتو…” اوهين سوچيندا هوندئو ته اِها ڳالهه ته روم جي بادشاهه لاءِ چيل آهي پوءِ هيءَ ڪهڙي عورت آهي جنهن کي اهو قول ارپيو ويو آهي. هيءَ ڪهاڻي سچ پچ اهڙي ئي عورت جي آهي، جنهن دِليون کٽيون، جنهن دِليون ڀَڳيون ۽ جنهن دِليون رتو رت ڪيون. مرد، ڇوڪرا، پوڙها ٺوڙها هُن کي ڏسي مرڻ لڳا، بلڪه جيئڻ لڳا ۽ گهور گهور ٿيڻ لڳا. آنٽي گُل بَهار پاڙي ۾ پهرين عورت آهي، جنهن اسان جي پاڙي کي پنهنجي سُڳند سان واسي ڇڏيو. هُن جي اچڻ سان سرءُ جهڙي زندگي گهاريندڙن لاءِ بهار اچي وئي. هُن پنهنجي حُسن سان ماڻهن کي چريو ڪيو، اسان جي بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀريا. مردن جون انيڪ اکيون جيڪي سالن کان بي رنگ ۽ اُٻاڻڪيون هيون تن جڏهن آنٽي گُل بَهار کي ڏٺو ته اُنهن ۾ جوت وري آئي.
آنٽي گُل بَهار جڏهن چاچا دل نواز سان شادي ڪري پهريون ڀيرو گهر آئي ته پاڙي جو نقشو مٽجي ويو. اها چاچا دل نواز جي ٻي شادي هئي. پهرين زال گڙدا فيل ٿيڻ سبب گذاري وئي، پر پاڙي وارا حيران آهن ته دل نواز آنٽي گُل بَهار کي ڪٿي دل ڏني؟ دل نواز ٽريزري ۾ ڪلارڪ آهي. جتي گُل بَهار پنهنجي پيءُ جي پينشن وٺڻ ويندي هئي. آهستي آهستي دل نواز جي دل بهار بهار ٿيڻ لڳي. گُل بَهار سندس دل جي ٽجوڙيءَ جو تالو کولي ان ۾ ڪنهن ڪڙڪ نوٽ وانگر هلي وئي. چون ٿا آنٽي جو پهريون مڙس روڊ حادثي ۾ مري ويو. چاچي دل نواز جا هٿ فائيل تي صحيحون ۽ آڱريون ڪي بورڊ تي سالن کان کڙکڙ پيون ڪنديون آهن. رڪارڊ محفوظ ڪندي ڪندي هاڻ ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ جا اکر گسي ويا آهن، پر ڄڻ اِهي سڀ اکر هُن جي آڱرين ۾ محفوظ هجن. فائيلن جا سٿا پراڻن ڪٻٽن ۽ ميزن تي مٽيءَ سان دزي ويا آهن. هر ان فائيل جي قسمت چمڪندي آهي، جنهن فائيل کي ڳاڙهن ساون نوٽن جا ڦيٿا لڳندا آهن. پوءِ اهو فائيل ڇنڊجي ڦوڪجي چاچي دل نواز جي ميز تي پهچي ويندو آهي، تڏهن سندس اکيون چمڪنديون آهن. چپ ُمرڪ وچان چُرندا آهن ۽ خوشيءَ جا تاثر سندس مُنهن تي چٽا ٿي ويندا آهن. پوءِ رڳو هڪ صحيح ۽ ٺپي جي مار هوندي آهي. وري اهو فائيل ڪنهن ڪٻٽ ۾ پورجڻ کان بچي ويندو آهي. هو هاڻ پنجاهه سالن جو آهي، پر پهرين زال مان اولاد ڪونه ٿيس. پاڙي وارا چوندا