دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر: محقق، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر راز شاهاڻي
Dr Rafique Baloch ڊپٽي ائڊمنسٽريٽر زڪوات، اوقاف، مذهبي امور، زڪوات ۽ عشر ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ.
ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، محقق (سنڌي)
ربڏني (راز) ولد سائين بخش شاهاڻيءَ 15 جولاءِ 1976ع تي تعلقي جوهيءَ جي ڪاڇي واري جابلو ۽ صحرائي علائقي ۾ ڇني ۽ ٽنڊو رحيم خان شهرن وچ ۾ قائم هڪ ننڍي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1992ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان انٽرميڊئيٽ بعد هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2001ع ۾ گريجوئيشن ۽ 2003ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. ماسٽرز جو امتحان هن سنڌ يونيورسٽي طرفان قائم ڪيل امتحاني مرڪز، سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ ڏنو. ڊاڪٽر راز شاهاڻي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪورس ورڪ کانپوءِ “ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اخلاقي قدر” عنوان سان تحقيقي مقالو لکي 2019ع ۾ ماسٽر آف فلاسافي (ايم فل) جي سند ورتي. سال 2025ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان سيمسٽرز جي ڪامياب پڄاڻيءَ تي “سنڌي شاعريءَ تي سياسي سماجي تحريڪن جو اثر” عنوان سان مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ماڻي. کيس پهرين نوڪري تعليم کاتي ۾ فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر طور ملي ۽ سندس پهرين مقرري گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوبڪ ضلعي ڄامشوري ۾ ٿي، پر جلد ئي سندس اها نوڪري ختم ٿي وئي ۽ هن حيدرآباد ۾ صحافت جي شروعات ڪئي. روزاني تعمير سنڌ حيدرآباد، هفتيوار سنڌو مئگزين، روزاني شام حيدرآباد، هلچل، روزاني سوڀ ۽ طلوع حيدرآباد وغيره ۾ اسٽاف رپورٽر، سب ايڊيٽر ۽ انچارج طور ڪم ڪيائين. 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ۾ ڪانٽريڪٽ تي پبلڪ رليشنس آفيسر (PRO) مقرر ٿيو. ادبي بورڊ ۾ نوڪري دوران طارق عالم ابڙو جي غير موجودگيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي رسالي گل ڦل جو هڪ پرچو پڻ ايڊٽ ڪيائين. آگسٽ 2006ع ۾ تعليم ۽ خواندگي کاتي حڪومت سنڌ ۾ ايڊهاڪ تي سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ سندس پهرين مقرري استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ ٿي. بعد ۾ سندس حيدرآباد بدلي ٿي ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پريٽ آباد حيدرآباد ۽ گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس حيدرآباد ۾ سنڌي مضمون پڙهايائين. آگسٽ 2010ع ۾ ايڊهاڪ جو مدو پورو ٿيڻ بعد سڀني ايڊهاڪ ليڪچرارن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان انٽرويوز ورتا ويا، پر راز شاهاڻي انٽرويو ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو، جنهن سبب کيس 2010ع ۾ ليڪچرار جي نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويو. هن سال 2012ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ايڊيٽر جي پوسٽ لاءِ امتحان پاس ڪيو ۽ کيس پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن (پائيٽ) نوابشاهه ۾ 18هين اسڪيل ۾ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن ڪوششون وٺي پائيٽ شهيد بينظيرآباد مان سرڪاري تعليمي رسالو جاري ڪرايو ۽ ان جي ايڊيٽر طور مواد ۽ تعليمي سرگرمين وارين رپورٽن جي چونڊ، ترتيب ۽ ايڊيٽنگ جون خدمتون سرانجام ڏنائين. ڪجهه وقت سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشوري ۾ مقرر رهيو. ٿورو عرصو سنڌ حڪومت جي معذورن کي بااختيار بنائڻ واري کاتي Department for Empowerment of Persons with Disabilities ۾ ڪم ڪيائين. