ڪهاڻي: ساهيڙي
Zahida Abro
صحافي، ڪهاڻيڪارا، شاعره، ڪالم نگار
اڄ صبح جو رڌڻي ۾ نيرن ڪندي امان وڏي ۽ امان ٻئي پاڻ ۾ ڪجهه سُس پُس ڪري رهيون هيون، اهڙو ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو جو ٻئي ڄڻيون ڏاڍي پيار سان گڏجي ويهي ماني به کائينديون هيون ته ڪنهن ڪچهري به ڪنديون هيون. گهڻو ڪري ته مون کين هڪٻئي کان ڌار ڌار ڏٺو آهي. پوءِ بابا کين ويهاري وري پرچائي وٺندو آهي. بابا امان سان ٻي شادي صرف ان ڪري ڪئي جو امان وڏي کي ڪو ٻار ڪونه هو. اڄ ڏاڍو خوشنصيب ڏينهن هو جو ٻئي ڄڻيون هڪٻئي جي ڪنن ۾ سُس پُس ڪري رهيون هيون، اهڙي ڪا ڳالهه هئي جا منهنجي ٻڌڻ جي نه هئي. تڏهن رازداريءَ سان ڳالهائي رهيون هيون. اڄ اسڪول جي موڪلڻ هجڻ ڪري مون به ناشتو امان وڍي ۽ امان سان گڏجي ويهي پئي ڪيو ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ منهنجي دل ۾ به هوران کوران شروع ٿي وئي سو ٿورو ويجهو ٿي سندن ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. ٻئي ڄڻيون اُڦراٽا ۽ تريل پٽاٽا به مزي مزي سان کائينديون پئي ويون ۽ لسيءَ جا ڍڪ ڀريندي، چاچي گلو ڪاسائيءَ جي زال چاچي مئنا جي ڳالهه ڪندي ٿوريون اداس ٿي ويون ۽ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ توبهه توبهه ڪندي ٿڌا ساهه ڀري رهيون هيون. مون به وجهه وٺندي کانئن پڇيو: “چاچي مئنا کي ڇا ٿيو آهي؟”
جنهن تي ٿوري دير لاءِ هو ٻئي چپ ٿي ويون ۽ منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳيون. ڪجهه سوچيندي امان وڏي چيو ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ متان اسڪول ۾ ڪنهن ساهيڙيءَ کي ٻڌائين، “مئنا گلو ڪاسائيءَ واري زال چري ٿي وئي آهي، کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ گدوءَ واري اسپتال کڻي ويا آهن سمجهئي.” هن ڄڻ مون کي سمجهائيندي اها ڳالهه چئي، سندس ڳالهه ۾ ڏاڍي ڳڻتي لڪيل هئي.
هوءَ چري ڇو ٿي آهي؟ مون سوال پڇيو، جنهن تي امان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چڙ مان دڙڪو ڏيندي چيائين، “توکي سوالن پڇڻ کانسواءِ ڪو ڪم آهي ئي ڪونه! هر وقت سوال مٿان سوال تڏهن ته سڀ تومان بيزار آهن..”
مان ٿورو هيسجي چپ ڪري منجيءَ تي سوڙهي ٿي ويهي رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته چاچي گلو ڪاسائيءَ جي زال ڇو چري ٿي وئي آهي؟ سندن گهر اسان جي گهر جي بلڪل سامهون آهي. مون امان وڏي ۽ امان کان ٻڌو هو ته ڪنهن وقت ۾ چاچي مئنا ڏاڍي سهڻي هوندي هئي، سندس ڳورو رنگ، ڪارا ڊگها وار ۽ نشيلا نيڻ، سنهڙو سيپڪڙو جسم مٿان وري قيامت جهڙو قد، مٿس ڪيتريون ئي عورتون عاشق هونديون هيون. مان ننڍي هوندي جڏهن به سندن گهر ويندي هئس ته هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ئي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چاچي مئنا ٿوري دير لاءِ ٻاهر نظر ايندي هئي، پر گهڻو نه. گهڻو ڪري هوءَ سندس ڪمري ۾ جتي جنڊيءَ سان جڙيل پلنگ ۽ ڪرسيون رکيل هونديون هيون، جنهن تي هوءَ ڪنهن نئين نويلي ڪنوار وانگر نرم هنڌ مٿان ليٽيل هوندي هئي. هرو ڀرو سندس ڪمري ۾ به ڪير وڃڻ جي همت نه ڪندو هو. سندس مڙس جي اچڻ وقت سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي رحمت جيڪا اڌ وهي کائي آئي هئي پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي مون کي ٻاهر ڌڪو ڏيندي چوندي هئي “هاڻي وڃ گلو اچڻ وارو آهي اهو ڪنهن کي به ڪونه سهي.” ذهن ۾ سوال اٿندو هو ته “ڇو؟” ايئن ڇو ٿي چوي. مان ته سندس گهر ۾ پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرين سان راند کيڏڻ ايندي هئس، جيڪي گلوءَ جون ڀائٽيون هونديون هيون.