آهن چاچي دل نواز ۾ حال ڪونهي. اولاد ڪرائڻ لاءِ هن ڪيترائي ڊاڪٽر مٽايا، حڪيمن جا نسخا آزمائيندو رهيو. دوستن جي صلاحن تي عمل ڪندو رهيو، پر ڪنهن به ڦڪي فرق نه ڪيو. سندس مٿي جي اڳئين حصي کان ڪارا وار ڇڻي ويا آهن، باقي جيڪي بچيا آهن سي اڇا آهن. جن کي خصاب ڪرائي هو پاڻ کي جوان سمجهندو آهي. گهاٽيون مُڇون کيس ٺهن ٿيون، پر هن کي ڪنن جا وار ناهن وڻندا، سو هر هفتي اهي قئنچي سان ڪٽيندو آهي. نظر جي عينڪ هو ان وقت نڪ جي چوٽيءَ تي رکندو آهي جڏهن کيس آفيس ۾ ڪم ڪرڻو هوندو آهي يا گهر ۾ اخبار پڙهڻي هوندي اٿس. چاچو دل نواز امير ماڻهو آهي. سندس پهرين گهرواري جيستائين جيئري هئي ۽ جڏهن هوءَ شادين ۾ ويندي هئي ته ڳهن سان ڳاڙهي هوندي هئي. پاڙي جون مايون سندس زيورن کي ڏسي سڙنديون هيون. هن وٽ ڪار آهي، پر کيس نيري رنگ جي ويسپا موٽرسائيڪل هلائڻ ۾ مزو ايندو اٿس. پاڙي ۾ ويسپا بائيڪ وارو هڪڙو ئي چاچو دل نواز آهي.
اسان جي پاڙي ۾ آمهون سامهون گهرن جون ٻه ڊگهيون قطارون آهن. جتي سرڪاري ملازمن کان وٺي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪندڙ رهندا آهن. گهرن کان ويندڙ گهٽيءَ جي موڙ کان جيڪو روڊ شهر جي وڏي مارڪيٽ ڏانهن ويندو آهي، اتي ڌوٻي، ميوي وارو، ڀاڄي وڪڻندڙ، هوٽل هلائيندڙ، حلوائي ۽ حجامڪو ڌنڌو ڪندڙ ننڍا ننڍا ڪاريگر آهن. جڏهن آنٽي گل بهار پهريون ڀيرو ان گهٽيءَ جي موڙ تان مڙي ته هر ڪنهن جي زندگيءَ ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو. هرهڪ جي نڪ تائين پهرين آنٽي گُل بَهار جي پرفيوم جي خوشبوءِ پهتي، جنهن ۾ سندس بدن جي خوشبوءِ به رچيل هئي. ڪجهه پلن لاءِ سڀئي سن ٿيا ۽ هوش وڃائي ويٺا. سندس پهرين درشن مهل ڌوٻي گراهڪ جو لُنڊي مان ورتل ڪوٽ استري ڪندي ساڙي ويٺو، حلوائي گرم گرم پڪوڙا تريندي گرم تيل واري ڪڙهائيءَ ۾ هٿ وجهي ڇڏيو. حجام جي پاڪي گراهڪ جي ڏاڙهي ٺپڻ بدران ڪن تي وهي وئي. هوٽل واري ڪوپن ۾ چانهه نائيندي سڄي چانهه هاري ڇڏي، ڀاڄي واري جو تورو پير تي وڃي ڪريو. ڪنهن سگريٽ پيئندڙ جي چپن ۾ جهليل سگريٽ اتي ڦلو ٿي وسامي ويو، ڪو واٽ ويندڙ ذري گهٽ کليل گٽر ۾ ٿي ڪريو ۽ اسين نوجوان وات پٽيو آنٽي گُل بَهار کي وکون کڻندي ڏسندا رهجي وياسين.