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد ۾ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
راز شاهاڻي 1995ع کان ادبي سفر جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي جاني اسحاق ملاح ۽ عزيز ڪنگراڻيءَ ڪئي. هن غزل، وائي، بيت، گيت، چئو سٽو، نظم ۽ قطعي وغيره جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ جماليات ۽ فطرتي حسن جي منظر ڪشي آهي. جيئن ته راز شاهاڻي جي جنم جو علائقو کيرٿر جي هنج ڪاڇو آهي، جنم ڀوميءَ جي حسين منظرن سندس ڪوتائن کي جلا بخشي. هن ڪاڇي جي جماليات ۽ کيرٿر پهاڙي سلسلن جا خوبصورت منظر پنهنجن شعرن ۾ پيش ڪيا. سندس شعرن ۾ هر هنڌ فطرتي ۽ جماليات سان ڀرپور منظرن جي عڪاسي ملي ٿي. ان سان گڏ سندس شعرن ۾ داخلي ڪيفيتون ۽ حسن و عشق جو اظهار پڻ ملي ٿو. راز شاهاڻيءَ جي شاعري ڪيترن ئي رسالن جيئن سماهي مهراڻ، نئون نياپو، نئين زندگي، سوجھرو، سارس، پارس، مومل، لهرون، پورب ۽ عبرت مئگزين وغيره ۾ شايع ٿي چڪي آهي. سندس شاعري ريڊيو حيدرآباد تي استاد امير علي خان، شبير شاهاڻي، سوڍي جوڳي ۽ ٻين فنڪارن پڻ ڳائي. هن ٻارڙن لاءِ پڻ نظم تخليق ڪيا. مشاعرن ۾ شرڪت ڪري شاعري پيش ڪئي ۽ داد ماڻيو. راز شاهاڻي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ (1) ٻارڙن جو شاهه (ٻارن لاءِ شاهه جي شاعري ۽ شرح تي مبني ڪتاب)، (2) لطيفي معلومات، (3) بلوچ ۽ عشق (ترجمو) ۽ (4) سهڻا قول (2003ع)، (5) قرت العين طاهره (ناول ترجمو)، (6) ڪلاسيڪي شاعري-فلسفو ۽ تاريخ وغيره شامل آهن. سندس ڪتابن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
بلوچ ۽ عشق: بلوچي لوڪ ڪهاڻين ۽ روايتن تي مبني 80 صفحن جو هي ڪتاب راز شاهاڻيءَ 2002ع ۾ اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو سنڌ بُڪ ڪلب نوابشاهه /حيدرآباد مان 2003ع ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ (1) حاني ۽ شاهه مريد (2) شيرين ۽ دوشين (3) ماهناز (4) سمو ۽ مست توڪلي (5) بيگم ۽ رئيس درويش (6) عزت ۽ مهرڪ (7) سامري (8) بيرگ ۽ گران ناز ۽ روايتن ۾ (1) بيوقوف ڪير آهي (2) چلتن ۽ ادريس (3) عقل ۽ امتحان ۽ (4) شرط شامل آهن.
ٻارڙن جو شاهه: 143 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري اپريل 2014ع ۾ شايع ڪرايو. ڪتاب جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. جڏهن ته پبلشر جو نوٽ اداري جي اڳوڻي سيڪريٽري الهڏني وگھيي لکيو آهي. مجموعي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا نصيحتن وارا چونڊ بيت جيڪي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل ۾ شايع ٿيا، آسان سمجھاڻي ۽ ڏکين لفظن جي معنائن سميت ڏنا ويا آهن. مجموعي ۾ ڪُل 132 بيت شامل آهن. ڪجھه بيتن سان موزون تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. هن سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اتي ڪم ڪرڻ دوران هن ماهوار گل ڦل جي پرچن مان بيت هٿ ڪري سهيڙيا.