چاچو گلو اهڙو ڇو آهي جو ڪنهن کي به گهر ۾ نٿو سهي؟ وري منهنجي ذهن ۾ سوال اٿندو هو. اسان ٻار سڀني پاڙيوارن جي گهرن ۾ ايندا ويندا ۽ کيڏندا رهندا هئاسين، پر هن گهر ۾ پابندي ڇا جي لاءِ لڳل هئي ۽ ڇو لڳل هئي؟
ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو ته چاچا گلو جنهن جو ڊگهو قد، بُت ڀريل، رنگ ڪڻڪائو، هيبت طاري ڪري ڇڏيندو هو جڏهن گهر ۾ گهڙندو هو ته سندس هٿ ۾ ڪات ۽ ڇريون هونديون هيون ۽ ڪپڙن تي رت لڳل هوندو هئس، ائين لڳندو هو ته ڄڻ هاڻي هاڻي ڪنهن جو خون ڪري آيو هجي يا اڃان به خون جي پياس اجهائڻ چاهيندو هجي. سندس چهرو هميشه سنجيده ۽ احساسن کان خالي هوندو هو. سندس ٻيا ڀائر جيڪي هڪ ئي ويڙهي ۾ رهندا هئا، اهي کانئس بنهه مختلف هئا. پنهنجن ٻارن ۽ زالن سان رلجي ملجي رهڻ وارا کل ڀوڳ ڪندي پيا گهر جي اڱڻ تي گهمندا هئا، پر چاچي گلوءَ جي ايندي ئي اڱڻ تي ڄڻ راڪاس گهمي ويندو هو ۽ ٻار ٻچا ڪنڊن ۾ لڪي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته مان امان وڏي ۽ امان سان گڏجي سندن گهر گهمڻ ويندي هئس، ڇو ته اتي مون کي پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرين سان راند کيڏڻ ۽ پينگهي ۾ ويهي لڏڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، سو گڏجي ويهي راند کيڏنديون هيون سين.
وري هڪ دفعو امان وڏي ۽ امان جي ڳالهين تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ مون ان ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ ٿي چاهيو ته چاچي مئنا آخر چري ڇو ٿي آهي؟ کيس چرين جي اسپتال ۾ ڇو داخل ڪيو ويو آهي؟ “مئنا به ته ڪونه مُڙي نه” امان وڏيءَ جي لفظن ۾ ڏک به هو ته گهري سوچ به. گرهه کي آهستي آهستي چٻاڙيندي ڪجهه سوچيندي چيائين، “ان ڪاري دونهين جهڙي نڀاڳي ڦاپوءَ کي ڪونه ڇڏيائين سندس ساهيڙائپ هڻي سندس گهر، سندس حُسن ۽ الهه تلهه چٽ ڪري ڇڏيو.” مٿان وري امان به امان وڏيءَ کي سُر وٺرائيندي چيو، “ها گلو ڪاسائي گهڻائي وس ڪيا ڦاپوءَ جي گهر اچڻ تي بندش به مڙهي، پر هيڏانهن هو نڪتو ناهي هوڏانهن ڦاپو گهر ۾ اندر گهڙي ناهي.” مون وري وچ ۾ هڪ سوال اڇلايو “امان ڦاپو ڪهڙي؟ اها ئي شيدياڻي جيڪا شادين ۾ نچندي ۽ ڳائيندي آهي.” مون ڦاپوءَ بابت وڌيڪ پڪي معلومات حاصل ڪندي چيو. مون کي سندس شادين ۾ رقص ڪندڙ نانگ وانگر لچڪدار جسم، ڪاري رنگ مٿان ڳاڙهي سرخي، ڊگهن هٿن تي لڳل ميندي، ڳوڙهي منهن تي لڳل لالڙي، ڀڙڪيلو ۽ چُست لباس، منهن تي موڙا، وات ۾ سوپاريءَ جو ٽڪر ۽ ان جا چاٻا اکين اڳيان ڦري ويا. تنهن تي امان مون کي اک ڏيکاريندي چيو، “ڇوڪري ڏاڍو ٿي ڳالهائين! پنهنجي عمر کان وڏا سوال ٿي پڇين.” آخر ۾ مون فيصلو ڪيو ته چپ ڪري ويهان ۽ چپ چاپ امان وڏي ۽ امان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي پوءِ سڄي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيان ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيم.