اِهو آچر جو ڏينهن هو، صبح جا ڏهه ٿيا هئا. هوءَ ڀريل بُت، اُڀريل ڇاتين، وڏي پولهه ۽ فٽنگ واري چولي سان بنا ڊپ ڊاءُ جي نوجوان ڇوڪريءَ وانگر وکون وڌائيندي رهي، سندس چولي جو گلو ايترو ويڪرو هو جو ان مان ڇاتيون ۽ انهن جي وچين ليڪ نظر پئي آئي. کيس ڪلهن کان چني ويڙهيل هئي. وچين سينڌ واري گُل بَهار جي وارن جون ٻه چڳون ڳلن کي ڇهي رهيون هيون. سرخي چپن کي ائين لڳل هئي جو چپن جي پڇڙين جي ٻنهي پاسي هڪ سنهي ليڪ هئي، جنهن سان سندس چپ وڌيڪ سهڻا پئي لڳا. گهاٽيون پنبڻيون ڇنڀيندي جڏهن هن هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي نهاريو ٿي ته ڪجهه پلن لاءِ ڄڻ ڌرتي ڪشش ثقل کان آجي ٿي وئي هجي. ڳورا ڳورا ڳل سج جي سوجهري ۾ وڌيڪ چمڪڻ لڳا. هن جي گهاٽن ڪارن وارن واري چوٽي سونهري گوٽي سان ٺهيل سڳيءَ سان ويڙهيل هئي ۽ پيلي وڳي ۾ هوءَ سورج مکيءَ جو گل پئي لڳي. هن جي ڄمار جو اندازو لڳائڻ بنهه ڏکيو هو. سندس هٿ ۾ کنيل ٽوڪريءَ کي لوڏيندي هوءَ ڀاڄي واري چتون رام جي ريڙهي تي بيهي رهي. تيستائين حلوائي مٺي مل کي محسوس ٿيو هن جو هٿ سڙيو آهي، ڌني ڌوٻي کي پتو پيو ڪوٽ تي استريءَ جو نشان ڇاپجي ويو آهي. حاجن حجام ساريو ته هن گراهڪ جي ڪن کي ٽڪو ڏنو آهي. تورو پير تي ڪرڻ سبب چتون رام کي پير ۾ سور ٿيو ۽ هاشم هوٽل واري کي چانهه هارجڻ جو احساس ٿيو. مون به ان وقت ئي سمجهيو ته منهنجو وات دوست سوڌو اڃان تائين ڦاٽل آهي. بند ٿئي به ڪيئن ها پهريون ڀيرو پاڙي ۾ حسن جي ديوي نظر آئي هئي.
هن چتون رام جي ريڙهي تان ڳاڙهو ٽماٽو هٿ ۾ کنيو، اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو هو ته هن جا ڳل وڌيڪ ڳاڙها آهن يا ٽماٽو. اسين ان انتظار ۾ هئاسين ته ڪڏهن ٿا هن جا چپ چُرن ۽ آواز ڪنن تائين پهچي.
”ٽماٽا گهڻي ڪلو آهن؟” هن اگهه پڇيو. ماکي لار جهڙو مٺڙو آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو. چتون رام کي ويساهه ڪين پئي آيو ته ڪا ايڏي سهڻي عورت هن کان ڀاڄي وٺڻ اچي سگهي ٿي، هيستائين پاڙي جون سڀئي چٻيون ڦڏيون، چيلهه تي هٿ رکي هلندڙ، بي ڊوليون، ٿُلهيون ۽ جهيڙاڪ عورتون هن جون گراهڪ هيون. ڪجهه پلن لاءِ هن کان آواز ئي ڪين پئي نڪتو.
“پنجاهه رپيا ڪلو.” نيٺ هن هٻڪندي چيو.
“چاليهه رپيا ڏينديس، ڪلو توري ڇڏ.” هن وري ڳالهايو ۽ هر ماڻهوءَ جون اکيون هن کي تڪڻ لڳيون.
هن چتون رام کان ڪجهه ڀاڄيون ورتيون. ميوي واري کان صوف ۽ ڪيلا ورتا. حلوائي کان جليبيون ورتيون. سامان ٽوڪريءَ ۾ رکي هوءَ گهر هلي وئي.
“دل نواز جا ڀاڳ ته ڏسو، صفا پدمڻي هٿ ڪئي اٿس.” مٺي مل حلوائي چيو.