قرت العين طاهره: سندس هي ترجمو ناول ايراني گھريلو ماحول جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن جا اهم ڪردار طاهره، مرضيه، تقي (طاهره جو چاچو)، طاهره جي ماءُ، نوڪرياڻي ۽ نوڪر يوسف آهن. هي هڪ گھٽ شخصي آزادي واري ملڪ “ايران” جي هڪ روشن خيال عورت قرت العين طاهره جي ڪهاڻي آهي. سندس هي ترجمو ناول پهرين ماهوار نئين زندگي حيدرآباد ۾ قسطوار ڇپيو جيڪو بعد ۾ سنڌ بُڪ ڪلب نوابشاهه/حيدرآباد ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. هن ناول جو سقراط سيتائيءَ پڻ “هُوبهو” نالي سان ترجمو ڪيو آهي جيڪو پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
ڪلاسيڪي شاعري-فلسفو ۽ تاريخ: هي شاهاڻي صاحب جو ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ لکيل تحقيقي مقالو آهي. مقالي ۾ محقق نه صرف ڪلاسڪ جي وصف بيان ڪئي، بلڪه دنيا جي ڪلاسيڪل ادب، ان جي تاريخ ۽ موضوعن کي پڻ بحث هيٺ آندو آهي. هي تحقيقي مقالو مجموعي طور ٽن بابن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڪلاسيڪي شاعري جي تاريخ، سماجي، سياسي ۽ فڪري حالتن جي بيان، ڪلاسيڪل شاعرن جي پيغام جي شرح ۽ سندس فلسفي سان گڏ تصوف جي پهلوءَ کي به اجاڳر ڪيو ويو آهي. شوڪت چاچڙ مطابق: “عام طور اساسي ۽ ڪلاسيڪي جو مطلب هڪ جهڙو ورتو وڃي ٿو. جڏهن ته ايئن ناهي. اساس جي لفظي معنيٰ بنياد، پيڙهه ۽ پاڙ آهي. اساسي شاعري کي (Basic Poetry) يعني بنيادي شاعري چئجي ٿو. جڏهن ته ڪلاسڪ يا ڪلاسيڪل جو مطلب اعليٰ قسم جو يا بهتر ۽ شاندار ٿيندو. هونئن ته دنيا جي ڪلاسيڪل ادب/شاعري جو ڪئنواس تمام گھڻو وسيع آهي، پر هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن تي پڻ ڳوڙهي تحقيق سان لکيو ويو آهي. ڪتاب جا پهريان ٻه باب ڪلاسيڪي شاعري، ان جي تاريخ، ان جي فڪري ۽ علمي اثر کان علاوه تصوف ۽ صوفياڻي شاعريءَ تي روشني وجھن ٿا. جڏهن ته ٽئين باب ۾ ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام مان فلسفياڻا مثال پيش ڪيل آهن.”
راز شاهاڻيءَ پنهنجي هن مقالي ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي ٻن دورن ۾ ورهايو آهي. پهرئين دور ۾ قاضي قاضن، مخدوم نوح سرور، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري جڏهن ته ٻئي دور ۾ ميون شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، روحل فقير، سچل سرمست، سامي ۽ خليفو نبي بخش خان لغاري شامل آهن. مقالي ۾ مٿي ڄاڻايل صوفي شاعرن جي چونڊ شعرن سان تصوف ۽ صوفي مت تي روشني وڌي وئي آهي ۽ شاعرن جا فلسفياڻا خيال اجاڳر ڪيا ويا آهن. دقيق لفظن بجاءِ سليس ٻوليءَ ۾ لکيل هي ريسرچ پيپر 150 صفحن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر راز شاهاڻي ڊراما ۽ اصلاحي فيچر پڻ لکيا جيڪي ريڊيو خيرپور ۽ حيدرآباد مان وقت بوقت نشر ٿيندا رهيا آهن. سندس پهريون ڊرامو 2003ع ۾ ريڊيو خيرپور تان نشر ٿيو. ان کانپوءِ هن ريڊيو حيدرآباد لاءِ 3 ڊراما لکيا ۽ 2003ع کان 2010ع تائين عورتن ۽ نوجوانن تي اصلاحي فيچر لکيا. سال 2010ع، 2011ع دوران ريڊيو پاڪستان لاءِ رپورٽنگ ڪيائين جيڪا قومي نشرياتي رابطي تي نشر ٿي. سندس لکيل سولو پليز سنڌي ٽيليوزن چينلن KTN، مهراڻ ۽ سنڌ ٽيليوزن تان نشر ٿيا.
راز شاهاڻي جوهي ۾ رهائش دوران سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو. ترقي پسند سنڌي ليکڪن جي ادبي تنظيم سنڌ رائيٽرز فورم جو به ميمبر رهيو. ڪجھه وقت مهراڻ ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي سان به منسلڪ رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد جو ميمبر ۽ ان جي مختلف ڪاميٽين جو پڻ عهديدار رهيو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