“گلو مئنا کي هڙئي سُک به ڏنا، پر مٿس شڪ ڪرڻ جي عادت ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿس مار موچڙي هڻي کيس دنيا جهان کان وڃائي ڇڏيو.” امان مانيءَ جو گرهه ٺاهيندي چيو، “مرد ذات آهي ئي اهڙي جو هو عورت کي پنهنجي ملڪيت ڪري ٿو ڀانئين، پاڻ ٻاهر ڀلي هر جاءِ تي نوس نوس ڪري، پر کيس عورت جي عورت سان ويجهڙائپ به قبول ناهي پوندي.” امان وڏيءَ لسيءَ جي گلاس مان ڍڪ ڀريندي پوتيءَ جي پلئه سان پنهنجون واڇون صاف ڪندي چيو، جيڪي لسيءَ جو ڍڪ ڀرڻ سان اڇيون ٿيو ويون هيون. “مرد ته هميشه کان ئي عورت سان ائين ڪندو آيو آهي. ها ڪڏهن ڪڏهن رات جو مئنا جون رڙيون ۽ ڪوڪون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته سندس مڙس مٿس ڪيڏو نه جسماني ۽ ذهني تشدد ڪندو هو، ويچاريءَ کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو.” هاڻي امان خالي ٿانو هڪٻئي جي مٿان رکندي بورچيخاني کي صاف ڪندي چيو.
مون کي ڄڻ پنهنجن سوالن جا جواب ملڻ لڳا، شيون آهستي آهستي سمجهه ۾ اچڻ لڳيون. ڇو ته مان اخبار جهان ۾ “تين عورتين تين ڪهانيان” ڏاڍي شوق سان پڙهندي آهيان، ان ڪري چاچي مئنا جو قصو به سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي. اڪثر مون چاچي مئنا ۽ ڦاپو نچڻ واريءَ کي گڏ ويهي کلندي ۽ هڪ ئي پن واري ٻيڙيءَ مان گڏ دونهان ڪڍندي ڏٺو هو. مون کين ننڍي هوندي کان شادين ۽ ڪاڄن ۾ هڪٻئي سان سوانگ ڪندي به ڏٺو هو. سندن برادريءَ جي شادين ۾ گهور جي نوٽن کي سندس ڳلن تان چهنڊڙي پائي کڻندي به ڏٺو هو، سندن ايتري محبت ۽ ويجهڙائپ سڄي پاڙي اوڙي ۾ ڪنهن باهه وانگر خبر بڻجي پکڙيل هئي ۽ سندس مڙس تائين به خبرون پهتل هيون، پر ڇا هڪ عورت کي ايترو به حق نه آهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن عورت کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکي سگهي. اهو هڪ ٻيو سوال هو جيڪو منهنجي ذهن ۾ اڀرڻ لڳو. ڇو ته هي ٻئي مايون هڪٻئي کي “ساهيڙي” ڪري سڏينديون هيون. ڇا ساهيڙائپ سندس عظيم گناهه هو جو کيس جسماني ۽ ذهني اذيت جو شڪار بڻايو ويو؟ اڄ هوءَ حسين عورت هڪ جهنم جي واديءَ ۾ ڌڪجي وئي آهي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هوءَ اتان ڪڏهن واپس به نڪري سگهندي يا اتي ئي دفن ٿي ويندي؟
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