“مٺا ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس، پر يار ساڙ ٿئي ٿو. هن ڄمار ۾ ههڙي ملوڪ مائي جهڙي راڻي هجي ڪنهن کي ملي وڃي ته باقي ڇا کپي.” هاشم هوٽل واري چيو.
منهنجو ۽ دوست جو به اهوئي خيال آهي ته پاڙي ۾ گُل بَهار جهڙي سهڻي مائي ڪا ٻي ناهي. ان رات منهنجي بي چيني اوج تي هئي، تڏهن مون رات ڌاري سٿڻ آلي ڪئي. منهنجي خيالن ۾ آنٽي گُل بَهار هئي. هن جون نرم نرم ٻانهون، اڀريل ڇاتيون، سندس خوشبوءِ سان هٻڪاريل هوا منهنجا هوش خطا ڪري ڇڏيا آهن. توهان جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور آيو هوندو ته آئون ڪير آهيان؟
آئون پير بخش عرف پپو، گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٻارهين ڪلاس جو شاگرد آهيان. ٿي سگهي ٿو ٻيو سوال اهو ذهن ۾ آيو هجي ته ههڙي جديد دور ۾ به منهنجو نالو پير بخش ڇو آهي؟ اها بابا جي مهرباني آهي. منهنجي ڏاڏي جو ٽيجهو هو، بابا وارن اڃان تڏو ويڙهيو ئي مس هو جو آئون امان جي پيٽ ۾ لتون هڻندو دنيا ۾ اچڻ لاءِ آتو هئس. ان ڏينهن منهنجو جنم ٿيو. بابا کي لڳو سندس بابو يعني ڏاڏا منهنجو روپ مٽائي وريو آهي. ائين منهنجو نالو پير بخش رکيو ويو. دنيا ۾ هڪ مون کي پنهنجي نالي کان نفرت آهي ۽ ٻي پاڙي ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندڙ منظور مالشي کان. شڪر آهي جو امان پيار ۾ پپو سڏيندي آهي، ان ڪري پاڙي ۾ سڀئي مون کي پپو چوندا آهن. بابا آباديءَ جي ڀلائي واري کاتي ۾ ڪم ڪندو آهي، جتي هو ماڻهن کي ٻار گهٽ ڄڻڻ ۽ ڪنڊوم استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏيندو آهي. سرڪاري ڪنڊوم مفت ۾ ورهائيندو آهي، پر تڏهن به ملڪ جي آباديءَ تي ڪو ضابطو ڪونهي آيو، ايندو به ڪونه ڇو ته بابا پاڻ ئي ڪڏهن ڪنڊوم استعمال ڪونهي ڪيو. ڪري ها ته اسين ڇهه ڀائر ڀينرون ڪونه پيدا ٿيون ها، جيڪي ٽن ڪمرن جي گهر ۾ هڪٻئي سان ٽڪرائيندا رهندا آهيون. بابا جي سڀ کان وڏي وندر اخبار پڙهڻ آهي، شام جو آفيس کان واپس اچي هو چانهه پيئندو آهي ۽ پوءِ اخبار کڻي جيئن آرام ڪرسيءَ تي ويهندو آهي ته سج لاهي ڇڏيندو آهي. بابا اخبار پڙهندو ناهي، پر اخبار چٽيندو آهي، هر ننڍي وڏي خبر غور سان پڙهندو آهي. سڀئي ڪالم ۽ ايڊيٽر کي لکيل خط به پڙهندو آهي. حڪيمن جي جنسي طاقت وار اشتهار به ڪونه ڇڏي. کيس پريمي جوڙن واريون خبرون جام وڻنديون آهن. مون کي ڊائجسٽي ڪهاڻيون وڻنديون آهن. ان ڪري آئون هر مهيني ڊائجسٽ وٺندو آهيان، انهن ۾ سسپينس ۽ سيڪس واريون ڪهاڻيون وڏي شوق سان پُڙهندو آهيان. امان کي منهنجو اهو شوق ڀانئين ڪونه ٿو پوي، پر تڏهن به آئون ڪڏهن ڪمري ته ڪڏهن ڇت تي وڃي ڊائجسٽ پڙهندو آهيان. اهي ڪهاڻيون پڙهي منهنجي بت ۾ ڪرنٽ ڊوڙندو آهي. هاڻي ائين ٿو لڳي ته ڊائجسٽي ڪهاڻين ۾ جيڪي سهڻيون عورتون آهن سي آنٽي گُل بَهار جهڙيون ئي آهن.
شام ڌاري آئون ڇت تي ڊائجسٽ پڙهي رهيو هئس. مون ڏٺو ته آنٽي گُل بَهار جي ڇت تي سندس ۽ مڙس جا ڪپڙا سڪا پئي. انهن ڪپڙن ۾ هن جا چولا، ساڙهي جا بلائوز ۽ بريزر هئا. ان مهل منهنجي دل چاهيو ته واءُ جو ڪو زوردار جهوٽو لڳي ۽ آنٽي گُل بَهار جي گلابي برا هوا جي هٿن وسيلي اڏامندي منهنجي مُنهن تي چُهٽي وڃي، آئون ان برا جو واس وٺان، ان کي ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻ وٽ سنڀالي رکان ۽ پوءِ واپس ڪرڻ بهاني هن جي گهر وڃان. آئون خيالن ئي خيالن ۾ آنٽي گُل بَهار سان اهو سڀ ڪجهه ڪري چڪو هئس جيڪو نوجوان هن وهيءَ ۾ حسين عورتن جو تصور ڪري ڪندا آهن. ان رات وري منهنجي سٿڻ آلي ٿي هئي.
ٻي ڏينهن جڏهن امان سڄي گهر جا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ مشين لڳائي ته هن منهنجي سٿڻ جي جاچ ڪئي، کيس ڪلف ۽ پيلاڻ نظر آئي. سندس منهن ۾ سر پئجي ويس.
“هي ڏسين پيو ڇوري جا ڪم؟” امان سٿڻ ڪاوڙ ۾ بابا کي ڏيکاريندي چيو.
“ڇا ٿيو آهي، ڪنهن جي ڳالهه پئي ڪرين؟” بابا اخبار مان نظرون هٽائي عينڪ جي شيشن مٿان اکيون کڻي نهاريو.
“هيءَ پپو جي سٿڻ آهي، سڄي ڪلف سان ڪڙڪ لڳي پئي آهي.” امان ناسون سڪيڙيندي چيو.
“پوءِ ڇا ٿي پيو، نوجوانيءَ ۾ ڇوڪرن کي ڪنٽرول ناهي رهندو.” بابا وري اخبار ۾ اکيون کُپائي ڇڏيون. امان ڪاوڙ ۾ سٿڻ مشين ۾ ڦٽي ڪئي.
هڪ ڏينهن شام ڌاري آئون ۽ قاسم ڪمي پاڙي ۾ رکيل ڀڳل بينچ تي ويٺا هئاسين ته آنٽي گُل بَهار چاچا دل نواز سان ويسپا تي نظر آئي. هن جا وار کليل هئا. هوءَ وهنجي نڪتي هئي. آلا آلا وار خوشبوءِ وکيري رهيا هئا. هن کي ساڙهي پاتل هئي جنهن جو بنا ٻانهن وارو بلائوز گلابي رنگ جو هو ۽ باقي ساڙهي تي به گلابي رنگ جا گل هئا. هوءَ مُرڪندي، سڀني کي ڏسندي ۽ دليون ڦٽيندي موڙ کان مڙي شهر ڏانهن هلي وئي. قاسم ڪمي ۽ آئون کيس تيستائين ڏسندا رهياسين جيستائين هوءَ اکين کان اوجهل ڪونه ٿي. قاسم ڪمي منهنجو ڪلاس فيلو آهي. سندس نالو قاسم آهي، پر ڪُمي ان ڪري چوندا آهيون جو هن جو ڪنڌ ۽ منهن صفا ڪمي جهڙو آهي. جڏهن هو ڪالر واري قميص پائيندو آهي ته سندس ڪنڌ ائين لڪي ويندو آهي جيئن ڪميءَ جو ڪنڌ سندس کوپي ۾، ان ڪري هاڻ هو بنا ڪالر واريون قميصون پائيندو آهي، پر تڏهن به ڪُمي لڳندو آهي.
“يار آنٽي گُل بَهار کي ڏٺئي؟ ڇا ته ڪشش اٿس.” قاسم ڪمي چيو.
“توکي هاڻ ڪشش نظر آئي آهي، مون ته پهرئين ڏينهن ڏٺو تڏهن کان ئي هوش وڃائي ويٺو آهيان.” مون وراڻيو.
“سهڻيون مايون سدائين بدشڪلا مڙس ڇو ڪنديون آهن.” ڪُمي پڇيو.
“سهڻيون مايون بد شڪلا مڙس ڪنديون آهن يا بدشڪلا ماڻهو سهڻين مائين سان شادي ڪندا آهن؟” مون سوال ڪيو.
ڪُمي ڪجهه دير لاءِ مٿو کنهيو. هن کي منهنجي سوال جو ڪو جواب ڪونه سُجهيو.
“مون کي لڳي ٿو پئسو هجي ته بدصورتي لڪي ويندي آهي. چاچو دل نواز پاڙي جو امير ماڻهو آهي. ڪيترو پئسو اٿس اڄ تائين ڪنهن کي ڪا خبر ناهي.” مون جواب ڏنو.
آنٽي گُل بَهار سان پاڙي جون رونقون ٻيڻيون ٽيڻيون ٿي ويون. هر اک هن کي ڏسڻ لاءِ آتي هوندي آهي، هر دل هن لاءِ ماندي آهي، پر هوءَ پنهنجي دنيا ۾ گم رهندڙ عورت آهي. هڪ ڏينهن منجهند ڌاري گهر جي در تي کُڙڪو ٿيو. مون در کوليو ته آنٽي گُل بَهار سامهون هئي. ان وقت منهنجي هٿ ۾ ڊائجسٽ هو ۽ هن جي هٿ ۾ ٻوڙ جي وٽي هئي. هوءَ اڇي جوڙي ۾ هئي. مون کيس پهريون ڀيرو ايترو ويجهي کان ڏٺو هو. سندس وار وانگوڙو ٿيل هئا، مون غور سان نهاريو هن کي چاڙي تي ڪارو تر هو. ڪجهه پلن لاءِ هن جي بنا ڪجل وارين اکين کي ڏسي پڊپهڻ ٿي ويس. هن جي ڳچيءَ جون سايون نسون صفا چٽيون پئي نظر آيون. سندس بدن جي سڳنڌ منهنجي نڪ تائين پهتي ته اندر ئي ٺري ويو. وڏيون ڇاتيون چنيءَ سان ڍڪيل هوندي به اُڀيون هيون. پگهر جي هڪ ليڪ هن جي نراڙ کان ٿيندي ساڄي ڳل تائين پهتي ۽ اتي پگهر ڦڙو بڻجي بيهي رهيو. دل چيو ڄڀ سان اهو پگهر ڦڙو چٽي وٺان يا هن جي چيري جهڙن چپن کي چمي انهن جو رنگ پنهنجن چپن تي هڻي ڇڏيان.
“ڪهڙا حال آهن پپو؟” هن منهنجي ٻنهي ڳلن کي آڱرين ۽ آڱوٺي سان دٻائي ٻچڪاريو. ان کان اڳ جو آئون پنهنجو حال بيان ڪريان هئا، امان در تي اچي پهتي.
“گُل بَهار تون؟”
“ها ادي صالحيان، اڄ ٻاڪرو رڌو اٿم، مون سوچيو اوهان کي ڏيان.” هن ٻوڙ جي وٽي امان ڏانهن وڌائي.
“اچ ويهه، پاڻي پيءَ گرمي گهڻي آهي.” امان کيس صلاح هنئي.
“آئون وڃان ٿي، گهر جو ڪم جام پيو آهي، دل نواز کي ماني به موڪلڻي اٿم. پوءِ ڪنهن مهل اينديس.” هوءَ وڃڻ لاءِ مڙي، ڪجهه وکون کڻندي ئي بيهي رهي ۽ پويان وري.
“پپو مون کي به ڊائجسٽ وڻندا آهن، مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندين، پوءِ ڀلي تون واپس وٺي وججانءِ.” هن ڊائجسٽ وٺڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳيان وڌايو.
آئون ڪنهن گونگي جيان بيٺو رهيس، مون کيس ڊائجسٽ ڏنو، سندس هٿ جون آڱريون منهنجن آڱرين کي ڇُهي ويون. اندر ۾ ڪيئي ساز وڄي ويا. جيئن هڪدم سوين گهنٽيون گڏ وڄنديون هجن. ڪنن ۾ بيٿوئن جي سمفني ٻُرڻ لڳي. هوءَ هلي وئي. آئون گهڻي دير تائين آرسيءَ ۾ پنهنجي منهن کي ڏسندو رهيس جنهن کي هُن آڱرين سان ڇُهيو هو. اهو منظر ذر ذر منهنجن اکين آڏو ڦرندو رهيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون سوچيو ته ڊائجسٽ واپس وٺڻ بهاني آنٽي جي گهر وڃان. شام ڌاري آئون سندس گهر ويس. در کڙڪايم، چاچا دل نواز در کوليو.
“پپو تون، هليا پٽ اندر اچ.” چاچا دل نواز مُرڪندي مون کي گهر اندر وٺي ويو. هن مون کي ويهڻ لاءِ چيو.
“بابا ٺيڪ آهي. ڪيئن اچڻ ٿيو؟” هن پڇيو.
“چاچا، چاچي ڊائجسٽ وٺي وئي هئي، اهو کڻڻ آيو آهيان.”
“گُل بَهار، پپو آيو آهي.” هن آنٽي کي سڏيو.
هوءَ رڌڻي مان چاچا دل نواز ۽ مون لاءِ چانهه ڪاڙهي کڻي آئي.
“پپو، ڪيئن آهين، ڊائجسٽ جي ياد اچي وئي. مون پڙهي ڇڏيو آهي، تون ڀلي کڻي وڃ، پر ان شرط سان ته ايندڙ شمارو به مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندين.” هُن مُرڪندي چيو.
“ها ضرور.” مون هٻڪندي چيو.
“چانهه پيءَ.” هن چانهه جو ڪوپ مون ڏانهن وڌايو.
آنٽي گُل بَهار سان ڊائجسٽ جي مٽاسٽا جو سلسلو هلندو رهيو، پر ڪڏهن به ايتري همت نه ڪري سگهيس جو هن کي ڇُهي سگهان. هن کي ڀاڪر پائي سگهان يا ڪڏهن هن کي اهو چئي سگهان ته هوءَ مون کي ڪيتري ٿي وڻي. هڪ رات دير سان آنٽي گُل بَهار جي گهر ايمبولينس آئي. خبر پئي ته چاچي دل نواز جو بلڊپريشر وڌي ويو. هن کي آنٽي گُل بَهار تڪڙ ۾ اسٽروڪ سينٽر وٺي وئي. هو بچي ويو، پر سندس بُت جو ساڄو پاسو ڪم ڇڏي ويو. هڪ واڇ ڦڏي ٿي وئي. هاڻ هو پلنگ تي ليٽيل هوندو آهي ۽ سندس زندگيءَ جون سڀئي رنگينيون موڪلائي ويون آهن، هاڻي هن جي زندگيءَ ۾ جيڪا رنگين شيءِ آهي سا سندس پلنگ تي وڇايل چٽڪين واري چادر آهي. پاڙي ۾ چاچي دل نواز جي بيماريءَ لاءِ جيڪي ڳالهيون هُلايون ويون، انهن ۾ هڪ ڳالهه اها به آهي ته هو وياگرا جو وزن سوايو هڻي ويو. جنهنڪري کيس اڌ رنگ ٿيو آهي. آنٽي هن جي خدمت ڪندي رهي. ڊاڪٽرن کيس کري ويل پاسي ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ مالش ڪرڻ ۽ ڪجهه ورزشيون ڏسيون، سي به ٿيڻ لڳيون. نيٺ آنٽي گُل بَهار چاچي دل نواز لاءِ باقاعدي ماليشي رکي ڇڏيو. اهو منظور مالشي آهي. ڏاگهه مڙس، ڪارو دانگ، وڏن شهپرن وارو، پنهنجي قد ڪاٺ ۾ بنهه سگهو ۽ هن جي اکين مان مون کي سدائين وحشت ٽمندي نظر ايندي آهي. هو پاڙي ۾ تيل جون ٽي چار شيشون ڇڻڪائيندو، ڪلهي تي ٽوال رکي گراهڪ ڳوليندو رهندو آهي، پر هاڻ چاچو دل نواز هن جو پڪو گراهڪ هو. جنهن جي مالش ڪرڻ هو روز شام جو گهر ويندو آهي. مالش جو سلسلو هلندو رهيو. چاچو دل نواز وقت کان اڳ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ويو. هاڻ هن کان ڳالهاءُ به ڪونه نڪرندو آهي. رٽائرمينٽ تي هن کي ججها پئسا مليا. نيٺ هڪ ڏينهن چاچي دل نواز جي ڌڙڪندڙ دل بيهي رهي. هو سڄي ملڪيت آنٽي گُل بَهار جي نالي ڪري ويو. دل نواز جي تصوير آنٽي جي دل مان نڪري سدائين لاءِ ڀت تي ٽنگجي وئي. آنٽي گُل بَهار عدت جو وقت گذارڻ لاءِ پنهنجن مائٽن ڏانهن هلي وئي.
تڏهن مون کي سوجهري جو ترورو نظر آيو. هاڻ چاچي اڪيلي آهي، آئون هن سان دل جي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي سڀ ڪجهه چئي ڇڏيندس.
هڪ شام آئون ۽ قاسم ڪُمي آنٽي بابت ڳالهائي رهيا هئاسين ته چاچي دل نواز جي ڪار موڙ کان مُڙي پاڙي ۾ داخل ٿي، جيڪا گُلن سان سينگاريل هئي. جنهن جي بانيٽ ۽ دروازن تي گلن سان “شادي مبارڪ” لکيل هو. جنهن کي آنٽي گُل بَهار پاڻ ڊرائيو پئي ڪيو. سندس ڀر واري سيٽ تي جنهن ماڻهوءَ کي اسان ڏٺو اهو سنڌي ٽوپي پاتل ۽ بوسڪي جي وڳي ۾ ڪو ٻيو نه، پر منظور مالشي هو. اهو منظر ڏسي منهنجن حسرتن انهيءَ مهل آپگهات ڪري ڇڏيو.
اُن مهل چتون رام کان ڀاڄي تورڻ وارو ڪلو جو تورو ساهميءَ ۾ رکڻ بدران پير تي ڪريو. مٺي مل جو هٿ ٻڙڪندڙ تيل ۾ پيو. حاجن حجام جي پاڪي گراهڪ جي ڳل تي وهي وئي. هاشم هوٽل واري جي چانهه ديڳڙيءَ مان اُڀامي هارجي وئي. ڌني ڌوٻي وري ڪنهن گراهڪ جي قميص ساڙي ۽ منهنجون اکيون سڙڻ لڳيون. مون کي لڳو، آنٽي گُل بَهار جي ڪار جا ٽائر سيني تان ڦرندا منهنجي دل کي ڇيڀاٽي ويا آهن. اکين آڏو اونداهه ڇانئجي وئي. بُت مان ساهه نڪري ويو ۽ چڪرائجي زمين تي وڃي ڦهڪو ڪيم. منهنجو دوست قاسم ڪُمي مون کي ڌونڌاڙيندو پپو… پپو… چئي سڏيندو رهيو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو